‫سسپينس سان ڀرپور النگ اسڪرين پلي جي مڪمل ڪهاڻي‬

                                 ‫مامتا ۽ موت‬




                                ‫تحرير، مڪالما ۽ منظر ڪشي‬
                                                ‫ُ‬

                          ‫عبدالرزاق ميمڻ‬
‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫1 ‪Page‬‬
                                          ‫پيشڪش‬
‫ايڪٽ پهريون.‬
  ‫امير ترين بيواه شائسته منگي مري چڪي هئي، هن جي وفات ڪنهن الِء به تعجب‬
                                  ‫ُ‬   ‫ُ‬
    ‫جو باعث بڻيل نه هئي ڇو جو هوَء گذشسته ٻن هفتن کان هڪ اسپتال ۾ زندگيَء ۽‬
                                                ‫ُ‬         ‫ُ‬
   ‫موت جي ڪشمڪش ۾ هئي، تقريبن ڇهه مهنا پهرئين پوندڙ اوچتي دل جي دوري‬
                                                    ‫ُ‬
   ‫مان اهو اندازو ٿي پئي سگهيو ته هاڻ هن وقت زنده رهڻ الِء ڪي گهڙيون ئي باقي‬
    ‫بچيل آهن. دل جا فيملي ڊاڪٽر ته کيس ٻه مهنا پهرئين ئي ٻڌائي چڪا هئا ته ٻيو‬
             ‫ُ‬   ‫ُ‬     ‫ُ‬
                   ‫پوندڙ دل جو دورو هن جي باقي زندگيَء الِء هاڃيڪار بڻجي سگهي ٿو.‬
                                ‫ايڪٽ ٻيون (ڪٽ) فليش بيڪ پهريون‬
  ‫شائسته منگي پهرئين پوندڙ دوري مان بچي ته وئي هئي پر سندس شان ۽ شوڪت،‬
                        ‫ُ‬
‫داٻ ۽ دٻدٻي سان سندس ڳالهه ڳالهه تي چڻڻ ۽ چڙو چڙو انداز اڃا به باقي هو. هن ان‬
        ‫وڏائپيَء جي ڪري پنهنجي پوري زندگي ڪنهن کي به ڪجهه نه سمجهيو هو ۽‬
                          ‫ُ‬
 ‫هميشه ٻين کي حقير ڄاتوهو. هوِء پنهنجي ماحول ۾ رهندڙن ۽ ارد گرد جي عورتن‬
                            ‫۾ هميشه بددماغ ۽ نڪ چڙهي مغرور عورت سمجهي ويندي هئي.‬
                               ‫ُ‬
                                          ‫فليش بيڪ پهريون ختم‬
                               ‫ايڪٽ ٽيون (انٽرڪٽ) فليش بيڪ ٻيون‬
    ‫ٻه هفتا پهرئين هن کي وري هڪ ٻيو دورو پيو هو، جڏنهن هوَء ان وقت پنهنجي‬
   ‫قانوني مشيرن جي آفيس ۾ موجود هئي، اُتي ئي سندس حالت بگڙجي وئي هئي ۽‬
       ‫ُ‬                                 ‫ُ‬
‫اُهي ئي کيس اسپتال ۾داخل ڪرائڻ آيا هئا. شائسته جي اسپتال داخل ٿيندي ئي هاڻ‬
                                      ‫ُ‬
‫سندس چوگرد جي ماڻهن ۾ اهو چوٻول هو ته هو سگهوئي اهي لفظ ٻڌندا ته (شائسته‬
               ‫ُ‬
                                                                                                  ‫گبول مري وئي).‬


 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬     ‫2 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ڪي ستم ظريف ته اُهي به هوا جيڪي سندس زندگيَء ۾ ئي اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل‬
                                                ‫ُ‬
 ‫ڏسي چئي چڪا هوا ته هوَء بس مري چڪي آهي، پر ڪن خوش اُميد مائٽن جو اهو‬
                                                               ‫ُ‬
    ‫خيال هو ته هوَء ان ٻئي جان مار دل جي دوري کي به سهي ويندي. خوش اميدون‬
                                                                 ‫ُ‬
   ‫لڳائڻ وارن جو اميدون مٽي َء ۾ مليا ميٽ ٿيون يا نه ، ان باري ۾ ڪير به ڪجهه نٿي‬
          ‫ُ‬
 ‫چئي سگهيو، ڇو جو هن دفعي سندس وفات جو ڪارڻ دل جو بيهڻ ڪونه هو بلڪه‬
                                                                     ‫هن جو موت زهر کائڻ ڪري ٿيو هو.‬
                                            ‫فليش بيڪ ٻيون ختم‬
     ‫هيَء هڪ اهڙي پرولي هئي، جنهن تي ڪوبه يقين نه پئي ڪري سگهيو، يقينن ان‬
                                                     ‫ُ‬
   ‫معاملي ۾ ڪٿي ڪنهن کان ڪا غلطي پئي ٿي يا شايد اسپتال وارن ڪا غلط رپورٽ‬
  ‫جاري ڪري ڇڏي هجي. ڇو جو هن دُنيا ۾ آخر اُهو ڪير هو جيڪو شائسته منگيَء‬
                                                         ‫ُ‬
‫کي زهر ڏئي ماري ڇڏڻ جي خواهش رکندڙ هو جڏنهن ته هوَء اڳ ئي موت ۽ زندگيَء‬
‫جي وچ۾ بيڊ تي پئي هئي، اهڙيَء حالت ۾ هن کي زهر ڏئي مارڻ ته ائين ئي هو ته ڄڻ‬
                                                        ‫ُ‬
‫ڪو پاڻهين پنهنجي ڳچيَء ۾ ڦندو وجهي، ڦاسي کائي پنهنجو پاڻ آپگهات ڪرائي.‬


   ‫ماڻهون ته هڪ ٻئي سان بس اهو ئي تبصرو ڪندا پئي رهيا ته ( شائسته منگي ۽ ان‬
      ‫جو موت زهر کائڻ سان؟... ناممڪن! نهايت عجيب و غريب ۽ هرگز نه مڃڻ واري‬
                                                                                                    ‫ڳالهه هئي)‬
                                                                                                       ‫ُ‬
                                          ‫ايڪٽ چوٿون (انٽرڪٽ)‬
 ‫بس ٻي ان کان سواِء ڪا ڳاله يا هن خاص خبر تي ڪوبه شخص يقين ڪرڻ الِء ئي تيار‬
    ‫نه هو ته شائسته منگي! مرڻ کان پهرئين ٽهڪ ڏئي کِلي رهي هئي، وڏي آواز وارا‬
                      ‫ُ‬
  ‫ُ‬
‫ٽهڪ!، هيجاني يا چرين ماڻهن جيان وڏا ٽهڪ! جنهن ۾ خوف به هو ته پاگل پن به. اها‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫3 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫عورت جنهن عمر ڀر نه ڪنهن سان کلي ڳالهايو يا مسڪرايو هو، اُن عورت مرڻ وقت‬
 ‫ٽهڪ پئي ڏنا! پر اها حقيقت هئي ڇو جو اهو بيان انهن نرسن جو هو جن پنهنجي‬
                  ‫ُ‬                         ‫ُ‬
  ‫ڊيوٽي چيمبر ۾ شائسته منگيَء جا هيجاني ڪيفيت وارا ٽهڪ پاڻين ڪن ٻڌا هئا.‬
     ‫ُ ُ‬
                              ‫ُ‬    ‫ُ‬                        ‫ُ‬
‫بس اها ڳالهه الجهي هڪ ڳجهارت بڻجي چڪي هئي ته شائسته منگيَء جو موت زهر‬
  ‫کائڻ سان ۽ مرڻ کان پهرئين اهي ٽهڪڙا؟ هن کي زهر ڪنهن ڏنو هوندو؟ ڇو ڏنو‬
‫هوندو جڏنهن هوَء مرڻ واري هئي! هي هئا اهي سوال جنهن جو جواب گهربو هو ۽‬
                                           ‫ُ‬
                                                                                                 ‫موضوع به بڻيل هو.‬
                                         ‫(فليش بيڪ ٽيون شروع)‬
                                                 ‫ايڪٽ پنجون‬
 ‫شهرو اسپتال ۾ داخل ٿيندي رسپنشسٽ کان شائسته منگيَء جي وي آِء پي ڪمري‬‫ُ‬
              ‫ُ‬
‫جو نمبر معلوڪ ڪيو ۽ ان طرف وڌڻ لڳي. ڪمري جو دروازو ٿورڙو کليل هو ۽ ان تي‬
  ‫(نو وزيٽرز) جو بورڊ لٽڪيل هو پر ان هدايت تي عمل ڪرائڻ وارو ڪو به شخص يا‬
      ‫وارڊ بُواِء موجود نه هو، تنهنڪري شهرو بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ يا رڪاوٽ جي‬
             ‫ُ‬                       ‫َ ُ‬
                                               ‫ڪمري جو در پورو کولي اندر داخل ٿي وئي. (ڪٽ)‬
                                                  ‫ايڪٽ ڇهون‬
  ‫شائسته! ڏس آئون توالِء تنهنجي پسند چاڪليٽ ڪريم بسڪيٽ کڻي آئي آهيان.‬
         ‫ڏس ڪريم ۾ بهترين قسم جو چاڪليٽ مڪس ڪري بسڪٽ ٺاهيو ويو آهي.‬
                                                                  ‫تُهنجي پسند جا چاڪليٽي بسڪيٽ!‬


 ‫شهروَء شائسته کي گهڻا ئي ڀيرا مخاطب ٿي چيو پر هن کي ڪوما جهڙي ڪيفيت ۾‬
                 ‫ُ‬                                                  ‫َ ُ‬
‫ليٽيل شائسته طرفان ڪو به جواب نه مليو ۽ هوَء خاموش ۽ ستل هئي، هڪ لمحي الِء‬
                ‫ُ‬   ‫ُ‬

‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬        ‫4 ‪Page‬‬
                                          ‫پيشڪش‬
‫شهروَء سوچيو به ته هن کي جنجهوڙي جاڳائي مگر سگهوئي هن سوچي اهڙي ارادي‬
                  ‫ُ‬                                                ‫َ ُ‬
   ‫کان پاڻ کي باز رکيو ۽ چاڪليٽي بسڪيٽ جو پڙو کولي سندس ڀرسان واري ٽيبل‬
                               ‫ُ‬
                                                                     ‫تي رکي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳي.‬
                                                   ‫ايڪٽ ستون‬
     ‫شهروَء جي ٻاهر نڪرڻ شرط ئي شائسته ۾ ڄڻ ته ڪرنٽ اچي ويو، هن پنهنجون‬
               ‫ُ‬                                                    ‫َ ُ‬
     ‫ُ‬
  ‫اکيون کوليون، ليٽندي ليٽندي، ڇت کي گهوريندي ئي، هن هڪ هٿ وڌائي کليل‬
                                 ‫ُ‬
  ‫بسڪيٽ جي دٻي کي ڳولڻ لڳي ۽ دٻو هٿ ۾ اچڻ کان پوِء هن بنا نهارڻ جي ان دٻي‬
‫مان هڪ بسڪٽ ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ سامهون آڻي، ان جي ٻنهين پڙن کي ٻنهين هٿن‬
               ‫ُ‬
 ‫سان ٻه اڌ ڪري ،ان ۾ پيل چاڪليٽي ڪريم وري حصي جي چاڪليٽ کي هڙپ هڙپ‬
                                                                                        ‫ڪري چٽڻ شروع ڪيو.‬
                                                    ‫ايڪٽ اٺون‬
         ‫ٻاهر نڪرڻ واري دروازي وٽ ويندڙ شهرو وڃڻ کان پهرئين دروازي وٽ بهي‬
                                       ‫َ ُ‬
   ‫جهاتي پائي اهو چٽڻ جو منظر ڏٺو ۽ مسڪرائي ڏسي واپس هلي وئي. هوَء شائسته‬
                                       ‫ُ‬
‫جي ٻارن وانگر حرڪت مان گهڻي واقف هئي ۽ هن کي خوب اندازو هو ته ٻار ۽ وڏي‬
                                     ‫ُ‬
‫عمر وارا پوڙها فطري طور تي هڪ جهڙي هوندا آهن ما سواِء بدني واڌ جي. هوَء انهي‬
 ‫سوچن سان گهر پهتي ۽ پنهنجي روزمره جي گهرولي مصروفيتن ۾ مشغول ٿي وئي.‬
                                                       ‫ُ‬
                                 ‫(فليش بيڪ ٽيون ختم) ايڪٽ نائون‬
      ‫ٻئي ڏينهن، رات جو شهرو پنهنجي ڪچن ۾ ڊنر تيار ڪري رهي هئي ته سندس‬
                ‫ُ‬                                ‫َ ُ‬
 ‫اپارٽمينٽ جو ڊور بيل وڄڻ لڳو.(هن وقت ڪهڙي مصيبت اچي وئي؟ ) هن پاڻ سان‬
 ‫بُڙبُڙائيو! هو ڊنر ٺاهڻ وقت ڪنهنجي مداخلت برداشت ڪانه ڪندي هئي ۽ مانيَء‬
   ‫وقت ڪنهنجو گهر ۾ اچڻ سمجهندي هئي، هن کي خطرو هو ته ضرور ان وقت هن‬
                                      ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫5 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫جي ڪا واند پاڙي واري هوندي جنهن ٽائيم پاس ڪرڻ الِء هن جو بيل وڄايو هوندو،‬
 ‫۽ پوِء االئي ڪيتري دير رات تائين هو ان جو مٿو کائيندي رهندي ۽ هوَء ايترو وقت‬
              ‫ُ‬                            ‫ُ‬
‫ڊنر ڪرڻ کان محروم رهجي ويندي. بحر هال افسوس ۽ پرشانيَء جو پاڻ سان اظهار‬
                  ‫ڪري هوَء نه چاهيندي به اپارٽمينٽ جو دروازو کولڻ الِء اڳتي وڌڻ لڳي.‬
                                                                               ‫ُ‬
                                                  ‫ايڪٽ ڏهون‬
   ‫دروازو کوليندي ئي هن کي هڪ سپاهي در تي بيٺل نظر آيو، اها هن الِء بلڪل غير‬
        ‫معمولي ڳالهه هئي، هوَء ته اهو ڪڏنهن به سوچي نٿي سگهي ته ڪو پوليس وارو‬
                                                               ‫ُ‬
                                     ‫ڪڏنهن اچي هن جي اپارٽمينٽ جي در تي اچي سگهي ٿو.‬
                              ‫ايڪٽ يارهون (فليش بيڪ چوٿون شروع)‬
  ‫شهروَء هن سپاهيَء کي اڪثر گهر جي ٻاهران ڀاڄي وڪڻندڙن يا گاڏن تي فروٽ‬
                                                                   ‫ُ‬
  ‫وڪڻڻ وارن کان روزانون ڏهه رپيئن جو ڀتو وٺندي ڏسندي پئي آئي ۽ سودو خريد‬
                                             ‫ُ‬
                                                       ‫ڪندي هن ان سپاهيَء تي ڇوهه به ڪڍي هئي.‬
                                                          ‫ُ‬
                                                     ‫انٽر ڪٽ‬
                                  ‫جي! (شهروَء تعجب ۽ ڪرڙي اکين سان سپاهيَء پچڻ لڳيس)‬
                                          ‫ُ‬                     ‫ُ‬           ‫ُ‬
  ‫ميڊم! ڇا توهان ئي ڪجهه دير پهرئين مسز شائسته منگي صاحبه سان ملڻ اسپتال‬
        ‫ويا هئا؟ جي ها ته ان حوالي سان مان توهان کان ڪجهه سوال پڇڻ چاهيان ٿو.‬
                     ‫ُ‬         ‫ُ‬                                        ‫ُ‬
      ‫(هن نهايت ئي موئدبانه اندز ۾ شهروَء کان در تي ئي بيٺي پڇا شروع ڪري ڏني).‬
                       ‫ُ‬

    ‫هن جي سوال ڪرڻ جي جواب ۾ شهروَء سوچ ۾ هن کان اهو پڇڻ ٿي چاهيو ته (ڇا‬
                      ‫ُ‬
‫هاڻ ڪنهن بيمار جي اسپتال ۾ عيادت ڪرڻ به ڪو قانوني ڏوه آهي؟) ڇو جو هن کي‬
    ‫ته اهوئي علم هو ته بيمارن جي عيادت ڪرڻ جو حڪم ته رب پاڪ ڏنو آهي، پر هن‬
                               ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫6 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ڪجهه نه چيو ۽ خاموشيَء سان دروازي ۾ بيٺل سپاهيَء کي گهوريندي رهي.‬
                                                                           ‫ُ‬

‫هن کي خاموش انداز ۾گهوريندو ڏسي ويچارو سپاهي به نروس ٿي ويو هو ۽ نروس‬
 ‫کي لڪائڻ الِء هو پنهنجي جسم جي وزن کي ڪڏنهن هڪ ٽنگ تي ته ڪڏنهن ٻئي‬
 ‫ٽنگ تي شفٽ ڪندو رهيو، ڄڻ ته شهروَء سان ڳالهائڻ الِ ڪي مناسب لفظ ڳوليندو‬
                 ‫ُ‬
  ‫هجي. (ميڊم در حقيقت ڳالهه اها آهي ته... مان ٻڌائڻ آيو هوس ته ..) هو گڙٻڙائجي‬
                                 ‫ُ‬                                           ‫ُ‬
    ‫ويو هو. (درحقيقت توهان کي اسپتال جي رسپشنسٽ کان سواِء ڪنهن به مامور‬
‫نرس ته واضح طور تي سڃاتو ته ڪونهين پر رسپشنسٽ جو خيال آهي ته توهان ئي‬
     ‫اسپتال اچي ،کائنس ميڊم شائسته منگيَء جي ڪمري جو نمبر پڇيو هو ۽ ان ئي‬
                   ‫ُ‬
                                                                          ‫توهانکي ٻاهر ويندي ڏٺو به هو.)‬
   ‫شهروَء جي اکين ۾ سوال ۽ هن جي تمسخر واريَء ڳالهه، سپاهيَء کي وري بوکالئي‬
                                                         ‫ُ‬              ‫َ ُ‬
  ‫وڌو هو. (ڀال اهو ته ٻڌاِء ته ٺيلهي وارن کان ڏهه ڏهه رپيا اوڳاڙي ڪندي ڪندي، تو‬
                          ‫ُ‬                               ‫ُ‬
   ‫هاڻ بيمار ماڻهن جي تيماداري ڪرڻ وارن جي نگراني ڪڏنهن کان شروع ڪري‬
                                                                                                    ‫ڏني آهي؟‬
 ‫نه! نه!..... بيگم صاحبه! ..... اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهين (سپاهي گهٻراهٽ ۾ جلديَء سان‬
    ‫چئي ويٺو) توهانکي به خبر هوندي ته ميڊم شائسته منگيَء کي اسپتال ۾ ڪو زهر‬
‫ڏئي ويو آهي ۽ ڊاڪٽر چون ٿا ته اهو زهر، انهن ئي بسڪيٽن ۾ پيل هو جيڪو هن الِء‬
                                                                   ‫ڪو تيماداري ڪرڻ وارو کڻي آيو هو.‬


