Successfully reported this slideshow.
We use your LinkedIn profile and activity data to personalize ads and to show you more relevant ads. You can change your ad preferences anytime.

Divan Budhal Faqir (ديوان ٻڍل فقير)

3,510 views

Published on

Biography and Poetry of Hazrat Budhal faqir Sufi ul Qadri

Published in: Education
  • Be the first to comment

Divan Budhal Faqir (ديوان ٻڍل فقير)

  1. 1. ‫ڍل فقير‬‫ديوان ٻُ‬ ‫ُ‬ ‫سوانح عمري ۽ ڪالم‬‫حضرت شهنشاهه ُٻڍل فقير صوفي القادري‬ ‫ُ‬ ‫سهيڙيندڙ : فقير طارق حيات الشاري‬
  2. 2. ‫بسم اهلل الرحمن الرحيم‬ ‫ديباچو‬ ‫َ ْ َ َ َ َ ْ ُ ْ أَ ْ َ‬ ‫لوالک لما خلقت الفالک (قرآن پاڪ)‬ ‫أ ََّ ُ َ َ َ َ ُ ُ‬ ‫أول ما خلق هللا ُنري (حديث شريف)‬ ‫ِ‬‫خاص تعريف آهي، واسطي خالق الخلق، ۽ مالڪ الملڪ جي جو جڳائي ثناِء حضرت محمد مصطفي‬‫ٰ‬‫احمد مجتبي ﷺ جن جي طفيلي هي جهان دنيا جو بلڪ ساري ڪائنات پيدا ٿي. جنهن جو ثبوت‬ ‫ٰ‬‫مٿين آيت شريف ۽ حديث پاڪ مان ملي ٿو. پوِء ڇو نه اسان پنهنجي پياري نبي ﷺ جي تعريف‬ ‫ڪريون. ۽ سندن نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪريون. اما بعد‬‫هي ڪتاب " دري ناياب " جي نالي سان هادي شهنشاه سائين ٻڍل فقير صوفي القادري جن جي‬‫منجهس سوانح عمري ۽ سندن معجزنما گفتارن جي قلم بند ڪري ڇپائڻ الِء حضرت سجاده نشين‬‫اڪمل اهل اهلل هادي حضرت فقير عبدالڪريم صوفي القادري جن پنهنجي فرزند ارجمند حضرت‬‫فقير مست محمد مقيم صوفي القادري جن کي حڪم فرمايو. جو صاحبزاده صاحب جن درج ڪري‬ ‫ڇپرايو.‬ ‫َ‬ ‫ََّ َ ُ ُ َ َ َ ً َ َ ُ َ ُ ُ َ‬ ‫اَِنا امره اِذا اراد شيئا ان يقول له کن فيکون‬‫هن آيت جي لکڻ جو صرف اهو مقصد آهي ته جڏهن رب جي ذات پنهنجي حسن نور محمد ﷺجن ۾‬ ‫ِ‬‫ڏٺو تڏهن امر ڪيائين پنهنجي ارادي کي ته ٿي پئه. پوِء ٿي پيو. ڇا ٿيو جو ساري ڪائنات جڙي ۽ روح‬ ‫پيدا ٿي پيا. ڪٿان؟ سندس نور مان جدا جدا جزا ٿيا.‬ ‫ِ‬‫فرمايائون الست بربکم؟ ارواحن عرض ڪيو قالو بلي پوِء محبوب پاڪ جن جي پيشوائي الِء زمين‬ ‫ٰ‬‫کي سينگارڻ واسطي آدم عليه السالم جي بوتي تيار ڪرڻ الِء مالئڪن کي حڪم فرمايو ته آدم جو‬‫بوتو پاڻي ۽ مٽي مان تيار ڪيو. پوِء مالئڪن بوتو ٺاهيو مگر جيئن رب پاڪ جي ذات کي بڻائڻو‬‫هيو ان موجب مالئڪن کي ٺاهڻ نه آيو. پاڻ فرمايا.ئين " خلق هللا آدم علي صورته " ، جڏهن آدم عليه‬ ‫ٰ‬ ‫َ ْ ُ ْ َ ْ َ َ َ ْ ُ ُ َآ َ َ َ َ َ ُ ََّ‬‫السالم ۾ روح آيو. تڏهن ذات حق جي مالئڪن کي حڪم ڪيو " و ِاذ قلنا لِلمالئِكة اْسدوا لدم فسجدوا ِاال‬ ‫ِ‬ ‫ِ‬ ‫ِ َ أَ َ َ ْ َ ْ َ َ َ َ َ ِ َ ْ َ ِ َ‬‫ِا ْبليس أَب واستكَب وَكن ِم الَكفري ". جنهن ڪري ابليس کي آسمانن تان تڙايو ويو ۽ بيزاري جو توڪ‬ ‫ِ‬ ‫سندس گردن تي آيو. ۽ آدم عليه السالم کي بهشت ۾ رهايو ويو.‬ ‫2‬
  3. 3. ‫أ‬ ‫أ‬‫ذات حق ڪالم پاڪ ۾ فرمايو آهي " وفﻲ أنﻔسـکم أف ـال ﺘﺒﺼــرون " جن کي انهيَء آيت شريف جي معني‬‫ٰ‬‫جي خبر پيئي انهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ کيس ڳولهي لهڻ الِء هن آيت تي هليا. " وبتغو اليهم‬‫الوسيلت " ۽ رهبر ڪامل (مرشد) جي دست بيعت ٿي سندس امر موجب هلندي جيڪي به مرشد هنن‬‫کي سبق ڏنو. ان موجب ڳولهي پاڻ وٽ ان کي موجود ڪيائون. ۽ انهيَء مالڪ پاڻ ان جسم مان‬‫اناالحق جا نعرا عالم آشڪار ڪيا. تنهن ڪري رهبر ڪامل مرشد جو دست بيعت ٿيڻ الِء خود ذات حق‬ ‫جو فرمان آهي.‬ ‫َ َ ْ‬ ‫َ ُ َْ َ ِ ِ‬‫انهيَء ڪتاب اهلل کي سچي ڪرڻ شروع ۾ آيت شريف آهي. " ذلِك الكِﺘاب ال ريب فيه " جنهن جي ڪري‬‫حق جي ڳوال وارا طالب قرآن پاڪ کي سچو ۽ صحيح سمجهي ۽ ذات حق کي ڳولهي لهن ٿا. ۽ طالب‬ ‫حق وارن جي پرورش ان رب پاڪ جي ئي ذمي آهي.