هڪ پاڪباز عورت جي ڪهاڻي (اسڪرين پلي) ! جنهن ته سندس مُڙس بدچلنيءَ جو الزام مڙهي ٿو ! قدرت جو ڪرشمون ! جيڪا سند لڄ محفوظ رکي ٿي.
تحرير ، مُڪالما ۽ منظر ڪشي
عبدلرزاق ميمڻ
ون لائين .
رئيس پنهنجي پهرين زال ساجده سان گهڻو پيار ڪندو هو جنهن مان رئيس کي ٻه ٻار هُئا ۽ ساجده جي ٽئين ٻار ڄمڻ کان پهرئين وفات ٿي وڃي ٿي. ٻارن جي پرورش خاطر رئيس جا ساهرا سنس ٻي شادي ساجده جي ڀيڻ عابده سان ڪرائين ٿا ۽ مجبورين رئيس به ٻرن خاطر هاڪار ڪري ٿو. رئيس عابده سان تعلقات برقرار نٿو رکي ٿو پر هڪ ڏينهن عابده کيس اهي قائم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي ۽ کيس پنجن سالن کان پوءِ ٽئي ٻار جي وجود جو ٻُڌائي ٿي ٿو ته رئيس عابده تي بدچلنيءَ جا الزام هڻي ٻار کي پنهنجو پُٽ مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو. پئنچائتي فيصلي تحت جڏنهن ڳالهه کُلي ٿي جتي رئيس انڪشاف ٿو ڪري ته هن ساجده وقت ۾ ئي خانداني منصوبه بنديءَ تي عمل ڪري نس بندي ڪرائي ڇڏي هُئي سو ڪيئن ممڪن هو جو اهو سندس ٻار آهي. پاڪباز عابده ۽ مائٽن کي شرمسار ٿيڻو پوي ٿو بل آخر پڙهيل لکيل پاڪباز عابده پاڻ ئي ميدان تي اچي رئيس جي لڳايل تهمت کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ فيملي پلاننگ ڊپارٽمينٽ سان ملي ٿي. پوءِ ڇا ٿيو اهو توهان پورو اسڪرپٽ پڙهي سمجهو ته ڇا عابده پنهنجي پاڪبازي ثابت ڪري سگهي ته ڪيئن ! جڏنهن رئيس واقعي پنهنجي نس بندي ڪرائي چُڪو هو !