‫جي پوليس وارو شهروَء کي اهو چئي ڏي ها ته دُنيا جو خاتمو ويجهو پهچي ويو آهي‬
           ‫ُ‬
 ‫۽ چند گهڙين کان پوِء قيامت پئي اچي تڏنهن به شهروَء کي شايد ايڏي حيرت ئي نه‬
                            ‫َ ُ‬

‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫7 ‪Page‬‬
                                          ‫پيشڪش‬
‫ٿئي ها جيتري اهي جمال ٻڌي ٿي .‬
                                                                                ‫ُ‬

‫(ڪهڙي فضول قسم جي بڪواس پيو ڪرين؟ ) شهرو ڄڻ ته هٿن مان نڪتي پئي وئي!‬
                             ‫َ ُ‬
                                                                    ‫ُ‬
 ‫هن غرائيندڙ انداز اپنائي پوليس واري تي چڙهت ڪري ڏني ۽ اهڙيَء طرح ان طرف‬
    ‫وڌي، ڄڻ ته سرڻ وانگر المارو هو ۽ اجهو هوَء هاڻ سپاهيَء جي گريبان کي ٻنهي‬
                                     ‫ُ‬
                                                                                        ‫هٿن سان جهلڻ وٺندي.‬


      ‫هن جي ان غير توقع عمل سان پوليس وارو به خوفزده ٿي ٻه قدم پٺتي ٿيڻ لڳو ته‬
                    ‫ُ‬
‫پويان رکيل هڪ گملي سان ٽڪرائجي پيو. (مم... مونکي افسوس آهي ميڊم صاحبه..)‬
  ‫هن گملي سان ٽڪرائيندي چيو، (مهنجو مطلب اوهان کي اجايو پريشان ڪرڻ جو‬
                                        ‫ُ‬
    ‫ڪونه هو، مان ته بس پنهنجي ڊيوٽي پيو ڪريان ،ائين چئي هو، تيزيَء سان پوئتي‬
                                                                              ‫موٽي تڪڙو تڪڙو نڪري ويو.‬
                                                 ‫ايڪٽ ٻارهون‬
               ‫َ ُ‬                          ‫ُ‬
‫پوليس وارو ته اهو پڙهو گهمائي اتان نڪري هليو ويو پر پوِء شهرو هڪ وڏي عذاب ۾‬
                                                  ‫ُ‬
‫مبتال ٿي چڪي هئي، اهو بلڪل صحيح هو ته هوَء ئي اهوچاڪليٽي ڪريم بسڪيٽ‬
                            ‫ُ‬                        ‫ُ‬   ‫ُ‬        ‫ُ‬
   ‫جو پيڪٽ شائسته منگيَء جي الِء ٽيبل تي رکي آئي هئي، ۽ هن سوچڻ شروع ڪيو!‬
                          ‫ُ‬

‫پر کيس اهو پيڪٽ ته شائسته منگيَء جي ڌيَء زينب منگيَء ئي ڏنو هو. جنهن کي ئي‬
    ‫اها خبر هئي ته شائسته منگيَء کي ئي ان برانڊ جا چاڪليٽي ڪريم وارا بسڪيٽ‬
                                                                 ‫ُ‬
    ‫ڏاڍا وڻندا آهن. اها ته اهلل جي مهرباني يا شيطان جي بدقسمتي هئي ته مون اهي‬
                 ‫ُ‬
 ‫بسڪيٽ پاڻ ڪونه کاڌا هئا، نه ته هن وقت پنهنجي ساهڙي شائسته منگيَء جي جاِء‬
                                                    ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫8 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫تي مهنجي ئي ڪفن دفن جو بندوبست پئو ٿئي ها! معنيٰ ته در حقيقت زينب‬
                                                                     ‫ُ‬
                                                         ‫منگيَء هن کي ئي زهر ڏئي مارڻ پئي چاهيو!‬
                                                 ‫ايڪٽ تيرهون‬
‫هاڻ هن کان ڊنر ٺاهڻ به وسري وئي هئي ۽ هوَء ڪچن بدران البيَء ڏانهن وڌي سوچڻ‬
                                         ‫ُ‬
‫لڳي ته (آخر ڪهڙي ڳالهه هئي جو زينب منگي هن کي زهر ڏئي مارڻ پئي چاهيو؟ ڇا‬
                                                ‫ُ‬
‫ان الِء ته اسپتال جي بيڊ تي اچي پوڻ واري سندس ماُء پنهنجي ڌيُء جي هٿان ڪجهه‬
   ‫ُ‬
    ‫به وٺي کائڻ پيڻ نه پئي چاهيو؟ ڇا ان الِء ته مسز شائسته منگيَء کي پنهنجي ڌيَء‬
        ‫زينب منگيَء کان شديد نفرت ٿيڻ لڳي هئي؟ ۽ ان حالت ۽ مجبوريَء ۾ هن کي‬
                                        ‫ُ‬
  ‫پنهنجي غريب جاڙي ڀيڻ شهرو جي گهرج هئي؟ ۽ اها شائسته جي خواهش هئي ته‬
       ‫ُ‬                          ‫ُ‬   ‫ُ‬      ‫َ ُ‬
 ‫هن جي ڪنهن به مصيبت ۾ پوڻ وقت ديک بال سندس ڌيَء زينب بجاِء صرف جاڙي‬
  ‫ڀيڻ شهرو ئي ڪري؟ هون! ته کيس زهر ڏيڻ جو مطلب ئي اهو هو نه ته زينب منگيَء‬
                                                                   ‫َ ُ‬
‫کي اهائي ڪاوڙ ۽ ساڙ ٿيو ته متان سندس ماُء ان خدمت جي بدلي پوري ملڪيت جو‬
 ‫وارث ڌيَء زينب بجاِء ڀيڻ شهروَء کي نه ڪري ڇڏي؟ هون ! سمجهي ويس! ته اهو ئي‬
                   ‫سبب هو جو هن زهر ڏئي مونکي پنهنجي رستي تان هٽائڻ پئي چاهيو.‬
                                                          ‫ِ‬
                                                ‫ايڪٽ چوڏهون‬
       ‫هن جي دل چاهيو پئي ته هوَء هيئنر جو هيئنر ئي زينب جي اپارٽمينٽ ۾ وڃي‬
   ‫سندس ڇنڊ ڪڍي اچي، پر وصيت موجب ڀيڻ جي وفات کان پوِء، الش جي پوسٽ‬
 ‫مارٽم ۽ پوليس انڪوائريَء کان پوِء ملڻ جي انتظار ۽ سندس ماُء جي وفات جي رک‬
‫رکاُء جي ڪري، هن سوچيو ته ڀاڻيجيَء وٽ هن حالت ۾ وڃڻ بجاء هو َء کيس موبائل‬
‫تي ئي ڇو نه اڳواٽ ست سريون ٻڌائي، اهو سوچي هن موبائل تي زينب جو نمبر مالئڻ‬
                                              ‫ُ‬     ‫ُ‬
                                                                                                  ‫شروع ڪيو. (ڪٽ)‬
                                                                                                               ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬       ‫9 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ايڪٽ پنڌرهون‬
 ‫ٻئي طرف غم ۾غلطان، اکين ۾ ڳوڙهن سان ڀريل، سڻهنگون ڏيندڙ زينب منگي فون‬
                           ‫ُ‬
            ‫جو نمبر ڏسي شان سان ڏکدار انداز ۾ جواب ڏنو، (جي ماسي!) انٽرڪٽ‬
                                   ‫ُ ُ‬
    ‫(تو جيڪي مونکي بسڪيٽ کائڻ الِء ڏنا هئا انهن ۾ زهر ڀريل هو) زينب جو آواز‬
      ‫ٻڌندي شهروَء کيس زهرآلود لفظن سان اطالع ڪري هڪدم سيٽ کي بند ڪري‬
                                                                    ‫ُ‬
   ‫ڇڏيو. هن پنهنجي زندگيَء ۾ ڪڏنهن به اهڙيَء طرح ڳالهه ڪندي فون بند ڪون‬
  ‫ڪيو هو پر زينب جي ان حرڪت هن کي اهڙي روش رکڻ تي مجبور ڪري وڌو هو.‬
       ‫سيل هڪ پاسي رکي هوَء جاڙي امير ڀيڻ جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙي روئيندي رهي ۽‬
      ‫پنهنجي منهن ڳالهائڻ لڳي. (مونکي اها ڳالهه ٿاڻي تي وڃي ٻڌائڻ گهرجي جي‬
            ‫ُ‬      ‫ُ‬                                              ‫ُ‬
‫زينب اها حرڪت مونکي مارڻ الِء ڪئي هئي ته مون کي به هن جو ڪو خيال نه ڪرڻ‬
                                    ‫ُ‬
 ‫گهرجي ۽ هن کي ان جو بدلو ضرور ملي، ڪافي دير سوچڻ کان پوِء هن ان ڳالهه کي‬
  ‫منتقي انجام تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪري وڌو پر وري سگهوئي پاڻ کي فلحال‬
                                                   ‫ُ‬
   ‫ئين ڪرڻ کان باز رکيائين ۽ سوچيائين ته ڏسان ڳالهه ڪيستائين ٿي پهچي، جي‬
          ‫ُ‬
‫پوليس بسڪيٽ ڪري کيس انوالو ڪيو ته هوَء حقيقت تان پڙدو کڻندي.(انٽرڪٽ)‬
                                                ‫ايڪٽ سورهون‬
  ‫ٻئي طرف بند ٿيل سيٽ تي هلو! هلو!... ماسي!.. ماسي! سڏيندي زينب بند سيٽ کي‬
  ‫هٿ ۾ رکي حيرت ۽ اچرج سان گهوريندي رهي. سندس زندگيَء ۾ اهو پهرون ڀيرو‬
                                           ‫ُ‬
‫ٿيو هو جو ماسي شهروَء هڪ جملو چئي ، اهو به هن غمن جي گهڙيَء ۾ فون بند ڪري‬
‫ڇڏيو هجي. هوَء سوچڻ لڳي ته اهو بلڪل صحيح آهي ته اهو بسڪيٽن جو پڙو هن ئي‬
    ‫ُ‬   ‫ُ‬                                                   ‫ُ‬    ‫ُ‬
 ‫ماسيَء کي کائڻ الِء ڏنو هو، هوُء سوچڻ لڳي ته اهو بسڪيٽن جو پڙو ته کيس سندس‬
               ‫ُ‬
‫پٽ جاويد جي زال ڪنول کائڻ الِء ڏنو هو! (ان جو مطلب ٿيو ته سندس نُنهن ڪنول‬
                                                                        ‫ُ‬

‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫01 ‪Page‬‬
                                          ‫پيشڪش‬
‫کيس زهر ڏئي مارڻ پئي چاهيو؟) هوَء پنهنجي ماضيَء ۾ هلي وئي.‬
                             ‫ايڪٽ سترهون (فليش بيڪ پنجون شروع)‬
          ‫جڏنهن زينب جي پٽ ، جاويد منگيَء، ڪنول شيخ سان شادي ڪرڻ جو ارادو‬
                                                          ‫ُ‬
     ‫ڏيکاريو هو ته زينب کي ڪنول شيخ هرگز ڏسندي نه وڻي هو ذهني طور تي کيس‬
‫نُنهن ڪرڻ ۾ تيار نه هئي ان ڪري هن کيس رسمي طور به ڀليڪار ڪانه ڪئي جڏنهن‬
                                       ‫ُ‬          ‫ُ‬
   ‫جاويد کيس ماَء سان مالئڻ آيو هو، هن جا گهڻائي سبب ٿي سگهيا ٿي، وڏي ۾ وڏو‬
‫سبب اهو هو ته جڏنهن کان ڪنول شيخ جاويد جي زندگيَء ۾ قدم رکيو هو، هوَء پٽ‬
 ‫ُ‬
‫کان جدا ٿي چڪي هئي ۽ ڪنول شيخ جي گهروارن جاويد ۽ ڪنول کي علحده فليٽ‬
                                                   ‫ُ‬   ‫ُ‬      ‫ُ‬
‫وٺي رهڻ تي ئي شاديَء الِء آماد هوا نه تهو ماُء سان گڏ رهندو هو. هن جو پنهنجو ڌار‬
                                                ‫ُ‬
  ‫ڪاروبار هو ۽ هو هڪ بهترين زندگي گُذاري رهيا هئا جنهن ڪري هن ماُء شائسته‬
                            ‫ُ‬                                     ‫ُ‬
      ‫منگيَء کي به درگُذر ڪري ڇڏيو هو، جاويد جي پيُء جي وفات ٿي چڪي هئي ان‬
           ‫ُ‬   ‫ُ‬
   ‫ڪري هن جو خيال هو ته پٽ کي بيوه ماُء جو خيال رکندي جوائنٽ فيمليَء ۾ رهڻ‬
                                                    ‫ُ‬                ‫ُ‬
                                                        ‫کپندو هو ۽ هن جو اپارٽمينٽ به ڪشادو هو.‬
                                                                ‫ُ‬

        ‫زينب کي ڪنول جو نالو به ڪون وڻندو هو، هوَء سوچي سوچي پاڻ کي پريشان‬
     ‫ڪندي رهندي هئي ته (ڪنول!) مائي! ڀال اهو به ڪو نالو آهي، اهڙا ناال ته پرائمري‬
                                                                     ‫ُ‬
 ‫اسڪول جي ٻارن جي بيتن ۾ استعمال ٿيندا آهن، هوَء ڪنول جي مائٽن کي به گهٽ‬
     ‫وڌ ڳالهائيندي رهي ته جن پنهنجي ڌيَء جو اهڙو بيهوده قسم جو نالو رکيو ها،‬
       ‫عائشه رکن ها، نسرين رکن ها، ڪي سٺا ناال کُٽا هوا ڇا؟ انهن سڀني خيالن جي‬
                                  ‫ُ‬
 ‫باوجود به ڪي سندن تعلقات ايترا خراب ڪون هئا. اڳئين هفتي جي ته ڳالهه هئي‬
   ‫ُ‬                           ‫ُ‬
                         ‫جو ڪنول پنهنجي سس کي گهر ۾ گهرائي سندس ماني ڪئي هئي.‬
                            ‫ُ‬                   ‫ُ‬            ‫َ ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫11 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ايڪٽ ارڙهون‬
‫ماُء، پٽ ۽ نُنهن جي هن مانيَء جي دعوت به ان رات کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو هو اها‬
 ‫دعوت هڪ باربي ڪيو ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمري ۾ ٿي هئي ۽ ماني به واه جي ٿي هئي ،‬
     ‫ُ‬                       ‫ُ‬
          ‫ٽيبل تي ميڻ بتين جي روشنيَء ۾ ماني کاڌي پئي وئي، ڪنول به پاڻ سان هڪ‬
      ‫خوبصورت بُڪي به کڻي آئي هئي، زينب جو خيال هو ته مانيَء ختم ٿيڻ کان پوِء‬
                                                    ‫ُ‬
                                     ‫ُ‬
           ‫ڪنول اهو بُڪي کيس پيش ڪندي، پر برخالف ان جي هن پنهنجي سس کي‬
                ‫َ ُ‬
‫چاڪليٽ ڪريم جو هڪ بسڪيٽ جو پڙو پيش ڪيو ۽ ويندي مهل بُڪي کڻي ڪنهن‬
                                    ‫ُ‬
   ‫ساهڙيَء جي سالگره ۾ وڃڻ جو ارادو ڏيکاري کيس ۽ جاويد کي الوداع ڪري ٻاهر‬
                                                                                                    ‫نڪري وئي.‬
                                                ‫ايڪٽ اوڻيهون‬
 ‫چاڪليٽي بسڪيٽ جو اهو پٺڙو به پراڻو پئي لڳو، ڇو جو ان جي پيڪنگ به صحيح‬
                                        ‫ُ‬      ‫ُ‬
     ‫نه پئي لڳي، ڪنول کيس اهو بسڪيٽ جو پڙو ائين پيش ڪيو هوڄڻ ته کيس ڪو‬
                                   ‫ُ‬
            ‫دُهريَء جو سيٽ پيش پئي ڪري، ڪنول جي وڃڻ کان پوِء گهر اچي هوَء پاڻ‬
    ‫کي.تسلي ڏئي سمجهائيندي رهي، هوَء شيخ فيمليَء جي ماڊرن طور طريقن ۽ پاڻ‬
  ‫پڏائي اهميت وٺڻ جي اهميت کان ايتري واقف نه هئي. ۽ هاڻ کيس ماسيس شهروَء‬
                            ‫ُ‬
‫جو فون ٻڌي سمجهه ۾ اچي ويو هو ته ان دعوت ، ۽ کيس ڇڏي وڃڻ يا سڙيل بسڪيٽ‬
                                                              ‫ُ‬
‫جي پڙي ڏيڻ جو اصل مقصد ڇا هو، هن جي هڪدم وڃڻ جو به شايد اهو ڪارڻ هو ته‬
                                                                  ‫ُ‬
 ‫زينب متان اتي ئي بسڪيٽ جو دٻو ڏسي جاويد چکڻ الِء گهري يا هوَء پاڻ کولي پٽ‬
  ‫ُ‬                    ‫ُ‬
                                                                                            ‫يا کيس کائڻ الِء ڏي!‬
      ‫آخر ڪنول مونکي زهر ڏئي ڇو ٿي مارڻ چاهيو؟ (هوَء سوچي سوچي پريشان ٿي‬
 ‫چڪي هئي ) ۽ پوَء غور ڪرڻ کان پوِء هوَء سمجهي وئي ته ڪنول، ان دولت ۽ جائداد‬
                                                                      ‫ُ‬   ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬    ‫21 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫هٿ ڪرڻ الِء جيڪي هن جي نالي تي ماُء طرفان صرف کيس ڏنل هئي، شاديَء کان‬
                ‫ُ‬
  ‫پوَء جاويد ڪنول کي جنهن فليٽ ۾ وڃي رهايو هو اهو ننڍو هو ۽ هن کي به جاويد‬
‫سان پيار جي شادي زبردستي ڪرڻ تي مائٽن کان به ڪجهه ڪونه مليو هو. جڏنهن ته‬
                          ‫ُ‬
   ‫زينب وٽ مڙس جي دولت جو اضافي حصو به هو. بقول هن جي يقيبن اها ڳالهه به‬
                          ‫ُ‬                                    ‫ُ‬
  ‫هئي، الڙڪاڻي جي ڪنهن ڳوٺ کان لڏي ڪرچي ايندڙ اها ڇڇوري ،ڄٽ ، ڳوٺاڻي‬
    ‫فيملي ، سندس پٽ کي پيار ۾ ڦاسائي پٽ ذريعي سندس دولت ۽ جائداد تي قبضو‬
                                      ‫ُ‬
                                                                                                  ‫ڪرڻ ٿي چاهي.‬
 ‫مان هاڻ ان ڇوري ڪنول کي هرگز نه ڇڏينيديس! ڇا ٿي سمجهي پاڻ کي، مون ڪي‬
   ‫چوڙيون پاتيون آهن؟ (هوَء خودڪالمي انداز ۾ پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي) مان هاڻ هن‬
‫کي نه ڇڏينديس، هن ڄٽڻ مونکي!.. مونکي!.. مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ هاڻ اڳتي‬
‫جو ڪنديسانس، اهو ته پنهنجي جڳهه ته پوِء ڪنديس، فلحال کيس ٻڌائي ته ڇڏيان‬
             ‫ُ‬
    ‫ته، ڪميڻي ڇوري! آئون تُهنجي سازش کان واقف ٿي چڪي آهيان، تو مونکي زهر‬
                          ‫ُ‬
  ‫ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آ! اهو اهلل جو شڪر آ ته آئون ذري گهٽ بچي وئي آهيان اهو‬
‫خيال اينديئي هن پنهنجي پرس مان موبائل ٻاهر ڪڍي،ڪنول جو نمبر ماليو.(ڪٽ)‬
                                                  ‫ايڪٽ ويهون‬
        ‫ڪنول فون نمر ڏسي خوشگوار موڊ ۾ اٽينڊ ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳائي ۽ پنهنجي‬
              ‫روائتي انداز ۾ فون اٽينڊ ڪيو، (يئس ڪنول شيخ اسپيڪنگ) (انٽر ڪٽ)‬