‬‫اهڙيَء طرح ڏٺو ويو آهي ته جيئن جهان ۾ ڪيتريون ئي پيرن، فقيرن ۽ بزرگن جون درگاهون ۽‬‫گاديون آهن ته انهن کي وڏيون وڏيون ملڪيتون آهن ۽ وڏين ملڪيتن ۽ هستين وارا طالب آهن. مگر‬‫شهنشاه سائين ٻڍل فقير صوفي القادري جن جي گاديَء کي ڪابه ظاهري ملڪيت ڪانهي ۽ نه وري‬ ‫َ َ ََّ ْ َ َ ََّ َ ُ َ َ ْ ُ ُ‬‫ڪي وڏين ملڪيتن وارا ماڻهو مريد اٿس. کين اهلل پاڪ تي توڪل آهي. " َِم يَﺘوَك لَع هللاِ فهو حسبه "‬‫انهيَء تي توڪل اٿن. ۽ نه وري ٻين پيرن ۽ بزرگن جيان مريدن جي در تي ڏن الِء نه ويندا آهن.‬‫جيڪڏهن ڪو طالب مريد دعوت جو اهتمام ڪندو آهي. ۽ اسم اهلل جو وجهندو آهي ته پوِء ان جي‬‫دعوت کائڻ ويندا آهن. ۽ ان کان ڪجهه نه گهرندا نه آهن. پر جيڪڏهن ڪو طالب مريد راهه اهلل ڪجهه‬‫ڏيندو آهي ته اهو وٺندا آهن. وتن ڪوبه سوالي اسم اهلل جو جهڙي به ڪم الِء کڻي ايندو آهي. ان جو‬ ‫ُ َ‬‫پورو ڪري کيس راضي ڪندا آهن. " اَلﻔقري ال ََيﺘاج اِل هللا " . باقي ٻارهن مهيني هڪ دفعه درگاه جا طالب‬ ‫َ ُ َ‬‫رلهين جو سير عام ڳوٺن ۽ شهرن مان ڪندا آهن. جو اهي رلهيون درگاهه تي سوالين، بيمارن ۽‬ ‫مسافرن جي اوڍڻ الِء ڪم اينديون آهن.‬ ‫اليحتاج انهانون هوندا فڪر جنهانون سارا هو،‬ ‫دوست جنهادي دل تي وسندا دشمن لهي نه وارا هو،‬ ‫نظر جنهان دي ڪيميا هوندي سي ڪيئن مارن پارا هو،‬ ‫باهو عاشق اٿاهين رهندي جتي رهندا نبي سونهارا هو.‬ ‫(حضرت فقير سلطان باهو )‬ ‫الراقم:- حضرت فقير مست محمد مقيم صوفي القادري‬ ‫از درگاهه شريف (ٻڍل فقير )‬ ‫3‬
  4. 4. ‫حضرت شهنشاهه ٻڍل فقير صوفي القادري پنهنجي فرزند فقير مست‬ ‫محمد مقيم سان گڏ نڪتل هڪ ناياب تصوير‬ ‫4‬
  5. 5. ‫شجرو‬ ‫حضرت ٻڍل فقير‬ ‫صوفي القادري‬ ‫فقير عبدالڪريم‬ ‫فقير مست محمد‬ ‫فقير عبدالحڪيم‬ ‫(ٻيون گادي نشين)‬ ‫مقيم‬ ‫(ننگر ڌڻي)‬ ‫(شاعر)‬ ‫پهريون گادي نشين‬ ‫فقير مست محمد‬ ‫فقير امام الدين‬ ‫گهرل فقير‬ ‫بهرل فقير‬ ‫مقيم‬ ‫(شاعر)‬ ‫(شاعر)‬ ‫(شاعر)‬ ‫چوٿون گادي نشين‬‫فقير اسد اهلل‬ ‫فقير ثنااهلل مست‬ ‫فقير شمس الدين‬ ‫“شمن“ ، (شاعر)‬ ‫ٽيون گادي نشين‬ ‫فقير عبدالغفار عرف‬ ‫بابو سائين‬ ‫پنجون گادي نشين‬ ‫فقير عبداهلل‬ ‫نوٽ: هن درگاهه شريف جا پنج گادي نشين ۽ ڇهه شاعر ٿي گذريا آهن.‬ ‫5‬
  6. 6. ‫فهرست‬ ‫سوانح عمري هادي سائين ٻڍل فقير صوفي القادري‬‫هادي سائين جن جي تعليم حاصل ڪرائڻ الِء والدين جون ڪوششون‬ ‫عشق وحدت جي اظهاري‬ ‫هادي سائين جن جو دست بيعت ٿيڻ‬ ‫هادي ٻڍل سائين جن جي سخا ۽ تارڪي‬ ‫ٻڍل سائين جن جي شادي خانه آبادي جو سلسلو‬ ‫ٻڍل سائين جن جو اوالد‬ ‫ٻڍل سائين جن جي صورت ۽ سيرت‬ ‫ٻڍل سائين جن جو مذهب ۽ طريقو‬ ‫شهنشاه ٻڍل سائين جن جو دنيا مان برقعو مٽائڻ‬ ‫ٻڍل سائين جن جون ڪجهه ڪرامتون‬ ‫پهرين روايت‬ ‫ٻين روايت‬ ‫ٽين روايت‬ ‫چوٿين روايت‬ ‫پنجين روايت‬ ‫ڇهين روايت‬ ‫ستين روايت‬ ‫اٺين روايت‬ ‫نائين روايت‬ ‫ڏهين روايت‬ ‫6‬
  7. 7. ‫ٻڍل فقير (ڪريم بخش خالد)‬‫سنڌ جو تصوف ۽ ٻڍل فقير ( پير علي محمد راشدي)‬ ‫ٻڍل فقير (غالم محمد ايل بدوي)‬ ‫حمد‬ ‫سنڌي بيت‬ ‫عشق تي چيل بيت‬ ‫سر سسئي جا بيت‬ ‫ستن ڏينهن جو بيان‬ ‫سسئي جا ٽيهه ڏينهن‬ ‫سرتين جي سمجهاڻي‬ ‫سسئي جو جواب‬ ‫سر سورٺ جا بيت‬ ‫سر سارنگ جا بيت‬ ‫سر رامڪلي جا بيت‬ ‫سنڌي ڪافيون‬ ‫سرائيڪي ڪافيون‬ ‫7‬