  ‫زينب منگيَء کي ڪنول جو اهو انداز بلڪل ڪونه وڻيو هو خاص طور جڏنهن هوَء‬
   ‫هاڻ منگي فيملي ۾ پڻجي آئي هئي، ته کيس ڪنول منگي چوڻ گهربو هو. (آخر هو‬
                                             ‫ُ‬
    ‫ٻين وانگر هيلو ڇو نٿي چوي) ضروري آهي ته هر ڪال تي ماڻهن کي پنهنجو نالو‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬     ‫31 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ٻڌائجي (هن فون جي مائڪ تي هٿ رکي پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو) زينب ڪنهن به‬
                                                                     ‫ُ‬
  ‫ڳالهائڻ جي رسمي پروٽوڪول کي نظر انداز ڪري سڌو سئون پڇڻ لڳيس. (ڪنول!‬
                 ‫ُ‬
 ‫هن وقت آئون گهڻي اپ سيٽ آهيان! ڇو جو مونکي هاڻ ئي هاڻ خبر پئي آهي ته تو‬
   ‫مونکي اهي سڙيل زهريال چاڪليٽ بسڪٽ ڏئي مارڻ پئي چاهيو؟ زينب اهو چئي‬
 ‫ڪنول جي جواب ٻڌڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي! پر ائين رونما نه ٿيو ۽ ٻئي طرفان اهڙو‬
                                                            ‫ُ‬
  ‫سناٽو ٿيو ڄڻ ته ڪنول کي نانگ سونگهي ويو آهي. زينب ڪافي وقت تائين سيل‬
      ‫ڪن تي رکي جواب ٻڌڻ جي توقع ۾ انتظار ڪرڻ لڳي، جنهن سان ڪنول جي راز‬
                                                       ‫ُ‬
    ‫ظاهر ٿيڻ جي ڪيفيت جو اندازو ٿي سگهي پر، خاموشي! کيس وڌيڪ چڙائيندي‬
      ‫رهي ۽ هن صوفي تي پنهنجو سيٽ آف ڪري ڪاوڙ ۾ اُڇالئي ڇڏيو. (انٽر ڪٽ)‬
                                                ‫ايڪٽ ايڪيهون‬
   ‫ڪنول ، جنهن امتحاني پيپر پئي چيڪ ڪيا ،پنهنجو سيل بند ڪري ڀرسان ٽيبل‬
‫تي رکيو، جتي امتحاني ڪاپين جو ڍير لڳو پيو هو، هوَء اسڪول ٽيچر هئي ۽ اسڪول‬
          ‫ُ‬
   ‫جي ٻارن جا پيپر گهر کڻي اچي چيڪ ڪندي هئي، هن کي پنهنجي ڪرائي واري‬
                                 ‫ُ‬
                                           ‫ُ‬
   ‫فليٽ ۾ اچي رهڻ ۾ مس هڪ هفتو گذريو هو، هن جو گهر به اڃا پوريَء طرح سيٽ‬
‫ٿيل نه هو، ٽٽل ڦٽل، پراڻو ۽ ميرو فرنيچر، پراڻو قالين، پراڻا درين تي ٽنگيل پڙدا ۽‬
 ‫وڏي ڳالهه ته هڪ پراڻي طرز رهائش جو فليٽ هو جتي ڪنول پنهنجي مڙس جاويد‬
         ‫ُ‬
        ‫منگيَء شاديَء کان پوِء ساڻس رهڻ آئي هئي. ۽ ان جر برخالف زينب منگيَء جو‬
                                         ‫ُ‬
                                              ‫عاليشان اپارٽمينٽ مان هر وڏيرپائي ظاهر پئي ٿي.‬


    ‫ڪنول کي به احساس هو ته هن جي ۽ سندس سس جي وچ۾ طبقن جي حيثيت جي‬
                             ‫َ ُ‬
 ‫واضح فرق کان عالوه ٻيون گهڻيون شيون به حائل هيون، جنهنجي ڪري زينب جو‬
                        ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫41 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫سلوڪ ۽ رويو ڪنول سان بهتر نه رهيو هو. ان ۾ به ڪو شق نه هو ته هن جو ڪاروباري‬
                                                                          ‫ُ‬
   ‫ڪٽنب ، نه صرف ڌاڙيلن جي ڊپ ، پر اتر سنڌ ۾ ڪاروباري ماڻهن جي اغوا، وڏيرن‬
                                                                         ‫ُ‬
 ‫جي بگڙيل اوالد جي عورتن ۽ اسڪولي ڇوڪرين سان بيحرمتيَء جي وڌندڙ واقعن‬
  ‫ڪري هو ڪنهن ڳوٺ مان لڏي، اچي ڪراچي رهيا هيا، نه ته ڪير هو جو ابن ڏاڏن‬
                              ‫ُ‬
    ‫جا ڪک ڇڏي پاڻ کي دهشتگردن جي چنبي ۾ اچي وجهي ها. هن مائٽن جو هٿ‬
                 ‫ُ‬
 ‫وڌائڻ الِء محنت ڪري ماستري ورتي هئي، عام ۽ سادو ماني ڪنو ڪرڻ ته ڄاڻندي‬
                 ‫ُ‬                    ‫ُ‬
     ‫هئي پر شهري طريقن جي انگريزي يا چائني کاڌن ٺاهڻ مان اڃا وقف ڪانه هئي.‬
        ‫ُ‬                                                                ‫ُ‬
 ‫جاويد سان پيار جو پرڻو ڪري به جاويد اڪثر کيس ٻاهر هوٽلن تي ماني کائڻ الِء يا‬
      ‫گهمائڻ الِء وٺي ويندو هو. اهوئي سبب هو جو هن جو گهڻو وقت سس زينب سان‬
                ‫َ ُ‬                                                     ‫ُ‬
‫ڪونه گذريو هو، جنهن جي ڪري انهن ۾ گهڻي رفاقت پئدا نه ٿي سگهي هئي، تنهن‬
        ‫ُ‬
‫هوندي به جڏنهن زينب منگي پٽ ۽ نُنهن کي پنهنجي شاندار اپارٽمينٽ ۾ ڊنر ڏني‬
                                              ‫ُ‬
      ‫هئي ته هن به چاهيو ٿي ته پنهنجي اسڪولي ڪمائيَء سان هو به سس کي هوٽل ۾‬
                 ‫َ ُ‬                                                      ‫ُ‬
  ‫دعوت ڏي ڇو جو سس زينب کي ننڍن ۽ زبون پرڻن فليٽن ۾ وڃڻ ڪان نفرت هئي.‬
     ‫ُ‬                         ‫ُ‬                      ‫َ ُ‬
       ‫هن ڪوشش ڪئي هئي ته هو سس جي پسند جو لباس پائي جيڪو هن پنهنجي‬
                                            ‫َ ُ‬       ‫ُ‬
          ‫ساهڙيَء کان عارضي طور ورتو هو ۽ رچ ميڪ اپ ڪرائي سس اڳيان آئي هئي.‬
             ‫ُ‬            ‫َ ُ‬

   ‫ڪنول انتهائي خوبصورت هئي، هو هلڪو ميڪ اپ ڪندي هئي ،هن تي هر لباس‬
                    ‫ُ‬                        ‫ُ‬
  ‫ٺهي ايندو هو ۽ شايد اهوئي سبب هو جو اسڪول ويندي هن تي جاويد منگيَء جي‬
       ‫نظر پوندي هئي ۽ هو ڪالڪن جا ڪالڪ اسڪول جي ٻاهران کيس ڏسڻ الِء بهي‬
                                                             ‫ُ‬
    ‫رهندو هو بلڪل آخر ٻنهين ۾ پيار ٿي پيو ۽ هنن پيار جو پرڻو ڪيو.باربي ڪيو ۾‬
‫اهو پهريون ڀيرو ٿيو هو جو زينب منگيَء ان ڊنر تي خوشگوار ماحول روا رکيو هو ۽‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫51 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ڪنول کي جاويد به ٻڌايو هو ته سندس ماُء پنهنجي نانيَء وانگر چاڪليٽي ڪريم‬
                                                       ‫ُ‬
 ‫وارا بسڪيٽ پسند ٿي ڪري، ان ڪري جڏنهن اهڙا بسڪيٽ کيس مليا ته هن سس‬
   ‫َ ُ‬
                                          ‫جو پيار حاصل ڪرڻ ان الِء رکيا هوا.‬
                                             ‫ُ‬
                              ‫ايڪٽ ٻاويهون‬
                                                       ‫ُ‬
‫ڪنول هڪ اصول پرست استاد هئي، هن کي تُحفا ڏيڻ ته وڻندو هو پر هن ڪڏنهن به‬
                                               ‫ُ‬
   ‫پنهنجي شاگردن کان يا انهن جي مائٽن کان تحفا وٺڻ ڪونه وڻندا هئا حاالنڪه‬
             ‫ُ‬
‫اسڪول جون اڪثر ماسترياڻيون ٻارن تي تحفن آڻڻ الِء بهانن سان زور به ڀرينديون‬
                                                       ‫هيون پر ڪنول انهن کان بلڪل مختلف هئي.‬
                                                          ‫ُ‬     ‫ُ‬

    ‫عجيب اتفاق هو ته هن دفعي پنهنجي اصول ۽ طبيعت جي برخالف هن پنهنجي‬
    ‫هڪ شاگرد ظفر جي انتهائي زور ڀرڻ تي چاڪليٽ ڪريمي بسڪيٽ جو اهو پڙو‬
      ‫ُ‬
     ‫تحفي طور قبول ڪيو هو ۽ هن ان ڪري به عار محسوس ڪونه ڪيو جو اهو ڪو‬
‫قيمتي تحفو نه پر هڪ بسڪيٽ جو پڙو هو. شايد ظفر کان سواِء ٻيو ڪو شاگرد کيس‬
                                          ‫ُ‬
                                            ‫اهو تحفو ڏي ها ته هوَء ان کي هرگز قبول نه ڪري ها.‬
                                               ‫ايڪٽ ٽيويهون‬
          ‫ظفر سندس اسڪول تي تمام هونهار شاگردن مان هڪ هو، جنهن کي ڪنول‬
  ‫پنهنجي محنت جي مسلسل بازي لڳائي ان مقام تي پهچايو هو. ظفر جڏنهن هن‬
                        ‫ُ‬
‫جي ڪالس ۾ آيو هو ته هو هڪ ناالئق ترين شاگرد هو، شرارت ۾ ماهر، هن ڪنول کي‬
          ‫به گهڻا دفٿا تنگ ڪيو هو، بس هاڻ ظفر ڪنول الِء ڄيلينج بڻجي ڄڪو هو.‬
                ‫ُ‬
‫(ڏس ظفر ! توکي محنت ڪري وڏو ماڻهون ٿيڻو آ ! توکي پنهنجي ماُء پيُء جي عزت‬
‫۽ ننڍين ڀيڻن جو سهارو بڻجڻو آ، جيئن تون پڙهي وڏو ماڻهون بڻجي هنن جا هٿ‬

‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫61 ‪Page‬‬
                                          ‫پيشڪش‬
‫ميندي رنگا ڪري سگهين) شايد اها نصيحت ظفر کي سمجهه م اچي وئي هئي ۽ هو‬
       ‫ُ‬
                 ‫محنت ڪري ٿورڙي عرصي ۾ ئي ڪالس جو بهترين شاگرد بڻجي ويو هو.‬


      ‫پر هاڻ ڪنول کي ظفر کان نفرت اچڻ لڳي ۽ اها نفرت ڪراهيت ۾ بدلجي وئي،‬
       ‫ڪنول کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخر اهو ڪهڙو سبب هو جو اوچتو ظفر کي‬
‫کائنس نفرت ٿيڻ لڳي ۽ هو کيس زهر ڏئي مارڻ تي تيار ٿي ويو. هن کي جيڪا ڳالهه‬
‫سمجهه ۾ اچي سگهي، اها بس اهائي هئي ته (ڪتي جو پائيپ ۾ وڌل پڇ، سئو سال کان‬
              ‫ُ‬                  ‫ُ‬       ‫ُ‬
  ‫پوِء ڪڍڻ تي به ٽيڙي جو ٽيڙو !) يا شيطان شيطان ئي هوندو آهي ۽ هن کيس انسان‬
  ‫بنائڻ ٿي ڄاهيو پر هوَء ڪامياب نه ٿي سگهي !.هاڻ ظفر ڪنول جي نظرن ۾ ناقابل‬
                                                       ‫ُ‬
   ‫اصالح بُرائيَء جي عالمت بڻجي ويو هو، جنهن هن کي بسڪيٽ ۾ زهر وجهي مارڻ‬
                                 ‫ُ‬
                ‫جي سازش ڪئي هئي پر اهلل جو شڪر جو هوَء گٿيَء تان بچي وئي.‬
                                             ‫ُ‬              ‫ُ‬
                                                ‫ايڪٽ چوويهون‬
   ‫اها رات ڪنول پنهنجي هنڌ تي بيچينيَء سان پاسا بدالئيندي گُذاري، سڄي رات‬
   ‫بس اهوئي سوچيندي رهي ته جي هو اهو زهريلو بسڪيٽ کائي ڇڏي ها ته هن جي‬
‫پيٽ ۾ هن سان گڏ، ٻن مهنن جو ٻار، دُنيا ۾ اچڻ کان پهرئين مري وڃي ها. ۽ هوَء ظفر‬
‫جي غلط حرڪت جي ڪري هاڻ پنهنجي سس زينب منگيَء جي نظرن ۾ به ڪري پئي،‬
                                   ‫َ َ‬
                                               ‫جنهن کي راضي رکڻ جا هن گهڻائي جتن ڪيا هئا.‬
                                                  ‫ُ‬
                                               ‫ايڪٽ پنجويهون‬
                                                     ‫ُ‬
 ‫وڏي مشڪل سان رات گذري ۽ هوَء تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي سڌو اسڪول هلي وئي، هن جو‬
‫پنهنجي اعصابن کي قابوَء ۾ رکڻ مشڪل پئي ٿيو، اهو ته شڪر هو جو هن کي جيڪو‬
                   ‫ُ‬
                                               ‫پهريون پيرڊ وٺڻو هو اهو به ظفر جي ڪالس جو هو.‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫71 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ڊيسڪ تي ويـٺل مسڪرائي ڏسندڙ ظفر تي نظر پوندي ئي هن جو جسم ڪنهن باه‬
 ‫وانگر تپڻ لڳو. هن جي دل چاهيو پئي ته هوَء پوري ڪالس اڳيان ظفر جي اهڙي خبر‬
       ‫وٺي ۽ پوِء پڇيس ته (احسان فراموش ! تو اهي زهر وارا چيڪليٽي بسڪيٽ ڇو‬
                                                              ‫ُ‬
      ‫مونکي آڻي ڏئي مارڻ چاهيو، جڏنهن ته مون توکي شيطان مان انسان ٺاهڻ جي‬
                                                                                                  ‫ڪوشش ڪئي؟)‬


  ‫پر حيرت انگيز طور تي هن پنهنجي جذابتن تي قابوَء ڪري ورتو هو ۽ انتهائي پر‬
   ‫ُ‬                                                ‫ُ‬
      ‫سڪون لفظن ۾، ظفر جي ويجهو پهچي سرگوشيَء ۾ چوڻ لڳي ! (ظفر ! تو جيڪي‬
                                             ‫ُ‬                        ‫ُ‬
                                                    ‫ُ ُ‬
          ‫مونکي بسڪيٽ ڏنا هئا اهي زهريال هوا !) جواب ۾ بس ظفر خاموش بهي‬
                                           ‫ُ‬
‫مسڪرائيندو کيس تڪيندو رهيو. هن مان اندزو پئي ٿيو ته شايد هو ڪنول کان ٻيو‬
                                                                       ‫ُ‬
‫ڪجهه به ٻڌڻ ٿو چاهي، پر ڪنول طرفان به خاموشي هئي، ٻئي منتظر نظرن سان هڪ‬
                         ‫ُ‬                                    ‫ُ‬       ‫ُ‬
‫ٻئي کي ڏسندا رهيا ۽ پوِء آهستي آهستي، ظفر جي چهري جا تاثر بدلجڻ لڳا ۽ هن ۾‬
   ‫اهوئي ضدي ٻار وارو چهرو ڏسڻ ۾ آيو جيڪو ڪنول کي شروع ۾ ڏسڻ ۾ ايندو هو.‬ ‫ُ‬
‫انهن ڏينهن ۾ هو انتهائي بدتميز، لکڻ پڙهڻ کان عاجزي ۽ ڪنول جو چيو نه مڃندڙ‬
                                                               ‫ُ‬
 ‫شاگرد هو جيڪو ڳالهه ڳالهه ته انڪار ڪري ڇڏيندو هو. ڪي لمحه ائين ئي گُذريا ۽‬
                                                                 ‫ُ‬
 ‫پوِء هو اٿيو ۽ پنهنجي ڪتابن جي بيگ کي ڪلهن تي وجهڻ لڳو ۽ بيپرواهيَء سان‬
                                                       ‫ُ‬
                        ‫پنهنجا ٻئي ڪنڌ ڌوڻي ڪالس روم مان ٻاهر نڪري ويو.‬


                                                ‫ايڪٽ ڇوويهون‬
 ‫روئڻڪهار ظفر،گهر پهچڻ سان ماُء تي تکائي سان مخاطب ٿيو (تو جيڪي بسڪٽ‬
                       ‫ُ‬                          ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬    ‫81 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫مونکي ڏنا هوا اُهي زهريال هئا) ائين چئي هو سڌو وڃي کٽ تي وڇيل بستر تي‬
                                                 ‫ُ‬               ‫ُ‬
                                                           ‫اونڌو ليٽيي سسڪيون ڏئي رئڻ لڳو. (ڪٽ)‬
                                                                       ‫ُ‬
                                               ‫ايڪٽ ستاويهون‬
       ‫طفرجا تُرش ۽ تکا بدتميزيَء وارا لفظ سندس ماُء سڪينه الِء تڪليف جو باعث‬
                                      ‫ُ‬
‫بڻجي ويا ! هن پنهنجي منهن بُڻ بُڻ ڪئي (ڪهڙي اجائي بڪواس پيو ڪري؟ ته اهي‬
                                                 ‫ُ‬
                        ‫بسڪيٽ زهريال هئا !) هوَء حيرت ۽ فڪر سان سوچ ۾ ٻڏي وئي هئي.‬
                           ‫ُ‬       ‫ُ‬                                ‫ُ‬
                                                ‫ايڪٽ اٺاويهون‬
        ‫سڪينه سيٺياڻين جي گهرن ۾ پورهو ڪري پنهنجي زندگي بسر ڪندي هئي ،‬
            ‫ُ‬
 ‫سندس مالڪياڻيون اڪثر کيس بچيل کاڌو، پراڻا لٽا، جوتا يا ڪي شيون ڏينديون‬
                                  ‫ُ‬
    ‫هيو ، هن جي هڪ مالڪياڻي باجي شازيه ته سندس گهڻو خيال ڪندي هئي ، اهي‬
            ‫ُ‬                                                         ‫ُ‬
‫بسڪيٽ به کيس باجي شازيه ڏنا هئا، هي اهي بسڪيٽ گهر کڻي آئي ۽ سندس ارادو‬
                                         ‫ُ‬
                           ‫ُ‬
   ‫انهن کي کائڻ جو هو پر گهر ۾ پهچڻ شرط ئي ظفر اهي بسڪيٽ سندس هٿ مان‬
                                            ‫ُ‬
         ‫زوريَء ڇنندي پئي چيو ته (هي بسڪيٽ جو پڙو آئون پنهنجي مس ڪنول کي‬
                                  ‫ُ‬
  ‫ڏيندس). سڪينه ان تي اعتراض ڪونه ڪيو، ڇو جو هوِء سمجهندي هئي ته هن جو‬
             ‫ُ‬                                                    ‫ُ‬
                                                        ‫پٽ ظفر پنهنجي مس کي گهڻو چاهيندو هو.‬
                                                                                           ‫ُ‬
                                               ‫ايڪٽ اوڻٽيهون‬
  ‫سڪينه علي پور پنجاب مان ڪراچي پورهيو ڪرڻ آئي هئي، سندس مڙس بيڪار ۽‬
            ‫ُ‬         ‫ُ‬
 ‫واندو هو، هوڪو به ڪم ڪون ڪندو هو بس حقو کنيو گهر جي ٻاهران مڇين کي‬
         ‫ُ‬                                                   ‫ُ‬
                                        ‫ُ‬
‫تاُء ڏئي جهوپڙين سامهون روڊ جي فٽ پاٿ تي پلٿي ماري ويٺو هوندو هو. مڙس کي‬
‫ٻار ڄڻڻ جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ غربت ڪري سڪينه ٻار ڪيرائيندي آئي هئي، پر‬
      ‫ُ‬
 ‫تمام ڪوششن ۽ رٿا بندين هوندي به ظفر پئدا ٿي ويو هن سوچيو هو ته هو ظفر کي‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫91 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ڪنهن بي اوالد کي وڪڻي ايندي، پر ظفر جي دنيا ۾ اچڻ سان سندس مامتا جوش‬
 ‫هنيو ۽ هن نه چاهيندي به ظفر جي پرورش ۾ ڪا به روڪ نه رکي سگهي. ظفر هن جو‬
                                                                                      ‫چوٿون ۽ آخري پٽ هو،‬
                                                                                           ‫ُ‬
                                                 ‫ايڪٽ ٽيهون‬
 ‫روڊن تي رلندڙ ۽ گهٽين ۾ ليٿندڙن ماسين جي ٻين ٻارن وچ مان اُڀري نروار ٿيندڙ‬
                                                                  ‫ُ‬
     ‫ظفر پنهنجي راند روند فليٽ جي ڇوڪرن سان ڪندو هو ۽ هو صاف سٿرو هو،‬
            ‫ُ‬
  ‫شرارتي هوندي به هو سڪينه جي اکين جو تارو ۽ اوڙي پاڙي وارن جي عزت ڪندڙ‬
 ‫هو، ويتر جو اسڪول ۾ مس ڪنول جهڙي استاد مليس ته هو وڌيڪ نڪري نروار ٿي‬
         ‫ويو، جي ڪو سندس پيچو ڪري کيس جهوپڙين وارن گهن ۾ ويندو نه ڏسي ته‬
                                                          ‫ُ‬
‫سمجهي ته هو ڪنهن مالزمت ڪندڙ سٺي فيمليَء جو ٻار آهي. هن ڪڏنهن به ماُء کي‬
                                          ‫ُ‬
‫تنگ نه ڪيو، سواِء ان جي جو شروع شروع ۾ پڙهڻ کان وڌ ڪرڪيٽ راند ۾ دلچسپي‬
    ‫هوند هيس ۽ آخر اها خرابي به مس ڪنول جي اسڪول ۾ ماسترياڻي لڳڻ کان پوِء‬
                                                                   ‫ُ‬
                                                                                                 ‫ختم ٿي وئي هيس.‬
                                                                                                    ‫ُ‬
                                                   ‫(انٽر ڪٽ)‬
                                              ‫ايڪٽ ايڪٽيهون‬
‫سڪينه اندر وڃي کٽ تي اونڌو ليٽيل ظفر کي پيار ڪرڻ لڳي جيڪو سسڪين ۾ پيو‬
          ‫ُ‬
       ‫هو ، ڪنڌ مٿي ڪري ماُء کي ڪاوڙ ۽ تيش ۾ اچي شڪايت ڪرڻ لڳو (تو جيڪي‬
                                     ‫ُ‬          ‫ُ‬
                           ‫مونکي بسڪيٽ آڻي ڏنا هئ ! اهي زهريال هوا امان !)‬
                                                     ‫ُ‬
‫(پٽ ! قسم سان، مونکي پاڻ اها خبر ڪونه هئي ته اهي بسڪيٽ زهريال هوندا، مان ته‬
                                    ‫ُ‬                                    ‫ُ‬
     ‫اهي پاڻ پئي کائڻ لڳيس پر تون مونکان زوريَء جهپٽي وئين !) اهو چئي کيس به‬
‫خوف وڪوڙي ويو ! هوَء سوچڻ لڳي ته جي هوَء اهي بسڪيٽ کائي وجهي ها ته هيئنر‬

‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬       ‫02 ‪Page‬‬
                                          ‫پيشڪش‬
‫هن دُنيا ۾ نه هجي ها. هوَء وڌيڪ سوچڻ لڳي ته آخر باجي شازيه جي هن سان ڪهڙي‬
                                                           ‫ُ‬
        ‫دُشمني هئي جنهن هن کي اهي زهريال بسڪيٽ کارائي ماريو ٿي، هوَء جڏنهن‬
                                                                  ‫ُ‬
   ‫پنجاب ڇڏي ڪراچي پئي آئي ته هن کي خبردار ڪيو ويو هو ته ڪراچيَء وارن بچ‬
‫بچاُء ڪري هلي جو ڪهڙي خبر، ڪنهن ڳالهه تي هو ناراض ٿي سندس، مڙس ۽ ٻارن‬
         ‫ُ‬
     ‫جي الشن کي ٻوري ۾ وجهي ٽرين ذريعي پنجاب موڪلي ڇڏين. هو سوچڻ لڳي ته‬
                                                 ‫ايڪٽ ٻٽيهون‬
  ‫جڏنهن شازيه باجيَء جو سونو هار وڃائجي ويو هو ۽ کيس نه مليو هو ته هن سڪينه‬
 ‫تي ئي چوريَء جو الزام هنيو هو ۽ ڌمڪيون به ڏنيون هيون . ڇا اڃا به باجي سڪينه‬
                           ‫ُ‬
      ‫کي شق آهي ته هن جو اهو هار مون ئي چورايو هو؟ ۽ هن بدلو وٺڻ الِء اهي زهريال‬
    ‫بسڪيٽ مونکي ڏنا هئا ! جڏنهن ته پوِء خبر پئي ته سندس ڌيَء کيس ٻڌائڻ بنان‬
             ‫ُ‬                                            ‫ُ‬
‫پائي ڪاليج وئي هئي ۽ ڪٿي بس ۾ ئي ڪيرائي آئي هئي. اهو سوچيندي سندس پارو‬
                         ‫ُ‬                            ‫ُ‬
‫به چڙهڻ لڳو چوڻ لڳي (غريب ضرور آهيون پر محنت ڪري کائون ٿا) بهرحال هن پٽ‬
 ‫ُ‬
      ‫کي کٽ تي روئيندو ڇڏي، ڪاوڙ ۾ حساب ڪتاب ڪرڻ الِء باجي شازيه جي گهر‬
                                                                                                  ‫روانو ٿي وئي.‬
                                                ‫ايڪٽ ٽيٽيهون‬
     ‫باجي شازيه سڪينه کي ڪڏنهن به ايتري ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو هو هوَء ڪاوڙ ۾ کيس‬
       ‫گهوري رهي هئي، هن جو انداز شازيه باجيَء الِء بلڪل نئون هو جنهن تي کيس‬
                                                                 ‫ُ‬        ‫ُ‬
  ‫حيرت ٿي رهي هئي. هن پڇيس (ڇا ڳالهه آهي سڪينه ! تنهني طبيعت ته ٺيڪ آهي‬
                                                  ‫ُ‬       ‫ُ‬
 ‫نه؟ ) بيگم صاحبه ! تُهنجو ڪهڙو خيال آهي ! منهجي طبيعت کي ٺيڪ هئڻ گهرجي‬
         ‫ُ‬                  ‫ُ‬
                                                                                                             ‫ها نه؟‬
                      ‫ُ‬
 ‫تون ڇا پئي چئين ؟ سڪينه ! هي اڄ تون مهنجي سوالن جا ابتا جواب ڇو پئي ڏين ؟‬
                                     ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬    ‫12 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫(شازيه حيرت ۾ پئجي پڇڻ لڳس) تو کا آخر ٿيو ڇا آهي؟‬
                                                                      ‫ُ‬

 ‫اڃا ته ڏسين پئي بيگم صاحبه ! ڪجهه به ناهي ٿيو ! پر گهڻو ڪجهه ٿي به سگهيو ٿي‬
                   ‫ُ‬                          ‫ُ‬
 ‫(سڪينه طنزيه انداز ۾ چيو) هو ڇورو ته خوش هو ته اڄ پنهنجي مس کي هڪ تُحفو‬
‫پيو ڏي، پر هن چرئي کي ڪهڙي خبر هئي ته هو تُحفو نه موت جو رسو هو، جنهن کي‬
              ‫َ‬                         ‫ُ‬                       ‫ُ‬
                                          ‫هن پنهنجي مس جي ڳلي ۾ پئي ٻڌو !‬
 ‫ڪهڙو ڇورو؟ سڪينه اڄ مونکي تُهنجون ڳالهيون سمجهه ۾ ئي نه پيون اچن ! (شازيه‬
                                                       ‫الجهن جو اظاهر ڪيو)‬‫ُ‬
                                                                               ‫ظفرو ! ٻيو ڪير بيگم صاحبه !‬
                                                          ‫ڪير ظفرو ؟ (شازيه نه سمجهندي وري پڇيو)‬
                                                              ‫ُ‬
   ‫مهنجو پٽ ظفرو بيگم صاحبه ! سڀني ٻارن کان ننڍو پٽ ! (سڪينه وضاحت ڪئي)‬
                        ‫ُ‬                                       ‫ُ‬     ‫ُ‬
 ‫اوه ! مان سمجهي ويس ! اهو نه جيڪو ڪڏنهن ڪڏنهن توسان هتي به ايندو هو؟ ها‬
                                          ‫ته! ڇا ٿيو آهي تُنهنجي پٽ ظفروَء کي ؟ خير ته آهي نه ؟‬
                                                                       ‫ُ‬
‫ها! ها! خير آهي خير بيگم صاحبه ! اهو ته رب جو شان ۽ شڪر آهي جو اسان ٻئي ماُء‬
                       ‫ُ‬
     ‫پٽ صحيح سالمت آهيون، نه تو تو بيگم صاحبه ! اسانکي مارڻ ۾ ڪا ڪسر ٿوڙي‬
                                                                        ‫ُ‬
                                                                                                    ‫ڇڏي هئي.‬
                                                                                                       ‫ُ‬
                  ‫سڪينه ! تُهجو دماغ ته پنهنجي جاِء تي آهي نه ؟ (شازيه گرم ٿيندي چيو)‬
‫مون توکي تڏنهن ئي چئي ڇڏيو هو بيگم صاحبه، ته تُهنجي چوري ٿيڻ واري هار جي‬
    ‫مونکي ڪابه خبر ڪانه هئي، پر اميرن کي غريبن جي ڳالهه تي ڪڏنهن اعتبار آيو‬
                                                      ‫ُ‬
 ‫آهي؟ (سڪينه زهريلي لهجن ۾ چوندي وئي) تو ته بيگم صاحبه بس اهو ظاهر ڪيو ته‬
 ‫توکي مهنجي ڳالهه تي يقين اچي ويو هو، ڇو جو تُهنجو هار مون نه پر تُهنجي ڌيُء‬
                                                                      ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫22 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫ئي کنيو هو! االهي سچ يا ڪڙ! پر تو ئي ته اهو ٻڌايو هو! پوِء هاڻ اهي زهر وارا‬
                                         ‫ُ‬                   ‫ُ‬
                             ‫بسڪيٽ ڏئي مون ان چوري ٿيندڙ هار جو بدلو ٿي وٺڻ چاهيو؟‬


‫شازيه حيرت سان سڪڏل ڳالهيون ٻڌندي پئي وئي ، جڏنهن سڪينه خاموش ٿي وئي‬
                                       ‫ُ‬
            ‫ته هن چوڻ شروع ڪيو (سڪينه يقين ڪر مونکي خبر ئي نه هئي ته ڪي انهن‬
                         ‫ُ‬
‫بسڪيٽن ۾ زهر پيل هو يا سڙي زهريال ٿي ويا هئا. اهي بسڪيٽ نه ئي مون خريد ڪيا‬
                                ‫ُ‬
‫هئا ۽ نه ئي پاڻ ٺاهي رکيا هئا پر مونکي به اهي ڪنهن ڏنا هئا. هاڻ جيئن ته توکي به‬
                       ‫ُ‬                            ‫ُ‬                         ‫ُ‬
 ‫ٻڌي اهو صدمون پيو پهچي ته اهي بسڪيٽ زهريال هئا، ۽ خدا نه خواسته مون توکي‬
                             ‫ُ‬                        ‫ُ‬                 ‫ُ‬
‫مارڻ الِء توکي ڏنا هئا !ان کان وڌيڪ مونکي به صدمون پيو رسي ته شايد هوَء مهنجي‬
    ‫ُ‬                                                    ‫ُ‬
      ‫ڪڍ لڳل هئي ۽ هن ڄاڻي ٻجهي مون کي هن بسڪيٽن سان زهر ڏيڻ ٿي چاهيو.‬
                                                ‫ُ‬             ‫ُ‬

  ‫هاڻ سڪينه به وات ۾ گندي وجهي کيس حيرت ۾ ڏٺو (هان ! بيگم صاحبه !) تون سچ‬
                                                         ‫ُ‬
                  ‫پئي چئين ؟ ڪير هو اهو جنهن توکي مارڻ الِء اهو زهر پئي ڏنو؟‬
               ‫شازيه ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ خاموش نظرن سان سڪينه کي تڪيند ي وئي ..‬
                                                ‫ايڪٽ چوٽيهون‬
     ‫سوچن ۾ پاڻ کي چئي رهي هئي (ته ڇا هاڻ مونکي پنهنجي عزيز ساهيڙي شائسته‬
                                                  ‫ُ‬
                     ‫منگيَء جي گهر هن جي جنازي جو آخري ديدار ڪرڻ وڃڻ گهرجي ؟)‬


  ‫شائسته منگيِء سان هن جا تعلقات گهڻي عرصي کان خراب هئا، اُهي وڃي تڏنهن‬
                    ‫ُ‬                               ‫ُ‬
‫بحال ٿيا هوا جڏنهن شائسته منگيَء کي پهريون دل جو دورو پيو هو، هن ٻنهين جي‬
                                                               ‫ُ‬
  ‫دوستي به مثالي هئي ته دُشمني به، سببب هو هن جي سهڻي ڌيَء جنهن سان شائسته‬
                          ‫ُ‬                               ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫32 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫منگي پنهنجي اڪيلي پٽ جي شادي ڪرائڻ پئي چاهي. پر سندس ڌيَء ڪلثوم ٻئي‬
                                                 ‫ُ‬
‫ڪنهن ڪالسميٽ سان پيار ڪندي هئي ۽ ان سان ئي شادي ڪرڻ پئي چاهيائين. هن‬
                                        ‫ُ‬
       ‫به دوست شائسته منگيَء جي زور ڀرڻ تي گهڻو ڌيُء کي سمجهايو، سندس دولت‬
‫جيڪا هن جي اڪيلي پٽ جي نالي تي هئي جي اللچ پڻ ڏنائين پر ڪلثوم کي شائسته‬
                                       ‫ُ‬             ‫ُ‬
 ‫منگيَء جو پٽ اختر منگي وڻندو ئي ڪونه هو، شادي جي انڪار ٻڌڻ کان پوِء اختر‬
                 ‫ُ‬                                            ‫ُ‬
   ‫منگي دُنيا سان رشتا ئي ٽوڙي ڇڏيا، هن جي هڪ طرف جي پيار هن کي انڌو ڪري‬
  ‫ڇڏيو هو ۽ هڪ ڏينهن هن پاڻ کي گهر جي پکي ۾ ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي. بس‬
    ‫ان کان پوِء شائسته منگيَء جو خيال هو ته سندس پٽ جي خودڪشيَء ۾ شازيه جو‬
                            ‫ُ‬
‫هٿ آهي، جنهن پنهنجي ڌيُء تي سندس پٽ سان شادي ڪرڻ تي زور ئي نه ڀريو هو ۽‬
                                     ‫ُ‬
                                                     ‫هن پيار ۾ ناڪاميَء تي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو.‬