  8. 8. ‫بسم اهلل الرحمن الرحيم‬ ‫سوانح عمري هادي سائين ٻڍل فقير صوفي القادري‬‫سندن عالم ارواح کان عالم ناسوت ۾ آمد ڳوٺ بخشو انڙ ضلع شڪارپور ۾ ٿي. اهو ڳوٺ هِن وقت‬ ‫ِ‬‫ڳوٺ ٻڍل فقير جي نالي سان مشهور آهي. انهيَء ڳوٺ ۾ نالي ”حضرت واسح فقير“ رهندو هو. پاڻ‬‫ظاهري طرح سان ذات جا انڙ هئا. پاڻ درويش صورت ۽ سيرت جا صاحب هيا. رات ڏينهن پنهنجي‬‫مالڪ جي يادگيري ۽ گذرسفر الِء ظاهري ڪرت کيتي ڪندا هئا. نه ڪنهن کان گهرندا هيا نه ڪنهن‬ ‫کي ايذائيندا هيا.‬‫قدرت جو اهڙو رنگ جو ”حضرت واسح فقير“ کي پٽ جي اوالد ڪونه هئي. جنهن ڪري هو شب روز‬ ‫بارگاه ايزديَء ۾ اوالد جا سائل هوندا هيا.‬‫هڪ ڏهاڙي خالق اڪبر جي مهربانيَء سان هڪ مست درويش انهيَء ڳوٺ ۾ آيو.”حضرت واسح‬‫فقير“ مست فقير کي عرض ڪيو ته مونکي نرينو اوالد ڪونه آهي، جنهن الِء ڏاڍو منتظر آهيان. اوهان‬ ‫اهلل جي نالي انهيَء مالڪ جي درگاه مان هڪ صالح نيڪ پٽ وٺي ڏيو.‬‫جنهن تي انهيَء مست بارگاه االهيَء ۾ مناجات ڪري حضرت واسح فقير کي فرمايو ته ”ادا تو کي‬‫انشااهلل هڪ فرزند ڄمندو. جنهن جو اسم مبارڪ "ٻڍل" رکندا“. انهن لفظن چوڻ بعد اهو نانگو مست‬ ‫فقير جيڏانهن جو هيو تيڏانهن هليو ويو.‬‫ڪجهه وقت گذرڻ بعد مست فقير جي قول موجب حضرت واسح فقير کي فرزند ارجمند تولد ٿيو.‬‫ليڪن ٻار جي ناڙي وڍڻ الِء اهڙو ڪوبه اوزار ڪونه ٿي لڌو. ٻار جي وارثن گهڻي ڪوشش ڪئي پر‬‫اهو نه لڀيو. انهيَء پريشاني جي عالم ۾ پاڻ ،جو اڃا دنيا ۾ مس ظهور فرمايو هيو ،فرمائڻ لڳا ”ڪاتي‬ ‫جاري ۾ رکي اٿو“. ڄاول ٻار جا اهي لفظ ٻڌي حاضر مجلس وارا حيران ٿي ويا.‬‫مست فقير جي فرمان موجب فقير صاحب جن جو نالو "ٻڍل فقير" رکيو ويو. کين اڄ تائين انهيَء‬ ‫پاڪ اسم سان طالب ۽ نياز مند ياد ڪندا آهن.‬ ‫8‬
  9. 9. ‫هادي سائين جن جي تعليم حاصل ڪرائڻ الِء والدين جون ڪوششون‬‫جنهن وقت ٻڍل سائين جن ننڍڙا هيا سندن والدين ناز ۽ نعمت سان کين نپايو. جڏهن ستن اٺن ورهين‬‫جا ٿيا ان وقت فقير صاحب جي عزيزن ظاهري علم جي تعليم الِء پسگردائي جي مدرسن ۾ کين‬ ‫استاد جي حوالي ڪرڻ جون ڪوششون ورتائون.‬‫مگر فقير سائين َء کي صبح جو گهر کان پڙهڻ الِء موڪليندا هيا ته پاڻ مدرسي کان نٽائي جهنگ ۾‬ ‫گوشه نشين ٿي باطن جي رازن سان مشغول رهندا هيا.‬‫ڏينهن گذرڻ بعد جڏهن سندن والد کي خبر پئي ته فقير ظاهري علم جي اوڏو نه آهي. تڏهن علم پرائڻ‬‫الِء ڪنهن دوري مسافري تي ڇڏڻ جو خيال ڪري مدرسه امروٽ شريف ۾ کين ڇڏي آيا ۽ مدرسي جي‬ ‫اسادن کي تاڪيد ڪيائون ته ”فقير صاحب کي ظاهري علم جي چڱي طرح ڪوشش ڪريو.“‬ ‫جن کي لڳي لنوء يار جي وسري وين ڪم ڪار ٻي‬ ‫ِ‬ ‫طلب هين سردار ڪي سي عام ۾ هت نه اڙيا‬ ‫(حضرت ٻڍل فقير )‬‫پوِء جڏهن مدرسي جي استادن ڏٺو ته فقير صاحب ظاهري اکرن جي واه ئي نه آهي تڏهن هنن جي دل ۾‬‫اهو خيال پيو ته جيڪر فقير اسان وٽان پنهنجي گهر وڃي ته چڱو آهي. پوِء هادي سائين جن به استادن‬‫کان رخصت گهري ته هينئر پنهنجي ڳوٺ ويندا سون. جنهن تي مدرسي جي معلمن ۽ مولوين به‬‫خوشيَء سان کين موڪل ڏني. پوِء فقير سائين جن پنهنجي ڳوٺ اچي پهتا. جڏهن سندن والدين هادي‬‫سائين جن جا الٽا خيال ڏٺا تڏهن مجبور ٿي کين مال چارڻ جو ڪم رکيو. پاڻ به راضي ٿي صبح جو‬‫مال ڇوڙي جهنگ ڏانهن ويندا هئا ۽ شام جو مال کي چاري واپس ايندا هئا ۽ پاڻ اڪيالئي ۾ ويهي‬ ‫يار سان روح رهاڻيون ڪندا هئا.‬‫هڪ ڏينهن ڍويرن جا ڦر اچي مائرن سان مليا ۽ کير سمورو ڌائي ويا. شام جو جڏهن ڳئون گهر آيون‬‫۽ ڍورن سان ڦر گڏيل هئا ۽ ڳئون ڌاتالن هيون. تڏهن سندن والدين فرمايو ته ”بابا ڍورن جي به حفاظت‬‫نٿا ڪريو جو ساڻن ڦر گڏجي ڌائي ويا آهن“. پاڻ هادي سائين جن ڳئن کي فرمايو ته ”مائي، اوهان ٻچن‬‫کي ڀلي کير پياريو مگر خدمت وران جو به خيال ڪريو.“ انهيَء ڏينهن کان پوِء ڦر پنهنجي مائرن سان‬ ‫ساڻ هوندا هئا ۽ ڳئون به هميشه جيترو کير ڏينديون هيون.‬ ‫9‬
  10. 10. ‫جيئن ته فقير سائين پاڻ مال چاريندا هئا سو هڪ ڏهاڙي صبع جو مال کي جهنگ ۾ ڇڏي پاڻ هڪ‬‫وڻ هيٺان دم اسم جي ڌيان جو ڪري آرامي ٿي پيا ۽ ڍور ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هليا ويا. فقير‬ ‫سائين جن ڍورن ڏي ظاهرت ۾ ڪو به خيال نه ڪيو.‬ ‫عاشق ويا اوڏنهين جاتي رڍ نه ڪا ڳئون‬ ‫ِ‬ ‫نه ڪا ٻيڪ ٻڪر جي نه ڪا چڙن جي چئون پئون‬ ‫ِ‬ ‫نه ڪو سونچو سانڀر جو نه ڪا ڍورن ڍئون‬ ‫غالم حيدر غيب ۾ ٿيا گاروڙي گئون‬ ‫چتن کي چئون پئون موڳن کي هِن مال جي‬ ‫(حضرت صوفي فقير غالم حيدر گودڙيو)‬‫شام جو ڍور وڃي هڪڙي هاري جي پوک ۾ پيا. جڏهن هن هاري کي خبر پئي ته آالئي ڪنهن جا ڍور‬‫پوک ڀيلن ٿا سو اتان پوڱ مان ڍور ڪڍي اڳ ۾ ڪيائون. ڍورن اهو رستو ورتو جتي هادي سائين‬‫جن وڻ جي ڇانو ۾ آرامي هئا. شام جو اهو دستور آهي ته هر هڪ جسم جو پاڇو اوڀر طرف هوندو‬‫آهي. مگر ان وڻ جو پاڇو صبح جي وقت وانگر اولهه طرف بيٺل آهي جنهن وڻ جي ڇانو ۾ هادي‬‫سائين جن آرامي هيا. اهڙو عجيب قدرت جو رنگ ڏسي هارين پاڻ ۾ ڳالهايو ته ”هي عجيب رنگ‬‫آهي ج و صبح جو به اولهه طرف کان ۽ وڻ جو به پاڇو به اولهه طرف کان آهي.“ اڃان ويجهو آيا ته هڪ‬‫نينگر انهيَء وڻ جي ڇانو ۾ آرامي آهن ۽ چوڻ لڳا ته ” واهه جو هي مرد مولي جو رنگ آهي. منجهس‬ ‫ٰ‬‫اهڙي ڪا مڻيان آهي جو وڻ به هن جي امر ۾ خدمتگار آهن.“ ايتري ۾ پاڻ سائين جن اٿي پيا ۽ هارين‬ ‫اچي قدم بوسي ڪري دعا خير طلبي واپس وريا ۽ پاڻ هادي سائين جن ڍور ڪاهي اچي جاِء تي پهتا.‬ ‫جاڳڻ آهي جنجال ننڊ ته ناز پرين جو‬ ‫سهي ڪر سچل چوي هاديَء سندو خيال‬ ‫جي خاصو رکين خيال ته سمهڻ مان سڌ پوي‬ ‫(سچل سرمست)‬ ‫عشق وحدت جي اظهاري‬ ‫01‬
  11. 11. ‫ڏينهن گذرڻ بعد هادي سائين جن پنهنجي دِل جي وندر الِء هڪ يڪتارو پاڻ ٺاهيو ۽ جهنگ ۾ وڃي‬ ‫ِ‬‫ڍور ڇڏي پاڻ ويهي عِشق جون مِٺيون ٻوليون ٻوليندا هئا. جئن پاڻ پنهنجي ڪالم ۾ فرمايو اٿن.‬ ‫ِ‬ ‫سگهو موٽج يار تو کي ويٺا ساريون.‬ ‫ِ‬ ‫”ٻڍل سائين“‬‫يڪتاري تي راڳ ڳائيندي وجد ۾ اچي ويندا هئا. ڌرتيَء کان شهباز وانگر پرواز ڪري مٿي ويندا هئا‬‫۽ پري وڃي لهندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سندن ڳوٺ ٻه شخص پهلوان هئا جن اها ڳالهه ٻڌي‬‫ته ٻڍل سائين جن راڳ ڳائيندي زمين کان مٿي پرواز ڪري ويندا آهن. هنن پاڻ ۾ صالح ڪئي ته” آڄ‬‫فقير وٽ هلون کانئن راڳ ڳارايون پوِء جنهن وقت هو پرواز ڪري ان وقت کيس بند ڪري جهليندا‬‫سون“. القصه هادي سائين وٽ آيا ۽ ڪالمن چوڻ الِء عرض ڪيائون. ٻڍل سائين سندن عرض قبول‬‫ڪري پاڻ ٻه ٻول چيائون ته سندن پنيون مبارڪ ڏڪڻ لڳيون. انهن تي پهلوانن کي فرمايو ته” ڪا به‬ ‫ِ‬‫گستاخي نه ڪجو ورنه توهان الِء چڱو نه ٿيندو“. جڏهن عشق جي شهباز پرواز ڪرڻ جي ڪوشش‬‫ڪئي ته انهي ٻنهي پهلوانن هادي سائين جن جي قدمن ۾ ڀاڪر وجهي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي‬‫ليڪن ٻڍل سائين انهن ٻنهي ڄڻن کي اڏاري وڻن کان مٿي کڻي ويا. ساري شهر جا ماڻهو مڙي آيا ۽‬‫ٻڍل سائين کي اهلل جا اسم وڌائون. جنهن تي پاڻ هيٺ زمين تي لهي آيا ۽ انهي ٻنهي کي بازن ۾‬ ‫ِ‬‫هٿ وجهي فرمايائون ته ”ڪيڏانهن اڇاليانوء“. انهن تي وارث قسم وجهڻ لڳا ۽ گهڻن زارن کان بعد‬ ‫ِ‬‫کين معافي ڏنائون. هي آهي حضرت عشق جي طاقت. جڏهن ماڻهو هادي سائين جن جو اهو رنگ ڏٺو‬ ‫ِ‬‫ته سڀئي ماڻهو چوڻ لڳا ته فقير سائين جن کي غيبات يا جنن جو اثر آهي ۽ سندن والدين کي به انهيَء‬ ‫ِ‬‫ڳالهه تي بيهاريائون ته ڪو عامل گهرائجي. جنهن تي هو ڀوپا گهرائي طرحين طرحين جا عذاب ڏيڻ‬‫لڳا. پر عشق وارن کي ڀوپا ۽ جاڳر ڇا ڪرن. ايترن عذابن ڏيڻ مان وريو ته ڪجهه به نه. هادي سائين‬ ‫جن تي ڪافي عرصو اها حالت طاري رکيائون.