     ‫آخر جڏنهن شائسته کي دل جو دئورو پيو ۽ ڊاڪٽرن به چيس ته ٻيو دورو هن جي‬
‫زندگيَء الَء هاڃيڪار ثابت ٿيندو ته هن آخري وقت ۾ اچي پنهنجي دلگهري ساهڙي‬
       ‫شازيه سان واپس دوستي ڪئي، پنهنجي ماضيَء جي ناراضگيَء تي اسسوس جو‬
    ‫اظهار ڪيو ۽ گهڻن اجائي ڪيل زيدتين جي معافي ورتي ۽ شازيه به هن کي معاف‬
                                                                                                  ‫ڪري ڇڏيو.‬


‫شائسته دل جي پهرئين دوري پوڻ کان پوَء مسلسل شازيه وٽ اچڻ وڃڻ لڳي ۽ ساڻس‬
‫الِء پنهنجي پسند جو چاڪليٽي ڪريم بسڪيٽن جو دٻو به وٺي آئي، شازيه کي به خبر‬
       ‫هئي ته اهي سندن پسنديده ۽ مزيدار بسڪيٽ آهن ۽ هوَء ان کي بهترين تحفو‬
                                                                         ‫ُ‬
       ‫سمجهي تمام گهڻي خوش ٿي وئي. (مهنجي طرفان محبتن جو هي حقير تُحفو‬
                            ‫ُ‬           ‫ُ‬

 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫42 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬
‫شازيه! اميد ته تون هن ۾ مهنجو خلوص ۽ پيار به تالش ڪنديئن)‬
                                                              ‫ُ‬

                                              ‫ايڪٽ پنجٽيهون.‬


‫هوَء سوچن مان ٻاهر نڪري آئي ته سندس عزيز ساهڙي مرڻ کان پهرئين پنهنجي پٽ‬
   ‫جي خودڪشيَء جو بدلو کيس زهر ڏئي پئي ورتو، اها ته سندس خوشقسمتي هئي‬
     ‫ُ‬
 ‫جو هن اهو بسڪيٽن جو پڙو رحم کائي ڪم واري کي ڏئي ڇڏيو هو ۽ هوَء بچي وئي‬
                                                  ‫ُ‬
                       ‫نه شائسته منگي بدران هن جي ڪفن دفن جو بندوبست پيو ٿئي ها.‬


  ‫هي اُهو ئي زهريلي بسڪيٽن جو پڙو هو جيڪو گهمندو گهمندو اصل مالڪ تائين‬
                                         ‫ُ‬
  ‫وڃي پهتو ۽ جنهن کي کائڻ کان پوِء، وات مان رت ايندي ئي هن پڙي کي ڦولي ڏٺو‬
                ‫ُ‬                                                    ‫ُ‬
        ‫هو ۽ سڃاڻي موت مهل وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا هئا. شائسته منگي مري چڪي هئي ۽‬
            ‫ُ‬   ‫ُ‬                    ‫ُ‬                             ‫ُ‬
 ‫سندس موت جو سبب به پوسٽ مارٽم ۾ اهوئي زهريلو چاڪليٽ هو، جنهن کي هوَء‬
                                                                ‫کائڻ وقت هٻڇين وانگر چٽيندي هئي.‬
                                                                   ‫ُ‬




                                          ‫ڄاڻي‬ ‫پُ‬


 ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬   ‫52 ‪Page‬‬
                                           ‫پيشڪش‬

Sindhi Screen Play (مامتا ۽ موت) By: Abdul Razzaque Memon

  • 1.
    ‫سسپينس سان ڀرپورالنگ اسڪرين پلي جي مڪمل ڪهاڻي‬ ‫مامتا ۽ موت‬ ‫تحرير، مڪالما ۽ منظر ڪشي‬ ‫ُ‬ ‫عبدالرزاق ميمڻ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫1 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 2.
    ‫ايڪٽ پهريون.‬ ‫امير ترين بيواه شائسته منگي مري چڪي هئي، هن جي وفات ڪنهن الِء به تعجب‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫جو باعث بڻيل نه هئي ڇو جو هوَء گذشسته ٻن هفتن کان هڪ اسپتال ۾ زندگيَء ۽‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫موت جي ڪشمڪش ۾ هئي، تقريبن ڇهه مهنا پهرئين پوندڙ اوچتي دل جي دوري‬ ‫ُ‬ ‫مان اهو اندازو ٿي پئي سگهيو ته هاڻ هن وقت زنده رهڻ الِء ڪي گهڙيون ئي باقي‬ ‫بچيل آهن. دل جا فيملي ڊاڪٽر ته کيس ٻه مهنا پهرئين ئي ٻڌائي چڪا هئا ته ٻيو‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫پوندڙ دل جو دورو هن جي باقي زندگيَء الِء هاڃيڪار بڻجي سگهي ٿو.‬ ‫ايڪٽ ٻيون (ڪٽ) فليش بيڪ پهريون‬ ‫شائسته منگي پهرئين پوندڙ دوري مان بچي ته وئي هئي پر سندس شان ۽ شوڪت،‬ ‫ُ‬ ‫داٻ ۽ دٻدٻي سان سندس ڳالهه ڳالهه تي چڻڻ ۽ چڙو چڙو انداز اڃا به باقي هو. هن ان‬ ‫وڏائپيَء جي ڪري پنهنجي پوري زندگي ڪنهن کي به ڪجهه نه سمجهيو هو ۽‬ ‫ُ‬ ‫هميشه ٻين کي حقير ڄاتوهو. هوِء پنهنجي ماحول ۾ رهندڙن ۽ ارد گرد جي عورتن‬ ‫۾ هميشه بددماغ ۽ نڪ چڙهي مغرور عورت سمجهي ويندي هئي.‬ ‫ُ‬ ‫فليش بيڪ پهريون ختم‬ ‫ايڪٽ ٽيون (انٽرڪٽ) فليش بيڪ ٻيون‬ ‫ٻه هفتا پهرئين هن کي وري هڪ ٻيو دورو پيو هو، جڏنهن هوَء ان وقت پنهنجي‬ ‫قانوني مشيرن جي آفيس ۾ موجود هئي، اُتي ئي سندس حالت بگڙجي وئي هئي ۽‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫اُهي ئي کيس اسپتال ۾داخل ڪرائڻ آيا هئا. شائسته جي اسپتال داخل ٿيندي ئي هاڻ‬ ‫ُ‬ ‫سندس چوگرد جي ماڻهن ۾ اهو چوٻول هو ته هو سگهوئي اهي لفظ ٻڌندا ته (شائسته‬ ‫ُ‬ ‫گبول مري وئي).‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫2 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 3.
    ‫ڪي ستم ظريفته اُهي به هوا جيڪي سندس زندگيَء ۾ ئي اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل‬ ‫ُ‬ ‫ڏسي چئي چڪا هوا ته هوَء بس مري چڪي آهي، پر ڪن خوش اُميد مائٽن جو اهو‬ ‫ُ‬ ‫خيال هو ته هوَء ان ٻئي جان مار دل جي دوري کي به سهي ويندي. خوش اميدون‬ ‫ُ‬ ‫لڳائڻ وارن جو اميدون مٽي َء ۾ مليا ميٽ ٿيون يا نه ، ان باري ۾ ڪير به ڪجهه نٿي‬ ‫ُ‬ ‫چئي سگهيو، ڇو جو هن دفعي سندس وفات جو ڪارڻ دل جو بيهڻ ڪونه هو بلڪه‬ ‫هن جو موت زهر کائڻ ڪري ٿيو هو.‬ ‫فليش بيڪ ٻيون ختم‬ ‫هيَء هڪ اهڙي پرولي هئي، جنهن تي ڪوبه يقين نه پئي ڪري سگهيو، يقينن ان‬ ‫ُ‬ ‫معاملي ۾ ڪٿي ڪنهن کان ڪا غلطي پئي ٿي يا شايد اسپتال وارن ڪا غلط رپورٽ‬ ‫جاري ڪري ڇڏي هجي. ڇو جو هن دُنيا ۾ آخر اُهو ڪير هو جيڪو شائسته منگيَء‬ ‫ُ‬ ‫کي زهر ڏئي ماري ڇڏڻ جي خواهش رکندڙ هو جڏنهن ته هوَء اڳ ئي موت ۽ زندگيَء‬ ‫جي وچ۾ بيڊ تي پئي هئي، اهڙيَء حالت ۾ هن کي زهر ڏئي مارڻ ته ائين ئي هو ته ڄڻ‬ ‫ُ‬ ‫ڪو پاڻهين پنهنجي ڳچيَء ۾ ڦندو وجهي، ڦاسي کائي پنهنجو پاڻ آپگهات ڪرائي.‬ ‫ماڻهون ته هڪ ٻئي سان بس اهو ئي تبصرو ڪندا پئي رهيا ته ( شائسته منگي ۽ ان‬ ‫جو موت زهر کائڻ سان؟... ناممڪن! نهايت عجيب و غريب ۽ هرگز نه مڃڻ واري‬ ‫ڳالهه هئي)‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ چوٿون (انٽرڪٽ)‬ ‫بس ٻي ان کان سواِء ڪا ڳاله يا هن خاص خبر تي ڪوبه شخص يقين ڪرڻ الِء ئي تيار‬ ‫نه هو ته شائسته منگي! مرڻ کان پهرئين ٽهڪ ڏئي کِلي رهي هئي، وڏي آواز وارا‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ٽهڪ!، هيجاني يا چرين ماڻهن جيان وڏا ٽهڪ! جنهن ۾ خوف به هو ته پاگل پن به. اها‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫3 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 4.
    ‫عورت جنهن عمرڀر نه ڪنهن سان کلي ڳالهايو يا مسڪرايو هو، اُن عورت مرڻ وقت‬ ‫ٽهڪ پئي ڏنا! پر اها حقيقت هئي ڇو جو اهو بيان انهن نرسن جو هو جن پنهنجي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ڊيوٽي چيمبر ۾ شائسته منگيَء جا هيجاني ڪيفيت وارا ٽهڪ پاڻين ڪن ٻڌا هئا.‬ ‫ُ ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫بس اها ڳالهه الجهي هڪ ڳجهارت بڻجي چڪي هئي ته شائسته منگيَء جو موت زهر‬ ‫کائڻ سان ۽ مرڻ کان پهرئين اهي ٽهڪڙا؟ هن کي زهر ڪنهن ڏنو هوندو؟ ڇو ڏنو‬ ‫هوندو جڏنهن هوَء مرڻ واري هئي! هي هئا اهي سوال جنهن جو جواب گهربو هو ۽‬ ‫ُ‬ ‫موضوع به بڻيل هو.‬ ‫(فليش بيڪ ٽيون شروع)‬ ‫ايڪٽ پنجون‬ ‫شهرو اسپتال ۾ داخل ٿيندي رسپنشسٽ کان شائسته منگيَء جي وي آِء پي ڪمري‬‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫جو نمبر معلوڪ ڪيو ۽ ان طرف وڌڻ لڳي. ڪمري جو دروازو ٿورڙو کليل هو ۽ ان تي‬ ‫(نو وزيٽرز) جو بورڊ لٽڪيل هو پر ان هدايت تي عمل ڪرائڻ وارو ڪو به شخص يا‬ ‫وارڊ بُواِء موجود نه هو، تنهنڪري شهرو بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ يا رڪاوٽ جي‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫ڪمري جو در پورو کولي اندر داخل ٿي وئي. (ڪٽ)‬ ‫ايڪٽ ڇهون‬ ‫شائسته! ڏس آئون توالِء تنهنجي پسند چاڪليٽ ڪريم بسڪيٽ کڻي آئي آهيان.‬ ‫ڏس ڪريم ۾ بهترين قسم جو چاڪليٽ مڪس ڪري بسڪٽ ٺاهيو ويو آهي.‬ ‫تُهنجي پسند جا چاڪليٽي بسڪيٽ!‬ ‫شهروَء شائسته کي گهڻا ئي ڀيرا مخاطب ٿي چيو پر هن کي ڪوما جهڙي ڪيفيت ۾‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫ليٽيل شائسته طرفان ڪو به جواب نه مليو ۽ هوَء خاموش ۽ ستل هئي، هڪ لمحي الِء‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫4 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 5.
    ‫شهروَء سوچيو بهته هن کي جنجهوڙي جاڳائي مگر سگهوئي هن سوچي اهڙي ارادي‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫کان پاڻ کي باز رکيو ۽ چاڪليٽي بسڪيٽ جو پڙو کولي سندس ڀرسان واري ٽيبل‬ ‫ُ‬ ‫تي رکي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳي.‬ ‫ايڪٽ ستون‬ ‫شهروَء جي ٻاهر نڪرڻ شرط ئي شائسته ۾ ڄڻ ته ڪرنٽ اچي ويو، هن پنهنجون‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫ُ‬ ‫اکيون کوليون، ليٽندي ليٽندي، ڇت کي گهوريندي ئي، هن هڪ هٿ وڌائي کليل‬ ‫ُ‬ ‫بسڪيٽ جي دٻي کي ڳولڻ لڳي ۽ دٻو هٿ ۾ اچڻ کان پوِء هن بنا نهارڻ جي ان دٻي‬ ‫مان هڪ بسڪٽ ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ سامهون آڻي، ان جي ٻنهين پڙن کي ٻنهين هٿن‬ ‫ُ‬ ‫سان ٻه اڌ ڪري ،ان ۾ پيل چاڪليٽي ڪريم وري حصي جي چاڪليٽ کي هڙپ هڙپ‬ ‫ڪري چٽڻ شروع ڪيو.‬ ‫ايڪٽ اٺون‬ ‫ٻاهر نڪرڻ واري دروازي وٽ ويندڙ شهرو وڃڻ کان پهرئين دروازي وٽ بهي‬ ‫َ ُ‬ ‫جهاتي پائي اهو چٽڻ جو منظر ڏٺو ۽ مسڪرائي ڏسي واپس هلي وئي. هوَء شائسته‬ ‫ُ‬ ‫جي ٻارن وانگر حرڪت مان گهڻي واقف هئي ۽ هن کي خوب اندازو هو ته ٻار ۽ وڏي‬ ‫ُ‬ ‫عمر وارا پوڙها فطري طور تي هڪ جهڙي هوندا آهن ما سواِء بدني واڌ جي. هوَء انهي‬ ‫سوچن سان گهر پهتي ۽ پنهنجي روزمره جي گهرولي مصروفيتن ۾ مشغول ٿي وئي.‬ ‫ُ‬ ‫(فليش بيڪ ٽيون ختم) ايڪٽ نائون‬ ‫ٻئي ڏينهن، رات جو شهرو پنهنجي ڪچن ۾ ڊنر تيار ڪري رهي هئي ته سندس‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫اپارٽمينٽ جو ڊور بيل وڄڻ لڳو.(هن وقت ڪهڙي مصيبت اچي وئي؟ ) هن پاڻ سان‬ ‫بُڙبُڙائيو! هو ڊنر ٺاهڻ وقت ڪنهنجي مداخلت برداشت ڪانه ڪندي هئي ۽ مانيَء‬ ‫وقت ڪنهنجو گهر ۾ اچڻ سمجهندي هئي، هن کي خطرو هو ته ضرور ان وقت هن‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫5 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 6.
    ‫جي ڪا واندپاڙي واري هوندي جنهن ٽائيم پاس ڪرڻ الِء هن جو بيل وڄايو هوندو،‬ ‫۽ پوِء االئي ڪيتري دير رات تائين هو ان جو مٿو کائيندي رهندي ۽ هوَء ايترو وقت‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ڊنر ڪرڻ کان محروم رهجي ويندي. بحر هال افسوس ۽ پرشانيَء جو پاڻ سان اظهار‬ ‫ڪري هوَء نه چاهيندي به اپارٽمينٽ جو دروازو کولڻ الِء اڳتي وڌڻ لڳي.‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ ڏهون‬ ‫دروازو کوليندي ئي هن کي هڪ سپاهي در تي بيٺل نظر آيو، اها هن الِء بلڪل غير‬ ‫معمولي ڳالهه هئي، هوَء ته اهو ڪڏنهن به سوچي نٿي سگهي ته ڪو پوليس وارو‬ ‫ُ‬ ‫ڪڏنهن اچي هن جي اپارٽمينٽ جي در تي اچي سگهي ٿو.‬ ‫ايڪٽ يارهون (فليش بيڪ چوٿون شروع)‬ ‫شهروَء هن سپاهيَء کي اڪثر گهر جي ٻاهران ڀاڄي وڪڻندڙن يا گاڏن تي فروٽ‬ ‫ُ‬ ‫وڪڻڻ وارن کان روزانون ڏهه رپيئن جو ڀتو وٺندي ڏسندي پئي آئي ۽ سودو خريد‬ ‫ُ‬ ‫ڪندي هن ان سپاهيَء تي ڇوهه به ڪڍي هئي.‬ ‫ُ‬ ‫انٽر ڪٽ‬ ‫جي! (شهروَء تعجب ۽ ڪرڙي اکين سان سپاهيَء پچڻ لڳيس)‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ميڊم! ڇا توهان ئي ڪجهه دير پهرئين مسز شائسته منگي صاحبه سان ملڻ اسپتال‬ ‫ويا هئا؟ جي ها ته ان حوالي سان مان توهان کان ڪجهه سوال پڇڻ چاهيان ٿو.‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫(هن نهايت ئي موئدبانه اندز ۾ شهروَء کان در تي ئي بيٺي پڇا شروع ڪري ڏني).‬ ‫ُ‬ ‫هن جي سوال ڪرڻ جي جواب ۾ شهروَء سوچ ۾ هن کان اهو پڇڻ ٿي چاهيو ته (ڇا‬ ‫ُ‬ ‫هاڻ ڪنهن بيمار جي اسپتال ۾ عيادت ڪرڻ به ڪو قانوني ڏوه آهي؟) ڇو جو هن کي‬ ‫ته اهوئي علم هو ته بيمارن جي عيادت ڪرڻ جو حڪم ته رب پاڪ ڏنو آهي، پر هن‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫6 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 7.
    ‫ڪجهه نه چيو۽ خاموشيَء سان دروازي ۾ بيٺل سپاهيَء کي گهوريندي رهي.‬ ‫ُ‬ ‫هن کي خاموش انداز ۾گهوريندو ڏسي ويچارو سپاهي به نروس ٿي ويو هو ۽ نروس‬ ‫کي لڪائڻ الِء هو پنهنجي جسم جي وزن کي ڪڏنهن هڪ ٽنگ تي ته ڪڏنهن ٻئي‬ ‫ٽنگ تي شفٽ ڪندو رهيو، ڄڻ ته شهروَء سان ڳالهائڻ الِ ڪي مناسب لفظ ڳوليندو‬ ‫ُ‬ ‫هجي. (ميڊم در حقيقت ڳالهه اها آهي ته... مان ٻڌائڻ آيو هوس ته ..) هو گڙٻڙائجي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ويو هو. (درحقيقت توهان کي اسپتال جي رسپشنسٽ کان سواِء ڪنهن به مامور‬ ‫نرس ته واضح طور تي سڃاتو ته ڪونهين پر رسپشنسٽ جو خيال آهي ته توهان ئي‬ ‫اسپتال اچي ،کائنس ميڊم شائسته منگيَء جي ڪمري جو نمبر پڇيو هو ۽ ان ئي‬ ‫ُ‬ ‫توهانکي ٻاهر ويندي ڏٺو به هو.)‬ ‫شهروَء جي اکين ۾ سوال ۽ هن جي تمسخر واريَء ڳالهه، سپاهيَء کي وري بوکالئي‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫وڌو هو. (ڀال اهو ته ٻڌاِء ته ٺيلهي وارن کان ڏهه ڏهه رپيا اوڳاڙي ڪندي ڪندي، تو‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫هاڻ بيمار ماڻهن جي تيماداري ڪرڻ وارن جي نگراني ڪڏنهن کان شروع ڪري‬ ‫ڏني آهي؟‬ ‫نه! نه!..... بيگم صاحبه! ..... اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهين (سپاهي گهٻراهٽ ۾ جلديَء سان‬ ‫چئي ويٺو) توهانکي به خبر هوندي ته ميڊم شائسته منگيَء کي اسپتال ۾ ڪو زهر‬ ‫ڏئي ويو آهي ۽ ڊاڪٽر چون ٿا ته اهو زهر، انهن ئي بسڪيٽن ۾ پيل هو جيڪو هن الِء‬ ‫ڪو تيماداري ڪرڻ وارو کڻي آيو هو.‬ ‫جي پوليس وارو شهروَء کي اهو چئي ڏي ها ته دُنيا جو خاتمو ويجهو پهچي ويو آهي‬ ‫ُ‬ ‫۽ چند گهڙين کان پوِء قيامت پئي اچي تڏنهن به شهروَء کي شايد ايڏي حيرت ئي نه‬ ‫َ ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫7 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 8.
    ‫ٿئي ها جيترياهي جمال ٻڌي ٿي .‬ ‫ُ‬ ‫(ڪهڙي فضول قسم جي بڪواس پيو ڪرين؟ ) شهرو ڄڻ ته هٿن مان نڪتي پئي وئي!‬ ‫َ ُ‬ ‫ُ‬ ‫هن غرائيندڙ انداز اپنائي پوليس واري تي چڙهت ڪري ڏني ۽ اهڙيَء طرح ان طرف‬ ‫وڌي، ڄڻ ته سرڻ وانگر المارو هو ۽ اجهو هوَء هاڻ سپاهيَء جي گريبان کي ٻنهي‬ ‫ُ‬ ‫هٿن سان جهلڻ وٺندي.‬ ‫هن جي ان غير توقع عمل سان پوليس وارو به خوفزده ٿي ٻه قدم پٺتي ٿيڻ لڳو ته‬ ‫ُ‬ ‫پويان رکيل هڪ گملي سان ٽڪرائجي پيو. (مم... مونکي افسوس آهي ميڊم صاحبه..)‬ ‫هن گملي سان ٽڪرائيندي چيو، (مهنجو مطلب اوهان کي اجايو پريشان ڪرڻ جو‬ ‫ُ‬ ‫ڪونه هو، مان ته بس پنهنجي ڊيوٽي پيو ڪريان ،ائين چئي هو، تيزيَء سان پوئتي‬ ‫موٽي تڪڙو تڪڙو نڪري ويو.‬ ‫ايڪٽ ٻارهون‬ ‫َ ُ‬ ‫ُ‬ ‫پوليس وارو ته اهو پڙهو گهمائي اتان نڪري هليو ويو پر پوِء شهرو هڪ وڏي عذاب ۾‬ ‫ُ‬ ‫مبتال ٿي چڪي هئي، اهو بلڪل صحيح هو ته هوَء ئي اهوچاڪليٽي ڪريم بسڪيٽ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫جو پيڪٽ شائسته منگيَء جي الِء ٽيبل تي رکي آئي هئي، ۽ هن سوچڻ شروع ڪيو!‬ ‫ُ‬ ‫پر کيس اهو پيڪٽ ته شائسته منگيَء جي ڌيَء زينب منگيَء ئي ڏنو هو. جنهن کي ئي‬ ‫اها خبر هئي ته شائسته منگيَء کي ئي ان برانڊ جا چاڪليٽي ڪريم وارا بسڪيٽ‬ ‫ُ‬ ‫ڏاڍا وڻندا آهن. اها ته اهلل جي مهرباني يا شيطان جي بدقسمتي هئي ته مون اهي‬ ‫ُ‬ ‫بسڪيٽ پاڻ ڪونه کاڌا هئا، نه ته هن وقت پنهنجي ساهڙي شائسته منگيَء جي جاِء‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫8 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 9.
    ‫تي مهنجي ئيڪفن دفن جو بندوبست پئو ٿئي ها! معنيٰ ته در حقيقت زينب‬ ‫ُ‬ ‫منگيَء هن کي ئي زهر ڏئي مارڻ پئي چاهيو!‬ ‫ايڪٽ تيرهون‬ ‫هاڻ هن کان ڊنر ٺاهڻ به وسري وئي هئي ۽ هوَء ڪچن بدران البيَء ڏانهن وڌي سوچڻ‬ ‫ُ‬ ‫لڳي ته (آخر ڪهڙي ڳالهه هئي جو زينب منگي هن کي زهر ڏئي مارڻ پئي چاهيو؟ ڇا‬ ‫ُ‬ ‫ان الِء ته اسپتال جي بيڊ تي اچي پوڻ واري سندس ماُء پنهنجي ڌيُء جي هٿان ڪجهه‬ ‫ُ‬ ‫به وٺي کائڻ پيڻ نه پئي چاهيو؟ ڇا ان الِء ته مسز شائسته منگيَء کي پنهنجي ڌيَء‬ ‫زينب منگيَء کان شديد نفرت ٿيڻ لڳي هئي؟ ۽ ان حالت ۽ مجبوريَء ۾ هن کي‬ ‫ُ‬ ‫پنهنجي غريب جاڙي ڀيڻ شهرو جي گهرج هئي؟ ۽ اها شائسته جي خواهش هئي ته‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫هن جي ڪنهن به مصيبت ۾ پوڻ وقت ديک بال سندس ڌيَء زينب بجاِء صرف جاڙي‬ ‫ڀيڻ شهرو ئي ڪري؟ هون! ته کيس زهر ڏيڻ جو مطلب ئي اهو هو نه ته زينب منگيَء‬ ‫َ ُ‬ ‫کي اهائي ڪاوڙ ۽ ساڙ ٿيو ته متان سندس ماُء ان خدمت جي بدلي پوري ملڪيت جو‬ ‫وارث ڌيَء زينب بجاِء ڀيڻ شهروَء کي نه ڪري ڇڏي؟ هون ! سمجهي ويس! ته اهو ئي‬ ‫سبب هو جو هن زهر ڏئي مونکي پنهنجي رستي تان هٽائڻ پئي چاهيو.‬ ‫ِ‬ ‫ايڪٽ چوڏهون‬ ‫هن جي دل چاهيو پئي ته هوَء هيئنر جو هيئنر ئي زينب جي اپارٽمينٽ ۾ وڃي‬ ‫سندس ڇنڊ ڪڍي اچي، پر وصيت موجب ڀيڻ جي وفات کان پوِء، الش جي پوسٽ‬ ‫مارٽم ۽ پوليس انڪوائريَء کان پوِء ملڻ جي انتظار ۽ سندس ماُء جي وفات جي رک‬ ‫رکاُء جي ڪري، هن سوچيو ته ڀاڻيجيَء وٽ هن حالت ۾ وڃڻ بجاء هو َء کيس موبائل‬ ‫تي ئي ڇو نه اڳواٽ ست سريون ٻڌائي، اهو سوچي هن موبائل تي زينب جو نمبر مالئڻ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫شروع ڪيو. (ڪٽ)‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫9 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 10.