‬ ‫هادي سائين جن جو دست بيعت ٿيڻ‬‫ٻڍل سائين جن جي ڳوٺ ۾ چند ماڻهو پير سائين پاڳاري جن جا مريد هئا. جن مان فريد فقير مڱڻهار‬ ‫خاص مريد هو. ان وقت پير سائين جن جي گاديَء تي سجاده نشين پير حزب اهلل شاه صاحب جن هئا.‬‫پير سائين جن جي عزيز پير علي سرور شاه جن کي فريد فقير دعوت ڪري وٺي آيو. پير سائين جن‬‫فريد فقير کي چيو ته” اوهان جي ڳوٺ ۾ ڪو راڳ چوندو آهي؟ ته انهيَء کي وٺي اچ ته دل کي‬‫وندرايون“. جنهن تي فريد فقير عرض گذاريو ته ”سائين هت واسع فقير جو نينگر نالي ٻڍل فقير‬ ‫11‬
  12. 12. ‫يڪتاري تي ڪالم چوندو آهي. پر جڏهن هو ٻه ڪالم پورا ڪري ٽيون ڪالم چوندو آهي. ته هن تي‬‫اهڙو حال پوندو آهي جو هو بيخود ٿي زمين کان مٿي اڏامندو آهي. جنهن ڪري واسع فقير عام‬‫ماڻهن کي چوندو آهي ته نينگر کان ڪالم نه چوائيندا ڪريو. جو هو بي اختيار اڏامي وڃي کڏن ۽‬‫کوٻن ۾ ڪرندو آهي ۽ کين تڪليف ايندي آهي.“ پير صاحب جن کي هي عجيب قسم جي ڳالهه ٻڌي‬‫ٻڍل سائين جن سان ملڻ ۽ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق ٿيو. جنهن تي واسع فقير کي گهرائي ٻڍل سائين جن‬‫جي ڪالم ٻڌڻ جي فرمائش ڪيائون. واسع فقير عرض ڪيو ته ”سائين، هو فقير پنهنجي خيال وارو‬‫آهي. ڪنهن وقت چوڻ موجب هلندو آهي ۽ ڪڏهن ڪنهن جي ٻڌندو ئي ڪونهي. جيڪڏهن اوهان‬‫پنهنجو ماڻهو موڪلي کين گهرائي کين پاڻ فرمائيندوء ته هو اوهان جو امر مڃندو ليڪن کيس ٻن‬ ‫ڪالمن کان وڌيڪ نه چوائيندا جو هن کي تڪليف اچي ويندي آهي.“‬‫پير صاحب جن فريد فقير کي حڪم فرمايو ته ”توهين نينگر کي وٺي اچو.“ فريد فقير جي چوڻ تي‬‫پاڻ ٻڍل سائين آيا ۽ پير سائين سان ملڻ بعد پير صاحب جن جو امر نور بر چشم ڪري يڪتارو کڻي‬‫ڪالم چوڻ شروع ڪيا. جڏهن ٻيو ڪالم پورو ڪيائون ته ٻڍل سائين جن جون پنيون ڏڪڻ لڳيون.‬ ‫ِ‬‫پير صاحب جن به ڏٺو ته حضرت عِشق جو شهباز پرواز جي تيارين ۾ آهي. وڌيڪ ڪالم چوڻ کان‬‫منع ڪيائون. ان کان بعد پير سائين جن ٻڍل سائين کي تحفه طور هڪ پوشاڪ عِنايت ڪيائون ۽‬‫ساڻن مخفي طرح ويهي ڪجهه وقت روح رهاڻيون ڪري کين اجازت ڏنائون. ويندي مهل سندن والد‬ ‫ِ‬ ‫کي فرمايائون ته ”ٻڍل سائين کي اسان جي درگاه تي دست بيعت ٿيڻ الِء موڪليو.“‬‫ڏينهن گذرڻ بعد فريد فقير ٻڍل سائين جن کي ساڻ ڪري پير سائين جن جي درگاه شريف ڏانهن پيادل‬‫رستي وٺي هليا. ۽ درياه تان ٻيڙيَء رستي پار ٽپڻ جو ارادو ڪري ٻيڙيَء تي چڙهيا. جڏهن ٻيڙي سير‬ ‫ِ‬‫۾ پهتي ته ٻڏڻ لڳي. جنهن ڪري سڀئي ماڻهو ٻيڙيَء تي ويٺل حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳا. فريد فقير‬‫سڀني ماڻهن کي چيو ته ”ٻيڙيَء جي بچاَء الِء ٻڍل سائين کي سڀئي عرض ڪيو ته خير سالمتيَء سان‬‫پار پهچئ پئون.“ پوِء سمورا ماڻهو ٻڍل سائين کي عرض ڪرڻ لڳا ته ”فقير سائين ٻيڙيَء الِء رب‬ ‫پاڪ جي درگاه ۾ دعا گهرو ته خير سان هلي پار پهچئون.“‬‫پوِء ٻڍل سائين جن هڪ شعر جي نموني اٺاويهن مصرعن سان لولي چئي ۽ ٻيڙي رب جي ٻاجهه سان‬ ‫پار پهتي. پوِء ٻڍل سائين جن فريد فقير سان گڏجي پير سائين جن جي درگاه شريف تي پهتا.‬‫جنهن وقت فقير ٻڍل سائين جن ۽ فريد فقير پير صاحب حزب اهلل شاه سائين جن جي حضور پهتا ته‬‫پير سائين بادشاه فرمايو ته” فريد فقير ! هي روهڙيَء وارو بيدل فقير ته نه آندو اٿي“. فريد فقير عرض‬‫ڪيو ته ” قبال، هيُء اسان جي ڳوٺ ۾ واسع فقير جو نينگر آهي. اوهان جي حضور ۾ دست بيعت ٿيڻ‬‫آيو آهي. پير سائين بادشاه جن فرمائڻ لڳا ته ” کير جو مٽ ته ڀريل آهي پر سانڀاڻ جي دير اٿس“. پوِء‬ ‫21‬