    ‫ايڪٽ پنڌرهون‬ ‫ٻئيطرف غم ۾غلطان، اکين ۾ ڳوڙهن سان ڀريل، سڻهنگون ڏيندڙ زينب منگي فون‬ ‫ُ‬ ‫جو نمبر ڏسي شان سان ڏکدار انداز ۾ جواب ڏنو، (جي ماسي!) انٽرڪٽ‬ ‫ُ ُ‬ ‫(تو جيڪي مونکي بسڪيٽ کائڻ الِء ڏنا هئا انهن ۾ زهر ڀريل هو) زينب جو آواز‬ ‫ٻڌندي شهروَء کيس زهرآلود لفظن سان اطالع ڪري هڪدم سيٽ کي بند ڪري‬ ‫ُ‬ ‫ڇڏيو. هن پنهنجي زندگيَء ۾ ڪڏنهن به اهڙيَء طرح ڳالهه ڪندي فون بند ڪون‬ ‫ڪيو هو پر زينب جي ان حرڪت هن کي اهڙي روش رکڻ تي مجبور ڪري وڌو هو.‬ ‫سيل هڪ پاسي رکي هوَء جاڙي امير ڀيڻ جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙي روئيندي رهي ۽‬ ‫پنهنجي منهن ڳالهائڻ لڳي. (مونکي اها ڳالهه ٿاڻي تي وڃي ٻڌائڻ گهرجي جي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫زينب اها حرڪت مونکي مارڻ الِء ڪئي هئي ته مون کي به هن جو ڪو خيال نه ڪرڻ‬ ‫ُ‬ ‫گهرجي ۽ هن کي ان جو بدلو ضرور ملي، ڪافي دير سوچڻ کان پوِء هن ان ڳالهه کي‬ ‫منتقي انجام تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪري وڌو پر وري سگهوئي پاڻ کي فلحال‬ ‫ُ‬ ‫ئين ڪرڻ کان باز رکيائين ۽ سوچيائين ته ڏسان ڳالهه ڪيستائين ٿي پهچي، جي‬ ‫ُ‬ ‫پوليس بسڪيٽ ڪري کيس انوالو ڪيو ته هوَء حقيقت تان پڙدو کڻندي.(انٽرڪٽ)‬ ‫ايڪٽ سورهون‬ ‫ٻئي طرف بند ٿيل سيٽ تي هلو! هلو!... ماسي!.. ماسي! سڏيندي زينب بند سيٽ کي‬ ‫هٿ ۾ رکي حيرت ۽ اچرج سان گهوريندي رهي. سندس زندگيَء ۾ اهو پهرون ڀيرو‬ ‫ُ‬ ‫ٿيو هو جو ماسي شهروَء هڪ جملو چئي ، اهو به هن غمن جي گهڙيَء ۾ فون بند ڪري‬ ‫ڇڏيو هجي. هوَء سوچڻ لڳي ته اهو بلڪل صحيح آهي ته اهو بسڪيٽن جو پڙو هن ئي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ماسيَء کي کائڻ الِء ڏنو هو، هوُء سوچڻ لڳي ته اهو بسڪيٽن جو پڙو ته کيس سندس‬ ‫ُ‬ ‫پٽ جاويد جي زال ڪنول کائڻ الِء ڏنو هو! (ان جو مطلب ٿيو ته سندس نُنهن ڪنول‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫01 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 11.
    ‫کيس زهر ڏئيمارڻ پئي چاهيو؟) هوَء پنهنجي ماضيَء ۾ هلي وئي.‬ ‫ايڪٽ سترهون (فليش بيڪ پنجون شروع)‬ ‫جڏنهن زينب جي پٽ ، جاويد منگيَء، ڪنول شيخ سان شادي ڪرڻ جو ارادو‬ ‫ُ‬ ‫ڏيکاريو هو ته زينب کي ڪنول شيخ هرگز ڏسندي نه وڻي هو ذهني طور تي کيس‬ ‫نُنهن ڪرڻ ۾ تيار نه هئي ان ڪري هن کيس رسمي طور به ڀليڪار ڪانه ڪئي جڏنهن‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫جاويد کيس ماَء سان مالئڻ آيو هو، هن جا گهڻائي سبب ٿي سگهيا ٿي، وڏي ۾ وڏو‬ ‫سبب اهو هو ته جڏنهن کان ڪنول شيخ جاويد جي زندگيَء ۾ قدم رکيو هو، هوَء پٽ‬ ‫ُ‬ ‫کان جدا ٿي چڪي هئي ۽ ڪنول شيخ جي گهروارن جاويد ۽ ڪنول کي علحده فليٽ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫وٺي رهڻ تي ئي شاديَء الِء آماد هوا نه تهو ماُء سان گڏ رهندو هو. هن جو پنهنجو ڌار‬ ‫ُ‬ ‫ڪاروبار هو ۽ هو هڪ بهترين زندگي گُذاري رهيا هئا جنهن ڪري هن ماُء شائسته‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫منگيَء کي به درگُذر ڪري ڇڏيو هو، جاويد جي پيُء جي وفات ٿي چڪي هئي ان‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ڪري هن جو خيال هو ته پٽ کي بيوه ماُء جو خيال رکندي جوائنٽ فيمليَء ۾ رهڻ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫کپندو هو ۽ هن جو اپارٽمينٽ به ڪشادو هو.‬ ‫ُ‬ ‫زينب کي ڪنول جو نالو به ڪون وڻندو هو، هوَء سوچي سوچي پاڻ کي پريشان‬ ‫ڪندي رهندي هئي ته (ڪنول!) مائي! ڀال اهو به ڪو نالو آهي، اهڙا ناال ته پرائمري‬ ‫ُ‬ ‫اسڪول جي ٻارن جي بيتن ۾ استعمال ٿيندا آهن، هوَء ڪنول جي مائٽن کي به گهٽ‬ ‫وڌ ڳالهائيندي رهي ته جن پنهنجي ڌيَء جو اهڙو بيهوده قسم جو نالو رکيو ها،‬ ‫عائشه رکن ها، نسرين رکن ها، ڪي سٺا ناال کُٽا هوا ڇا؟ انهن سڀني خيالن جي‬ ‫ُ‬ ‫باوجود به ڪي سندن تعلقات ايترا خراب ڪون هئا. اڳئين هفتي جي ته ڳالهه هئي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫جو ڪنول پنهنجي سس کي گهر ۾ گهرائي سندس ماني ڪئي هئي.‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫11 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 12.
    ‫ايڪٽ ارڙهون‬ ‫ماُء، پٽ۽ نُنهن جي هن مانيَء جي دعوت به ان رات کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو هو اها‬ ‫دعوت هڪ باربي ڪيو ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمري ۾ ٿي هئي ۽ ماني به واه جي ٿي هئي ،‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ٽيبل تي ميڻ بتين جي روشنيَء ۾ ماني کاڌي پئي وئي، ڪنول به پاڻ سان هڪ‬ ‫خوبصورت بُڪي به کڻي آئي هئي، زينب جو خيال هو ته مانيَء ختم ٿيڻ کان پوِء‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ڪنول اهو بُڪي کيس پيش ڪندي، پر برخالف ان جي هن پنهنجي سس کي‬ ‫َ ُ‬ ‫چاڪليٽ ڪريم جو هڪ بسڪيٽ جو پڙو پيش ڪيو ۽ ويندي مهل بُڪي کڻي ڪنهن‬ ‫ُ‬ ‫ساهڙيَء جي سالگره ۾ وڃڻ جو ارادو ڏيکاري کيس ۽ جاويد کي الوداع ڪري ٻاهر‬ ‫نڪري وئي.‬ ‫ايڪٽ اوڻيهون‬ ‫چاڪليٽي بسڪيٽ جو اهو پٺڙو به پراڻو پئي لڳو، ڇو جو ان جي پيڪنگ به صحيح‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫نه پئي لڳي، ڪنول کيس اهو بسڪيٽ جو پڙو ائين پيش ڪيو هوڄڻ ته کيس ڪو‬ ‫ُ‬ ‫دُهريَء جو سيٽ پيش پئي ڪري، ڪنول جي وڃڻ کان پوِء گهر اچي هوَء پاڻ‬ ‫کي.تسلي ڏئي سمجهائيندي رهي، هوَء شيخ فيمليَء جي ماڊرن طور طريقن ۽ پاڻ‬ ‫پڏائي اهميت وٺڻ جي اهميت کان ايتري واقف نه هئي. ۽ هاڻ کيس ماسيس شهروَء‬ ‫ُ‬ ‫جو فون ٻڌي سمجهه ۾ اچي ويو هو ته ان دعوت ، ۽ کيس ڇڏي وڃڻ يا سڙيل بسڪيٽ‬ ‫ُ‬ ‫جي پڙي ڏيڻ جو اصل مقصد ڇا هو، هن جي هڪدم وڃڻ جو به شايد اهو ڪارڻ هو ته‬ ‫ُ‬ ‫زينب متان اتي ئي بسڪيٽ جو دٻو ڏسي جاويد چکڻ الِء گهري يا هوَء پاڻ کولي پٽ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫يا کيس کائڻ الِء ڏي!‬ ‫آخر ڪنول مونکي زهر ڏئي ڇو ٿي مارڻ چاهيو؟ (هوَء سوچي سوچي پريشان ٿي‬ ‫چڪي هئي ) ۽ پوَء غور ڪرڻ کان پوِء هوَء سمجهي وئي ته ڪنول، ان دولت ۽ جائداد‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫21 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 13.
    ‫هٿ ڪرڻ الِءجيڪي هن جي نالي تي ماُء طرفان صرف کيس ڏنل هئي، شاديَء کان‬ ‫ُ‬ ‫پوَء جاويد ڪنول کي جنهن فليٽ ۾ وڃي رهايو هو اهو ننڍو هو ۽ هن کي به جاويد‬ ‫سان پيار جي شادي زبردستي ڪرڻ تي مائٽن کان به ڪجهه ڪونه مليو هو. جڏنهن ته‬ ‫ُ‬ ‫زينب وٽ مڙس جي دولت جو اضافي حصو به هو. بقول هن جي يقيبن اها ڳالهه به‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫هئي، الڙڪاڻي جي ڪنهن ڳوٺ کان لڏي ڪرچي ايندڙ اها ڇڇوري ،ڄٽ ، ڳوٺاڻي‬ ‫فيملي ، سندس پٽ کي پيار ۾ ڦاسائي پٽ ذريعي سندس دولت ۽ جائداد تي قبضو‬ ‫ُ‬ ‫ڪرڻ ٿي چاهي.‬ ‫مان هاڻ ان ڇوري ڪنول کي هرگز نه ڇڏينيديس! ڇا ٿي سمجهي پاڻ کي، مون ڪي‬ ‫چوڙيون پاتيون آهن؟ (هوَء خودڪالمي انداز ۾ پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي) مان هاڻ هن‬ ‫کي نه ڇڏينديس، هن ڄٽڻ مونکي!.. مونکي!.. مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ هاڻ اڳتي‬ ‫جو ڪنديسانس، اهو ته پنهنجي جڳهه ته پوِء ڪنديس، فلحال کيس ٻڌائي ته ڇڏيان‬ ‫ُ‬ ‫ته، ڪميڻي ڇوري! آئون تُهنجي سازش کان واقف ٿي چڪي آهيان، تو مونکي زهر‬ ‫ُ‬ ‫ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آ! اهو اهلل جو شڪر آ ته آئون ذري گهٽ بچي وئي آهيان اهو‬ ‫خيال اينديئي هن پنهنجي پرس مان موبائل ٻاهر ڪڍي،ڪنول جو نمبر ماليو.(ڪٽ)‬ ‫ايڪٽ ويهون‬ ‫ڪنول فون نمر ڏسي خوشگوار موڊ ۾ اٽينڊ ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳائي ۽ پنهنجي‬ ‫روائتي انداز ۾ فون اٽينڊ ڪيو، (يئس ڪنول شيخ اسپيڪنگ) (انٽر ڪٽ)‬ ‫زينب منگيَء کي ڪنول جو اهو انداز بلڪل ڪونه وڻيو هو خاص طور جڏنهن هوَء‬ ‫هاڻ منگي فيملي ۾ پڻجي آئي هئي، ته کيس ڪنول منگي چوڻ گهربو هو. (آخر هو‬ ‫ُ‬ ‫ٻين وانگر هيلو ڇو نٿي چوي) ضروري آهي ته هر ڪال تي ماڻهن کي پنهنجو نالو‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫31 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 14.
    ‫ٻڌائجي (هن فونجي مائڪ تي هٿ رکي پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو) زينب ڪنهن به‬ ‫ُ‬ ‫ڳالهائڻ جي رسمي پروٽوڪول کي نظر انداز ڪري سڌو سئون پڇڻ لڳيس. (ڪنول!‬ ‫ُ‬ ‫هن وقت آئون گهڻي اپ سيٽ آهيان! ڇو جو مونکي هاڻ ئي هاڻ خبر پئي آهي ته تو‬ ‫مونکي اهي سڙيل زهريال چاڪليٽ بسڪٽ ڏئي مارڻ پئي چاهيو؟ زينب اهو چئي‬ ‫ڪنول جي جواب ٻڌڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي! پر ائين رونما نه ٿيو ۽ ٻئي طرفان اهڙو‬ ‫ُ‬ ‫سناٽو ٿيو ڄڻ ته ڪنول کي نانگ سونگهي ويو آهي. زينب ڪافي وقت تائين سيل‬ ‫ڪن تي رکي جواب ٻڌڻ جي توقع ۾ انتظار ڪرڻ لڳي، جنهن سان ڪنول جي راز‬ ‫ُ‬ ‫ظاهر ٿيڻ جي ڪيفيت جو اندازو ٿي سگهي پر، خاموشي! کيس وڌيڪ چڙائيندي‬ ‫رهي ۽ هن صوفي تي پنهنجو سيٽ آف ڪري ڪاوڙ ۾ اُڇالئي ڇڏيو. (انٽر ڪٽ)‬ ‫ايڪٽ ايڪيهون‬ ‫ڪنول ، جنهن امتحاني پيپر پئي چيڪ ڪيا ،پنهنجو سيل بند ڪري ڀرسان ٽيبل‬ ‫تي رکيو، جتي امتحاني ڪاپين جو ڍير لڳو پيو هو، هوَء اسڪول ٽيچر هئي ۽ اسڪول‬ ‫ُ‬ ‫جي ٻارن جا پيپر گهر کڻي اچي چيڪ ڪندي هئي، هن کي پنهنجي ڪرائي واري‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫فليٽ ۾ اچي رهڻ ۾ مس هڪ هفتو گذريو هو، هن جو گهر به اڃا پوريَء طرح سيٽ‬ ‫ٿيل نه هو، ٽٽل ڦٽل، پراڻو ۽ ميرو فرنيچر، پراڻو قالين، پراڻا درين تي ٽنگيل پڙدا ۽‬ ‫وڏي ڳالهه ته هڪ پراڻي طرز رهائش جو فليٽ هو جتي ڪنول پنهنجي مڙس جاويد‬ ‫ُ‬ ‫منگيَء شاديَء کان پوِء ساڻس رهڻ آئي هئي. ۽ ان جر برخالف زينب منگيَء جو‬ ‫ُ‬ ‫عاليشان اپارٽمينٽ مان هر وڏيرپائي ظاهر پئي ٿي.‬ ‫ڪنول کي به احساس هو ته هن جي ۽ سندس سس جي وچ۾ طبقن جي حيثيت جي‬ ‫َ ُ‬ ‫واضح فرق کان عالوه ٻيون گهڻيون شيون به حائل هيون، جنهنجي ڪري زينب جو‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫41 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 15.
    ‫سلوڪ ۽ رويوڪنول سان بهتر نه رهيو هو. ان ۾ به ڪو شق نه هو ته هن جو ڪاروباري‬ ‫ُ‬ ‫ڪٽنب ، نه صرف ڌاڙيلن جي ڊپ ، پر اتر سنڌ ۾ ڪاروباري ماڻهن جي اغوا، وڏيرن‬ ‫ُ‬ ‫جي بگڙيل اوالد جي عورتن ۽ اسڪولي ڇوڪرين سان بيحرمتيَء جي وڌندڙ واقعن‬ ‫ڪري هو ڪنهن ڳوٺ مان لڏي، اچي ڪراچي رهيا هيا، نه ته ڪير هو جو ابن ڏاڏن‬ ‫ُ‬ ‫جا ڪک ڇڏي پاڻ کي دهشتگردن جي چنبي ۾ اچي وجهي ها. هن مائٽن جو هٿ‬ ‫ُ‬ ‫وڌائڻ الِء محنت ڪري ماستري ورتي هئي، عام ۽ سادو ماني ڪنو ڪرڻ ته ڄاڻندي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫هئي پر شهري طريقن جي انگريزي يا چائني کاڌن ٺاهڻ مان اڃا وقف ڪانه هئي.‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫جاويد سان پيار جو پرڻو ڪري به جاويد اڪثر کيس ٻاهر هوٽلن تي ماني کائڻ الِء يا‬ ‫گهمائڻ الِء وٺي ويندو هو. اهوئي سبب هو جو هن جو گهڻو وقت سس زينب سان‬ ‫َ ُ‬ ‫ُ‬ ‫ڪونه گذريو هو، جنهن جي ڪري انهن ۾ گهڻي رفاقت پئدا نه ٿي سگهي هئي، تنهن‬ ‫ُ‬ ‫هوندي به جڏنهن زينب منگي پٽ ۽ نُنهن کي پنهنجي شاندار اپارٽمينٽ ۾ ڊنر ڏني‬ ‫ُ‬ ‫هئي ته هن به چاهيو ٿي ته پنهنجي اسڪولي ڪمائيَء سان هو به سس کي هوٽل ۾‬ ‫َ ُ‬ ‫ُ‬ ‫دعوت ڏي ڇو جو سس زينب کي ننڍن ۽ زبون پرڻن فليٽن ۾ وڃڻ ڪان نفرت هئي.‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫هن ڪوشش ڪئي هئي ته هو سس جي پسند جو لباس پائي جيڪو هن پنهنجي‬ ‫َ ُ‬ ‫ُ‬ ‫ساهڙيَء کان عارضي طور ورتو هو ۽ رچ ميڪ اپ ڪرائي سس اڳيان آئي هئي.‬ ‫ُ‬ ‫َ ُ‬ ‫ڪنول انتهائي خوبصورت هئي، هو هلڪو ميڪ اپ ڪندي هئي ،هن تي هر لباس‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ٺهي ايندو هو ۽ شايد اهوئي سبب هو جو اسڪول ويندي هن تي جاويد منگيَء جي‬ ‫نظر پوندي هئي ۽ هو ڪالڪن جا ڪالڪ اسڪول جي ٻاهران کيس ڏسڻ الِء بهي‬ ‫ُ‬ ‫رهندو هو بلڪل آخر ٻنهين ۾ پيار ٿي پيو ۽ هنن پيار جو پرڻو ڪيو.باربي ڪيو ۾‬ ‫اهو پهريون ڀيرو ٿيو هو جو زينب منگيَء ان ڊنر تي خوشگوار ماحول روا رکيو هو ۽‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫51 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 16.
    ‫ڪنول کي جاويدبه ٻڌايو هو ته سندس ماُء پنهنجي نانيَء وانگر چاڪليٽي ڪريم‬ ‫ُ‬ ‫وارا بسڪيٽ پسند ٿي ڪري، ان ڪري جڏنهن اهڙا بسڪيٽ کيس مليا ته هن سس‬ ‫َ ُ‬ ‫جو پيار حاصل ڪرڻ ان الِء رکيا هوا.‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ ٻاويهون‬ ‫ُ‬ ‫ڪنول هڪ اصول پرست استاد هئي، هن کي تُحفا ڏيڻ ته وڻندو هو پر هن ڪڏنهن به‬ ‫ُ‬ ‫پنهنجي شاگردن کان يا انهن جي مائٽن کان تحفا وٺڻ ڪونه وڻندا هئا حاالنڪه‬ ‫ُ‬ ‫اسڪول جون اڪثر ماسترياڻيون ٻارن تي تحفن آڻڻ الِء بهانن سان زور به ڀرينديون‬ ‫هيون پر ڪنول انهن کان بلڪل مختلف هئي.‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫عجيب اتفاق هو ته هن دفعي پنهنجي اصول ۽ طبيعت جي برخالف هن پنهنجي‬ ‫هڪ شاگرد ظفر جي انتهائي زور ڀرڻ تي چاڪليٽ ڪريمي بسڪيٽ جو اهو پڙو‬ ‫ُ‬ ‫تحفي طور قبول ڪيو هو ۽ هن ان ڪري به عار محسوس ڪونه ڪيو جو اهو ڪو‬ ‫قيمتي تحفو نه پر هڪ بسڪيٽ جو پڙو هو. شايد ظفر کان سواِء ٻيو ڪو شاگرد کيس‬ ‫ُ‬ ‫اهو تحفو ڏي ها ته هوَء ان کي هرگز قبول نه ڪري ها.‬ ‫ايڪٽ ٽيويهون‬ ‫ظفر سندس اسڪول تي تمام هونهار شاگردن مان هڪ هو، جنهن کي ڪنول‬ ‫پنهنجي محنت جي مسلسل بازي لڳائي ان مقام تي پهچايو هو. ظفر جڏنهن هن‬ ‫ُ‬ ‫جي ڪالس ۾ آيو هو ته هو هڪ ناالئق ترين شاگرد هو، شرارت ۾ ماهر، هن ڪنول کي‬ ‫به گهڻا دفٿا تنگ ڪيو هو، بس هاڻ ظفر ڪنول الِء ڄيلينج بڻجي ڄڪو هو.‬ ‫ُ‬ ‫(ڏس ظفر ! توکي محنت ڪري وڏو ماڻهون ٿيڻو آ ! توکي پنهنجي ماُء پيُء جي عزت‬ ‫۽ ننڍين ڀيڻن جو سهارو بڻجڻو آ، جيئن تون پڙهي وڏو ماڻهون بڻجي هنن جا هٿ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫61 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 17.
    ‫ميندي رنگا ڪريسگهين) شايد اها نصيحت ظفر کي سمجهه م اچي وئي هئي ۽ هو‬ ‫ُ‬ ‫محنت ڪري ٿورڙي عرصي ۾ ئي ڪالس جو بهترين شاگرد بڻجي ويو هو.‬ ‫پر هاڻ ڪنول کي ظفر کان نفرت اچڻ لڳي ۽ اها نفرت ڪراهيت ۾ بدلجي وئي،‬ ‫ڪنول کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخر اهو ڪهڙو سبب هو جو اوچتو ظفر کي‬ ‫کائنس نفرت ٿيڻ لڳي ۽ هو کيس زهر ڏئي مارڻ تي تيار ٿي ويو. هن کي جيڪا ڳالهه‬ ‫سمجهه ۾ اچي سگهي، اها بس اهائي هئي ته (ڪتي جو پائيپ ۾ وڌل پڇ، سئو سال کان‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫پوِء ڪڍڻ تي به ٽيڙي جو ٽيڙو !) يا شيطان شيطان ئي هوندو آهي ۽ هن کيس انسان‬ ‫بنائڻ ٿي ڄاهيو پر هوَء ڪامياب نه ٿي سگهي !.هاڻ ظفر ڪنول جي نظرن ۾ ناقابل‬ ‫ُ‬ ‫اصالح بُرائيَء جي عالمت بڻجي ويو هو، جنهن هن کي بسڪيٽ ۾ زهر وجهي مارڻ‬ ‫ُ‬ ‫جي سازش ڪئي هئي پر اهلل جو شڪر جو هوَء گٿيَء تان بچي وئي.‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ چوويهون‬ ‫اها رات ڪنول پنهنجي هنڌ تي بيچينيَء سان پاسا بدالئيندي گُذاري، سڄي رات‬ ‫بس اهوئي سوچيندي رهي ته جي هو اهو زهريلو بسڪيٽ کائي ڇڏي ها ته هن جي‬ ‫پيٽ ۾ هن سان گڏ، ٻن مهنن جو ٻار، دُنيا ۾ اچڻ کان پهرئين مري وڃي ها. ۽ هوَء ظفر‬ ‫جي غلط حرڪت جي ڪري هاڻ پنهنجي سس زينب منگيَء جي نظرن ۾ به ڪري پئي،‬ ‫َ َ‬ ‫جنهن کي راضي رکڻ جا هن گهڻائي جتن ڪيا هئا.‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ پنجويهون‬ ‫ُ‬ ‫وڏي مشڪل سان رات گذري ۽ هوَء تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي سڌو اسڪول هلي وئي، هن جو‬ ‫پنهنجي اعصابن کي قابوَء ۾ رکڻ مشڪل پئي ٿيو، اهو ته شڪر هو جو هن کي جيڪو‬ ‫ُ‬ ‫پهريون پيرڊ وٺڻو هو اهو به ظفر جي ڪالس جو هو.‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫71 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 18.