  13. 13. ‫ٻڍل سائين ڏي مخاطب ٿي فرمائڻ لڳا ته” فقير منهنجو هي ڪلهو ته ڏس. هي زخمي ٿي پيو آهي.‬ ‫تنهنجي جي سڏڻ تي اچي ٻيڙيَء کي ٻڏڻ کان بچائڻ الِء ڏنو اٿم“.‬‫فقير ٻڍل سائين جن عرض ڪيو ته ” قبال! مان به وري اوهان جي اوالد ۽ پيڙهيَء الِء ڏينهن قيامت‬ ‫تائين لولي چئي اٿم“.‬‫دست بيعت ٿيڻ بعد پير سائين بادشاه هادي سائين جن کي فرمايو ته” اوهان آئينده الِء هيڏانهن اچڻ ۽‬‫پنڌ جي تڪليف نه ڪندا ڪريو. جو اسان اوهان سان قيامت تائين ساڻ آهيون. اوهان ڪو به خيال نه‬‫ڪندا“. ان بعد ٻڍل سائين جن پير سائين جن کان موڪالئي سندن حڪم موجب پنهنجي ڳوٺ آيا ۽‬ ‫ذات حق جي يادگيريَء ۾ رهيا.‬ ‫هادي ٻڍل سائين جن جي سخا ۽ تارڪي‬‫ٻڍل سائين جن جي دل ۾ هر وقت اهو خيال رهندو هو ته ”جيڪو به مال اسباب آهي. سو رب جي راهه‬ ‫۾ خيرات ڪري مسڪينن کي کارائي ڇڏجي“.‬‫هڪ دفعي سندن والدين ٻئي ڳوٺ ڏانهن ويا ۽ هادي سائين کي چيائون ته ” اسان ڳوٺ کان ٻاهر ٿا‬‫وڃئون پٺيان گهر ۽ مال جي حفاظت ڪندا“. جڏهن هو روانا ٿي ويا ته ٻڍل سائين جن ڇا ڪيو جو‬‫ڳوٺ جي ماڻهن کي سڏائي ڏاند ۽ ٻيو جيڪو به مال ڍور ڍڳا هين انهن کي تڪبير ڏيارائون ۽ گاڏي‬‫،پاڃاري، هر ۽ ٻيا ڪاٺ ڪال وڍائي ديڳين جي باه ۾ ساڙايائون ۽ گهر ۾ جيڪو به اناج هيو سو به‬ ‫ِ‬ ‫رنڌرائي پسگردائي وارا ،مسڪين ۽ همسايه گهرائي ۽ واٽهڙو سڏائي انهن کي کارائي ڇڏيائون.‬ ‫سسئيَء جي بيتن ۾ ٻڍل سائين جن فرمايو آهي ته؛‬ ‫ڏهين ڏينهن ڏکن جا ورق کلي پيس واهه،‬ ‫سا پڙهي پروڙي پاڻ ۾ اندر منجهه اداهه،‬ ‫رمندي وڃي روح مان ڪري ڪستئون ڪاهه،‬ ‫گهوريان گهر پنهل تان هي مڏيون مال متاع،‬ ‫حاضر حضرت شاه هِن تي ڪر ڪا ٻاجهه ٻڍل چوي.‬‫سندن والد صاحب جن جڏهن سفر تان موٽي آيا ته اهو حال ڏسي هو به فقير جي رضا تي راضي رهيا.‬ ‫ان بعد آهستي آهستي عشق وحدت جي اظهاري ٿيندي وئي. پاڻ ڪالم ۾ فرمايو اٿن ته؛‬ ‫31‬
  14. 14. ‫نينهن ٻڍل نروار ڪيو هاڻي ڪاڏي لڪان؟‬ ‫”ٻڍل سائين“‬‫مثال آهي ته عشق ۽ مشڪ لڪي نه سگهندو آهي. خود ذات حق کي به عشق ئي ظاهر ڪيو. پوِء ڪٿي‬‫ٿو لڪي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ فقير درگاه تي ٻڍل سائين جن جي تي آيو هادي شهنشاه جن‬‫جي فرزند سائين ” فقير عبدالحڪيم “ جن کان پڇا ڪيائون ته ”ٻڍل سائين ڪٿي آهي.“ پر ان ڏينهن‬‫ٻڍل سائين جن ڊکڻ ڳوٺ دعوت کائڻ ويا هئا. پڇا ڪندڙ کي ٻڍل سائين جي فرزند فقير عبدالحڪيم‬‫اوڏاهن ڏس ڏنو. ان بعد هو به اوڏاهن روانو ٿي ويو. هوڏانهن هادي سائين جن دعوت کائي پنهنجي‬‫فقير امير بخش ۽ ٻين طالبن سان درگاه ڏانهن ٿي آيا. ته رستي ۾ اهو فقير ٻڍل سائين جن سان وڃي‬‫مليو. کائنس پڇا ڪيائون ته ” ڪير آهين؟“ جنهن تي سائل عرض ڪيو ته ” منهنجو نالو علي شير‬‫آهي. ذات جو جويو آهيان. طالب سائين رکيل شاه جو آهيان. ويٺل ڳوٺ جتوئي لڳ ڳڙهي ياسين.‬‫مونکي ڪا ضرورت آهي. خدا واسطي هڪ سوء روپيه ڏيو.“ جنهن تي ٻڍل سائين جن فرمايو ته ” فقير‬‫مون وٽ سوء رپيه ته ڪو نه آهن. جيڪو اهلل جي نالي تي دعوت مان مليو آهي سو وٺ“. سائل عرض‬‫ڪيو ته” مونکي سوء رپين کان گھٽ نه کپي جو ضرورت پوري نه ٿيندي“. پوِء هادي سائين جن‬‫فرمايو ته” مونکي وٺي هلي ڪٿي وڪڻي سوء رپيه هٿ ڪريو“. پوِء سائل ائين به ڪيو جو فقير ٻڍل‬‫سائين جن گاڏي هالئيندڙ کي چيو ته” ڏاند گاڏي موٽائي ڳوٺ وڃ“. ۽ فقير امير بخش کي فرمايائون‬‫ته” اوهان درگاه تي وڃو. منهنجو سر خدا واسطي قبول پيو آهي جو مان هن سائل فقير جي پٺيان‬ ‫وڃان ٿو پوِء جاڏي به ڪري.“‬ ‫اچن ٿا پير اڳ پايون ڏاڍي ڪنهن ڪست مان ڪاهيون،‬ ‫ڪوپا ڏين ڪنڌ ڪپايون، اهي گڏ يار سان هوندا.‬ ‫”ٻڍل سائين“‬‫پوِء سائل فقير ٻڍل سائين جن کي ساڻ ڪري شڪارپور ڏانهن روانو ٿيو. چيائين ته ” اوهان کي سوء‬‫روپيه تي هلي ڪٿي وڪڻان ٿو“. اها خبر جڏهن دعوت ڪندڙ سومرن فقيرن کي وڃي پهتي ته اهي‬‫هڪدم وٺي ڊوڙيا ۽ ٻڍل سائين جن کي رئيس واه تي شڪارپور جي ٻاهران اچي پهتا. ۽ سائل کي‬ ‫آزي نيزاريَء سان چيائون ته” اسين تو کي سوء روپيه ڏيون ٿا. ٻڍل سائين جن جي پچر ڇڏيو“.‬‫جنهن تي سائل سوء روپيه وٺي ٻڍل سائين جن کي ڇڏيو جو ڊکڻ فقير ٻڍل سائين جن کي وٺي‬‫پنهنجي ڳوٺ آيا. هوڏانهن اها حقيقت جڏهن امير فقير درگاه تي ٻڌائي ته فقير ٻڍل سائين جن جو‬‫فرزند فقير عبدالحڪيم جن پنهنجي فقراه سميت ڊکڻن جي ڳوٺ اچي پهتا. سموري حقيقت معلوم‬ ‫41‬
  15. 15. ‫ٿيڻ بعد سندن فرزند فقير عبدالحڪيم ٻڍل سائين جن کي درگاه تي هلڻ الِء عرض ڪيو. مگر هادي‬‫سائين جن فرمايو ته ” اسين هنن سومرن وٽ وڪاڻل آهيون. اوهان درگاه شريف تي واپس وڃو. هاڻي‬‫منهنجو اوهان سان ۽ درگاه سان ڪو به واسطو نه آهي“. جڏهن سومرن هادي سائين جن کان هي الفاظ‬‫ٻڌا تڏهن انهن مڙني عرض ڪيو ته” سائين اسان اوهان کي اهي سوء روپيه راه اهلل بخشياسون. اوهان‬‫ڀلي درگاه شريف تي پنهنجي اهل اطفال ۽ فقراه سان وڃي خوش خورم رهو“ . اهي الفاظ ٽي دفعا‬‫عرض ڪيائون. پوِء پاڻ سائين جن راضي ٿي اتان موڪالئي درگاه شريف تي آيا. هي هئي سندن سر‬ ‫جي سخا.‬ ‫ٻڍل سائين جن جي شادي خانه آبادي جو سلسلو‬‫جنهن وقت هادي سائين جن جي راز االهيَء جي ملڪ ۾ مشهوري ٿي. ان بعد سندن والدين کين شادي‬‫ڪرڻ الِء چيو. پر پاڻ سائين جن قبول نه پيا ڪن. نيٺ سائين پير علي سرور شاه جن کان چوايائون.‬‫جن جي حڪم موجب پاڻ ٻڍل سائين شادي ڪرڻ تي راضي ٿيا. کين ڳوٺ مان ئي شادي ڪرايائون.‬‫مگر هادي سائين پنهنجي اهلبيت جي ويجهو ئي نه ويا. نيٺ مجبور ٿي سندن والد ٻيهر سائين پير‬‫علي سرور شاه جن کي وٺي آيا. جنهن ٻڍل سائين جن کي گهريلو زندگي صحي گذارڻ الِء زور وڌو.‬‫جنهن تي ٻڍل سائين جن فرمايو ته ” جيڏانهن تيڏانهن هڪ ئي نور ٿو نظر اچي پوِء گستاخي ڪيئن‬ ‫ڪريان؟“‬‫آخر ڪار پير سائين جي چوڻ تي ٻڍل سائين پنهنجي اهلبيت جي ويجهو ويا. پوِء سائين جن جي اوالد‬ ‫جو سلسلو شروع ٿيو.‬ ‫ٻڍل سائين جن جو اوالد‬‫ٻڍل سائين جن کي ٽي فرزند ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيا. سندن وڏو فرزند فقير عبدالحڪيم ”ننگر ڌڻي‬‫بادشاه“ هڪ وڏي حال خيال وارا اهل واليت صوفي درويش هئا. پاڻ ٻڍل سائين جن جي برقع مٽائڻ‬‫کان پوِء سجاده نشين ٿيا. ٻڍل سائين جن جو ٻيو فرزند فقير مست محمد مقيم جيڪي پاڻ هڪ قادر‬‫الڪالم صوفي شاعر ۽ فنافي اهلل مرد ڪامل هئا. پاڻ ٻڍل سائين جن جا وڌ ۾ وڌ منظور نظر هئا.‬‫پاڻ اٽڪل چاليهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي والد ماجد ٻڍل سائين جن جي حياتيَء ۾ دنيا کان دل‬‫کڻي عقبى ڏانهن روانا ٿيا. ٻڍل سائين مٿس پنهنجي حياتي ۾ روزو ٺهرايو جو هن وقت موجود آهي.‬‫ٽيون فرزند سائين فقير عبدالڪريم جن سائين فقير عبدالحڪيم جن جي برقع مٽائڻ کان پوِء سجاده‬ ‫نشين ٿيا. پاڻ هميشه پنهنجي مستي حال خيال ۾ گذاريندا هئا.‬ ‫51‬
  16. 16. ‫ٻڍل سائين جن جي صورت ۽ سيرت‬‫هادي سائين جن جو جنهن هڪ دفعو ديدار ڪيو هوندو. سو ئي بخوبي سندن صورت ۽ سيرت جو‬‫اندازو لڳائي سگهندو. سندن شڪل شبيهه ۾ چقمق جي ڪشش رکيل هئي ۽ پيشاني تي نوراني نور‬‫پيو بڪندو هو. سر مبارڪ جا وار هلڪا هين. سندن ڏاڙهي مبارڪ مٺ جيتري ۽ شهپرن کي سنت‬‫جي مطابق اختيار ڪيل هين ۽ منهن مبارڪ جو خط اصل نه وٺندا هئا. قدم‬ ‫نبي ڪريمﷺ‬‫مبارڪ ڪجهه وريل هوندا هين. جنهن ڪري خاص قسم جو بوٽ ٺهرايو ويندو هو. سندن پوشاڪ به‬‫نهايت سادي هوندي هئي. سر تي تاج مبارڪ، جسم تي ڊگھو چولو يا وقتي صوفين واري ڊگھي‬‫الفي، سٿڻ تمام هلڪي پائيندا هئا. اڪثر ڪري ڪپڙن کي ٻٻر جي کلن جو رنگ ڏياريندا هئا. سندن‬‫کاڌو سادو