    ‫ڊيسڪ تي ويـٺلمسڪرائي ڏسندڙ ظفر تي نظر پوندي ئي هن جو جسم ڪنهن باه‬ ‫وانگر تپڻ لڳو. هن جي دل چاهيو پئي ته هوَء پوري ڪالس اڳيان ظفر جي اهڙي خبر‬ ‫وٺي ۽ پوِء پڇيس ته (احسان فراموش ! تو اهي زهر وارا چيڪليٽي بسڪيٽ ڇو‬ ‫ُ‬ ‫مونکي آڻي ڏئي مارڻ چاهيو، جڏنهن ته مون توکي شيطان مان انسان ٺاهڻ جي‬ ‫ڪوشش ڪئي؟)‬ ‫پر حيرت انگيز طور تي هن پنهنجي جذابتن تي قابوَء ڪري ورتو هو ۽ انتهائي پر‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫سڪون لفظن ۾، ظفر جي ويجهو پهچي سرگوشيَء ۾ چوڻ لڳي ! (ظفر ! تو جيڪي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ ُ‬ ‫مونکي بسڪيٽ ڏنا هئا اهي زهريال هوا !) جواب ۾ بس ظفر خاموش بهي‬ ‫ُ‬ ‫مسڪرائيندو کيس تڪيندو رهيو. هن مان اندزو پئي ٿيو ته شايد هو ڪنول کان ٻيو‬ ‫ُ‬ ‫ڪجهه به ٻڌڻ ٿو چاهي، پر ڪنول طرفان به خاموشي هئي، ٻئي منتظر نظرن سان هڪ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ٻئي کي ڏسندا رهيا ۽ پوِء آهستي آهستي، ظفر جي چهري جا تاثر بدلجڻ لڳا ۽ هن ۾‬ ‫اهوئي ضدي ٻار وارو چهرو ڏسڻ ۾ آيو جيڪو ڪنول کي شروع ۾ ڏسڻ ۾ ايندو هو.‬ ‫ُ‬ ‫انهن ڏينهن ۾ هو انتهائي بدتميز، لکڻ پڙهڻ کان عاجزي ۽ ڪنول جو چيو نه مڃندڙ‬ ‫ُ‬ ‫شاگرد هو جيڪو ڳالهه ڳالهه ته انڪار ڪري ڇڏيندو هو. ڪي لمحه ائين ئي گُذريا ۽‬ ‫ُ‬ ‫پوِء هو اٿيو ۽ پنهنجي ڪتابن جي بيگ کي ڪلهن تي وجهڻ لڳو ۽ بيپرواهيَء سان‬ ‫ُ‬ ‫پنهنجا ٻئي ڪنڌ ڌوڻي ڪالس روم مان ٻاهر نڪري ويو.‬ ‫ايڪٽ ڇوويهون‬ ‫روئڻڪهار ظفر،گهر پهچڻ سان ماُء تي تکائي سان مخاطب ٿيو (تو جيڪي بسڪٽ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫81 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 19.
    ‫مونکي ڏنا هوااُهي زهريال هئا) ائين چئي هو سڌو وڃي کٽ تي وڇيل بستر تي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫اونڌو ليٽيي سسڪيون ڏئي رئڻ لڳو. (ڪٽ)‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ ستاويهون‬ ‫طفرجا تُرش ۽ تکا بدتميزيَء وارا لفظ سندس ماُء سڪينه الِء تڪليف جو باعث‬ ‫ُ‬ ‫بڻجي ويا ! هن پنهنجي منهن بُڻ بُڻ ڪئي (ڪهڙي اجائي بڪواس پيو ڪري؟ ته اهي‬ ‫ُ‬ ‫بسڪيٽ زهريال هئا !) هوَء حيرت ۽ فڪر سان سوچ ۾ ٻڏي وئي هئي.‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ اٺاويهون‬ ‫سڪينه سيٺياڻين جي گهرن ۾ پورهو ڪري پنهنجي زندگي بسر ڪندي هئي ،‬ ‫ُ‬ ‫سندس مالڪياڻيون اڪثر کيس بچيل کاڌو، پراڻا لٽا، جوتا يا ڪي شيون ڏينديون‬ ‫ُ‬ ‫هيو ، هن جي هڪ مالڪياڻي باجي شازيه ته سندس گهڻو خيال ڪندي هئي ، اهي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫بسڪيٽ به کيس باجي شازيه ڏنا هئا، هي اهي بسڪيٽ گهر کڻي آئي ۽ سندس ارادو‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫انهن کي کائڻ جو هو پر گهر ۾ پهچڻ شرط ئي ظفر اهي بسڪيٽ سندس هٿ مان‬ ‫ُ‬ ‫زوريَء ڇنندي پئي چيو ته (هي بسڪيٽ جو پڙو آئون پنهنجي مس ڪنول کي‬ ‫ُ‬ ‫ڏيندس). سڪينه ان تي اعتراض ڪونه ڪيو، ڇو جو هوِء سمجهندي هئي ته هن جو‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫پٽ ظفر پنهنجي مس کي گهڻو چاهيندو هو.‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ اوڻٽيهون‬ ‫سڪينه علي پور پنجاب مان ڪراچي پورهيو ڪرڻ آئي هئي، سندس مڙس بيڪار ۽‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫واندو هو، هوڪو به ڪم ڪون ڪندو هو بس حقو کنيو گهر جي ٻاهران مڇين کي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫تاُء ڏئي جهوپڙين سامهون روڊ جي فٽ پاٿ تي پلٿي ماري ويٺو هوندو هو. مڙس کي‬ ‫ٻار ڄڻڻ جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ غربت ڪري سڪينه ٻار ڪيرائيندي آئي هئي، پر‬ ‫ُ‬ ‫تمام ڪوششن ۽ رٿا بندين هوندي به ظفر پئدا ٿي ويو هن سوچيو هو ته هو ظفر کي‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫91 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 20.
    ‫ڪنهن بي اوالدکي وڪڻي ايندي، پر ظفر جي دنيا ۾ اچڻ سان سندس مامتا جوش‬ ‫هنيو ۽ هن نه چاهيندي به ظفر جي پرورش ۾ ڪا به روڪ نه رکي سگهي. ظفر هن جو‬ ‫چوٿون ۽ آخري پٽ هو،‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ ٽيهون‬ ‫روڊن تي رلندڙ ۽ گهٽين ۾ ليٿندڙن ماسين جي ٻين ٻارن وچ مان اُڀري نروار ٿيندڙ‬ ‫ُ‬ ‫ظفر پنهنجي راند روند فليٽ جي ڇوڪرن سان ڪندو هو ۽ هو صاف سٿرو هو،‬ ‫ُ‬ ‫شرارتي هوندي به هو سڪينه جي اکين جو تارو ۽ اوڙي پاڙي وارن جي عزت ڪندڙ‬ ‫هو، ويتر جو اسڪول ۾ مس ڪنول جهڙي استاد مليس ته هو وڌيڪ نڪري نروار ٿي‬ ‫ويو، جي ڪو سندس پيچو ڪري کيس جهوپڙين وارن گهن ۾ ويندو نه ڏسي ته‬ ‫ُ‬ ‫سمجهي ته هو ڪنهن مالزمت ڪندڙ سٺي فيمليَء جو ٻار آهي. هن ڪڏنهن به ماُء کي‬ ‫ُ‬ ‫تنگ نه ڪيو، سواِء ان جي جو شروع شروع ۾ پڙهڻ کان وڌ ڪرڪيٽ راند ۾ دلچسپي‬ ‫هوند هيس ۽ آخر اها خرابي به مس ڪنول جي اسڪول ۾ ماسترياڻي لڳڻ کان پوِء‬ ‫ُ‬ ‫ختم ٿي وئي هيس.‬ ‫ُ‬ ‫(انٽر ڪٽ)‬ ‫ايڪٽ ايڪٽيهون‬ ‫سڪينه اندر وڃي کٽ تي اونڌو ليٽيل ظفر کي پيار ڪرڻ لڳي جيڪو سسڪين ۾ پيو‬ ‫ُ‬ ‫هو ، ڪنڌ مٿي ڪري ماُء کي ڪاوڙ ۽ تيش ۾ اچي شڪايت ڪرڻ لڳو (تو جيڪي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫مونکي بسڪيٽ آڻي ڏنا هئ ! اهي زهريال هوا امان !)‬ ‫ُ‬ ‫(پٽ ! قسم سان، مونکي پاڻ اها خبر ڪونه هئي ته اهي بسڪيٽ زهريال هوندا، مان ته‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫اهي پاڻ پئي کائڻ لڳيس پر تون مونکان زوريَء جهپٽي وئين !) اهو چئي کيس به‬ ‫خوف وڪوڙي ويو ! هوَء سوچڻ لڳي ته جي هوَء اهي بسڪيٽ کائي وجهي ها ته هيئنر‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫02 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 21.
    ‫هن دُنيا ۾نه هجي ها. هوَء وڌيڪ سوچڻ لڳي ته آخر باجي شازيه جي هن سان ڪهڙي‬ ‫ُ‬ ‫دُشمني هئي جنهن هن کي اهي زهريال بسڪيٽ کارائي ماريو ٿي، هوَء جڏنهن‬ ‫ُ‬ ‫پنجاب ڇڏي ڪراچي پئي آئي ته هن کي خبردار ڪيو ويو هو ته ڪراچيَء وارن بچ‬ ‫بچاُء ڪري هلي جو ڪهڙي خبر، ڪنهن ڳالهه تي هو ناراض ٿي سندس، مڙس ۽ ٻارن‬ ‫ُ‬ ‫جي الشن کي ٻوري ۾ وجهي ٽرين ذريعي پنجاب موڪلي ڇڏين. هو سوچڻ لڳي ته‬ ‫ايڪٽ ٻٽيهون‬ ‫جڏنهن شازيه باجيَء جو سونو هار وڃائجي ويو هو ۽ کيس نه مليو هو ته هن سڪينه‬ ‫تي ئي چوريَء جو الزام هنيو هو ۽ ڌمڪيون به ڏنيون هيون . ڇا اڃا به باجي سڪينه‬ ‫ُ‬ ‫کي شق آهي ته هن جو اهو هار مون ئي چورايو هو؟ ۽ هن بدلو وٺڻ الِء اهي زهريال‬ ‫بسڪيٽ مونکي ڏنا هئا ! جڏنهن ته پوِء خبر پئي ته سندس ڌيَء کيس ٻڌائڻ بنان‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫پائي ڪاليج وئي هئي ۽ ڪٿي بس ۾ ئي ڪيرائي آئي هئي. اهو سوچيندي سندس پارو‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫به چڙهڻ لڳو چوڻ لڳي (غريب ضرور آهيون پر محنت ڪري کائون ٿا) بهرحال هن پٽ‬ ‫ُ‬ ‫کي کٽ تي روئيندو ڇڏي، ڪاوڙ ۾ حساب ڪتاب ڪرڻ الِء باجي شازيه جي گهر‬ ‫روانو ٿي وئي.‬ ‫ايڪٽ ٽيٽيهون‬ ‫باجي شازيه سڪينه کي ڪڏنهن به ايتري ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو هو هوَء ڪاوڙ ۾ کيس‬ ‫گهوري رهي هئي، هن جو انداز شازيه باجيَء الِء بلڪل نئون هو جنهن تي کيس‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫حيرت ٿي رهي هئي. هن پڇيس (ڇا ڳالهه آهي سڪينه ! تنهني طبيعت ته ٺيڪ آهي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫نه؟ ) بيگم صاحبه ! تُهنجو ڪهڙو خيال آهي ! منهجي طبيعت کي ٺيڪ هئڻ گهرجي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ها نه؟‬ ‫ُ‬ ‫تون ڇا پئي چئين ؟ سڪينه ! هي اڄ تون مهنجي سوالن جا ابتا جواب ڇو پئي ڏين ؟‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫12 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 22.
    ‫(شازيه حيرت ۾پئجي پڇڻ لڳس) تو کا آخر ٿيو ڇا آهي؟‬ ‫ُ‬ ‫اڃا ته ڏسين پئي بيگم صاحبه ! ڪجهه به ناهي ٿيو ! پر گهڻو ڪجهه ٿي به سگهيو ٿي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫(سڪينه طنزيه انداز ۾ چيو) هو ڇورو ته خوش هو ته اڄ پنهنجي مس کي هڪ تُحفو‬ ‫پيو ڏي، پر هن چرئي کي ڪهڙي خبر هئي ته هو تُحفو نه موت جو رسو هو، جنهن کي‬ ‫َ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫هن پنهنجي مس جي ڳلي ۾ پئي ٻڌو !‬ ‫ڪهڙو ڇورو؟ سڪينه اڄ مونکي تُهنجون ڳالهيون سمجهه ۾ ئي نه پيون اچن ! (شازيه‬ ‫الجهن جو اظاهر ڪيو)‬‫ُ‬ ‫ظفرو ! ٻيو ڪير بيگم صاحبه !‬ ‫ڪير ظفرو ؟ (شازيه نه سمجهندي وري پڇيو)‬ ‫ُ‬ ‫مهنجو پٽ ظفرو بيگم صاحبه ! سڀني ٻارن کان ننڍو پٽ ! (سڪينه وضاحت ڪئي)‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫اوه ! مان سمجهي ويس ! اهو نه جيڪو ڪڏنهن ڪڏنهن توسان هتي به ايندو هو؟ ها‬ ‫ته! ڇا ٿيو آهي تُنهنجي پٽ ظفروَء کي ؟ خير ته آهي نه ؟‬ ‫ُ‬ ‫ها! ها! خير آهي خير بيگم صاحبه ! اهو ته رب جو شان ۽ شڪر آهي جو اسان ٻئي ماُء‬ ‫ُ‬ ‫پٽ صحيح سالمت آهيون، نه تو تو بيگم صاحبه ! اسانکي مارڻ ۾ ڪا ڪسر ٿوڙي‬ ‫ُ‬ ‫ڇڏي هئي.‬ ‫ُ‬ ‫سڪينه ! تُهجو دماغ ته پنهنجي جاِء تي آهي نه ؟ (شازيه گرم ٿيندي چيو)‬ ‫مون توکي تڏنهن ئي چئي ڇڏيو هو بيگم صاحبه، ته تُهنجي چوري ٿيڻ واري هار جي‬ ‫مونکي ڪابه خبر ڪانه هئي، پر اميرن کي غريبن جي ڳالهه تي ڪڏنهن اعتبار آيو‬ ‫ُ‬ ‫آهي؟ (سڪينه زهريلي لهجن ۾ چوندي وئي) تو ته بيگم صاحبه بس اهو ظاهر ڪيو ته‬ ‫توکي مهنجي ڳالهه تي يقين اچي ويو هو، ڇو جو تُهنجو هار مون نه پر تُهنجي ڌيُء‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫22 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 23.
    ‫ئي کنيو هو!االهي سچ يا ڪڙ! پر تو ئي ته اهو ٻڌايو هو! پوِء هاڻ اهي زهر وارا‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫بسڪيٽ ڏئي مون ان چوري ٿيندڙ هار جو بدلو ٿي وٺڻ چاهيو؟‬ ‫شازيه حيرت سان سڪڏل ڳالهيون ٻڌندي پئي وئي ، جڏنهن سڪينه خاموش ٿي وئي‬ ‫ُ‬ ‫ته هن چوڻ شروع ڪيو (سڪينه يقين ڪر مونکي خبر ئي نه هئي ته ڪي انهن‬ ‫ُ‬ ‫بسڪيٽن ۾ زهر پيل هو يا سڙي زهريال ٿي ويا هئا. اهي بسڪيٽ نه ئي مون خريد ڪيا‬ ‫ُ‬ ‫هئا ۽ نه ئي پاڻ ٺاهي رکيا هئا پر مونکي به اهي ڪنهن ڏنا هئا. هاڻ جيئن ته توکي به‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ٻڌي اهو صدمون پيو پهچي ته اهي بسڪيٽ زهريال هئا، ۽ خدا نه خواسته مون توکي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫مارڻ الِء توکي ڏنا هئا !ان کان وڌيڪ مونکي به صدمون پيو رسي ته شايد هوَء مهنجي‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ڪڍ لڳل هئي ۽ هن ڄاڻي ٻجهي مون کي هن بسڪيٽن سان زهر ڏيڻ ٿي چاهيو.‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫هاڻ سڪينه به وات ۾ گندي وجهي کيس حيرت ۾ ڏٺو (هان ! بيگم صاحبه !) تون سچ‬ ‫ُ‬ ‫پئي چئين ؟ ڪير هو اهو جنهن توکي مارڻ الِء اهو زهر پئي ڏنو؟‬ ‫شازيه ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ خاموش نظرن سان سڪينه کي تڪيند ي وئي ..‬ ‫ايڪٽ چوٽيهون‬ ‫سوچن ۾ پاڻ کي چئي رهي هئي (ته ڇا هاڻ مونکي پنهنجي عزيز ساهيڙي شائسته‬ ‫ُ‬ ‫منگيَء جي گهر هن جي جنازي جو آخري ديدار ڪرڻ وڃڻ گهرجي ؟)‬ ‫شائسته منگيِء سان هن جا تعلقات گهڻي عرصي کان خراب هئا، اُهي وڃي تڏنهن‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫بحال ٿيا هوا جڏنهن شائسته منگيَء کي پهريون دل جو دورو پيو هو، هن ٻنهين جي‬ ‫ُ‬ ‫دوستي به مثالي هئي ته دُشمني به، سببب هو هن جي سهڻي ڌيَء جنهن سان شائسته‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫32 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 24.
    ‫منگي پنهنجي اڪيليپٽ جي شادي ڪرائڻ پئي چاهي. پر سندس ڌيَء ڪلثوم ٻئي‬ ‫ُ‬ ‫ڪنهن ڪالسميٽ سان پيار ڪندي هئي ۽ ان سان ئي شادي ڪرڻ پئي چاهيائين. هن‬ ‫ُ‬ ‫به دوست شائسته منگيَء جي زور ڀرڻ تي گهڻو ڌيُء کي سمجهايو، سندس دولت‬ ‫جيڪا هن جي اڪيلي پٽ جي نالي تي هئي جي اللچ پڻ ڏنائين پر ڪلثوم کي شائسته‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫منگيَء جو پٽ اختر منگي وڻندو ئي ڪونه هو، شادي جي انڪار ٻڌڻ کان پوِء اختر‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫منگي دُنيا سان رشتا ئي ٽوڙي ڇڏيا، هن جي هڪ طرف جي پيار هن کي انڌو ڪري‬ ‫ڇڏيو هو ۽ هڪ ڏينهن هن پاڻ کي گهر جي پکي ۾ ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي. بس‬ ‫ان کان پوِء شائسته منگيَء جو خيال هو ته سندس پٽ جي خودڪشيَء ۾ شازيه جو‬ ‫ُ‬ ‫هٿ آهي، جنهن پنهنجي ڌيُء تي سندس پٽ سان شادي ڪرڻ تي زور ئي نه ڀريو هو ۽‬ ‫ُ‬ ‫هن پيار ۾ ناڪاميَء تي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو.‬ ‫آخر جڏنهن شائسته کي دل جو دئورو پيو ۽ ڊاڪٽرن به چيس ته ٻيو دورو هن جي‬ ‫زندگيَء الَء هاڃيڪار ثابت ٿيندو ته هن آخري وقت ۾ اچي پنهنجي دلگهري ساهڙي‬ ‫شازيه سان واپس دوستي ڪئي، پنهنجي ماضيَء جي ناراضگيَء تي اسسوس جو‬ ‫اظهار ڪيو ۽ گهڻن اجائي ڪيل زيدتين جي معافي ورتي ۽ شازيه به هن کي معاف‬ ‫ڪري ڇڏيو.‬ ‫شائسته دل جي پهرئين دوري پوڻ کان پوَء مسلسل شازيه وٽ اچڻ وڃڻ لڳي ۽ ساڻس‬ ‫الِء پنهنجي پسند جو چاڪليٽي ڪريم بسڪيٽن جو دٻو به وٺي آئي، شازيه کي به خبر‬ ‫هئي ته اهي سندن پسنديده ۽ مزيدار بسڪيٽ آهن ۽ هوَء ان کي بهترين تحفو‬ ‫ُ‬ ‫سمجهي تمام گهڻي خوش ٿي وئي. (مهنجي طرفان محبتن جو هي حقير تُحفو‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫42 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬
  • 25.
    ‫شازيه! اميد تهتون هن ۾ مهنجو خلوص ۽ پيار به تالش ڪنديئن)‬ ‫ُ‬ ‫ايڪٽ پنجٽيهون.‬ ‫هوَء سوچن مان ٻاهر نڪري آئي ته سندس عزيز ساهڙي مرڻ کان پهرئين پنهنجي پٽ‬ ‫جي خودڪشيَء جو بدلو کيس زهر ڏئي پئي ورتو، اها ته سندس خوشقسمتي هئي‬ ‫ُ‬ ‫جو هن اهو بسڪيٽن جو پڙو رحم کائي ڪم واري کي ڏئي ڇڏيو هو ۽ هوَء بچي وئي‬ ‫ُ‬ ‫نه شائسته منگي بدران هن جي ڪفن دفن جو بندوبست پيو ٿئي ها.‬ ‫هي اُهو ئي زهريلي بسڪيٽن جو پڙو هو جيڪو گهمندو گهمندو اصل مالڪ تائين‬ ‫ُ‬ ‫وڃي پهتو ۽ جنهن کي کائڻ کان پوِء، وات مان رت ايندي ئي هن پڙي کي ڦولي ڏٺو‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫هو ۽ سڃاڻي موت مهل وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا هئا. شائسته منگي مري چڪي هئي ۽‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫سندس موت جو سبب به پوسٽ مارٽم ۾ اهوئي زهريلو چاڪليٽ هو، جنهن کي هوَء‬ ‫کائڻ وقت هٻڇين وانگر چٽيندي هئي.‬ ‫ُ‬ ‫ڄاڻي‬ ‫پُ‬ ‫س ا ل ي وُ و ڊ پ ر و ڊ ڪ ش ن ، پ ب ل ي ڪ ي ش ن ۽ ر ي س ر چ س ي ن ٽ ر ن ي و س ع ي د آ ب ا د ج ي‬ ‫52 ‪Page‬‬ ‫پيشڪش‬