هوندو هين. جوئر جي ماني، سائي پالڪ ،سرهن جو ساڳ ۽ لسي ڀت کي وڌيڪ پسند ڪندا‬‫هئا. کائڻ الِء ٿانوء ٺڪر يا ڪاٺ جا هوندا هين. عام طرح دعوت ڪندڙن کي پنهنجو اهو کاڌو قبول‬‫ڪرائي پوِء ويندا هئا. سمهڻ الِء سادي رلهي ۽ رهڻ الِء ڪکائين جهوپڙي وڌيڪ وڻندي هين. بستري‬‫تي تڏو وڇائي پوِء ويهندا يا سمهندا هئا. سارو ڏينهن ڪچهري کليل هوندي هين. جيڪڏهن ڪو به‬‫سوالي ايندو هين ته ان جو سوال پورو ڪندا هئا. فقراه سان وحدتون ڪندي ڏينهن بسر ڪندا هئا. ۽‬ ‫شام جو فقراه جي چونڪي ٻڌندا هئا. آواز ڪالم جي ٻڌڻ جو ڏاڍو شونق هوندو هين.‬‫شام جي ننگر هلڻ تائين آواز ڪالم ٻڌي پوِء جاِء تي ويندا هئا. خاص گوشائتي جاِء مقرر ٿيل هين‬‫جتي ڪو به نه ويهندو هو. خدمتگار فقير دروازي کان ٻاهر ويٺا هوندا هئا. پاڻ سادگي جي جنسي‬‫مورت هئا. نڪا شيخي نه ڪا پيري نه وري بزرگي هين. هميشه محبت جي مخموري ۾ پنهنجي‬ ‫هردلعزيز اوالد سان گڏ گذاريندا هئا.‬‫ننگر جو عام هوڪو ڏياري مسافرن کي کارائيندا هئا. جڏهن سڀ مسافر ، فقراه ۽ سوالي کائي ويندا‬‫هئا ته پوِء پاڻ کائيندا هئا. ڏيندا يا وٺندا به صرف خدا جي نالي هئا. اهو سلسلو اڄ تائين درگاه تي‬ ‫جاري آهي. سندن معتقد مسلمان توڙي هندو آهن. سندن ڪالم ۾ چيل آهي ته؛‬ ‫هندو مومن هيڪڙو ناهي ويري نه ڪو وير.‬ ‫”ٻڍل سائين“‬‫ٻڍل سائين جن جي گفتار ۾ خاص قسم جو ميٺاج هوندو هو۽ طبيعت ۾ پاڻ صلح پسند هئا. درويشي‬‫يا فقرائي ڪالم ٻڌڻ سان گھڻي دل هوندي هين. رات جو پوئين پهر ۾ راڳ ويراڳ ٻڌي ڪري گھر‬‫ويندا هئا. ڪالڪن جا ڪالڪ دلي ۽ يڪتاري تي دردي آالپون ٻڌندا هئا. سندن فقيرن جو ٽولو رندي‬ ‫ڪالمن ۾ دردي آواز کان اڄ تائين مشهور آهي.‬ ‫61‬
  17. 17. ‫ٻڍل سائين جن جو مذهب ۽ طريقو‬‫ٻڍل سائين جن جو مذهب اسالم طريقو صوفي القادري آهي. پنهنجي دل جو مذهب هن طرح بيان‬ ‫ڪيو اٿئون.‬ ‫عشق وارن جا پنڌ پراهون اوري دين ايمان ميان،‬ ‫نه مئن شيعا نه مئن سني نه مئن مسلمان ميان،‬ ‫عشق ڪري آيو جنگي جلوو، هوش عقل حيران ميان.‬ ‫”ٻڍل سائين“‬‫مطلب ته درويش جي دل ۾ هڪ اکر الف جو سمايل هو ۽ سندس ساري باطني هستي نوراني نور سان‬‫ڀرپور آهي. انهيَء هوندي به عام کي هدايت حق پرستي يعني شريعت محمدي ۽ مذهب جي پابندي الِء‬‫سخت تاڪيد فرمائيندا هئا. ڇوته فقير سالڪ جو ڪم آهي شريعت جي پابندي. ورنه هو راهه سلوڪ‬ ‫تان ٿڙي وڃي ٿو. ٻڍل سائين جن جي زندگي سالڪي ۽ مستيَء جي حيرت انگيز مالوٽ هئي.‬‫سندن هيڪڙائي جو زنده مثال هي آهي جو سڄي دفتر ديوان ۾ ڪنهن مذهب ، ملن ، شيعن يا سنين‬‫تي ڪنهن به قسم جو حملو ٿيل نه آهي. نه وري اهل بيت اطهر جو نالو ڪنهن به شعر ۾ ڪو بي‬ ‫ادبيَء سان نالو نه آندو اٿن جئين اڄ ڪلهه جا شاعر چون ٿا.‬‫اهو خاص سندن ظاهري ثبوت آهي ته شرع محمدي موجب ڪنهن به مذهب يا ڌرم تي حملو ڪرڻ‬ ‫جائز نه آهي.‬ ‫هر صورت دي وچ يار آيا، واه دلبر ڪر سينگار آيا.‬ ‫ِ‬ ‫” ٻڍل سائين“‬ ‫شهنشاه ٻڍل سائين جن جو دنيا مان برقعو مٽائڻ‬ ‫ٻڍل سائين جن ساري حياتيَء ۾ اهڙي ڪا به وڏي بيماري ڪانه ٿي.‬ ‫71‬
  18. 18. ‫هڪ ڏينهن هادي سائين جن هڪ مٽ پاڻيَء جو ان کي مٺو ڪرايائون ۽ فرمايائون ته ” هي پاڻي فقراه‬‫۾ ورهايو. پر اهو ورهائي جيڪو هن جاِء تي ويهندو“. پوِء پنهنجي وڏي فرزند فقير عبدالحڪيم کي‬‫گھرائي اتي ويهاري پاڻ دعا گھريائون ته” منهنجا مالڪ پاڪ منهنجي اوالد کي ايترو ميٺاج ۽ نينهن‬‫جو نشو ڏي جهڙو هن مٽ ۾ آهي. ۽ پاڻ فرمايائون ته ” سڄي فقراه کي هڪ هڪ پيالو پياريندو وڃ.‬‫جيئن هن پاڻي ۾ ميٺاج آهي تيئن منهنجي فقراه جي پاڻ ۾ ميٺاج ۽ محبت قيامت تائين قائم رهي“.‬‫جنهن تي سائين فقير عبدالحڪيم عرض ڪيو ته” سائين ڪيترا طالب هن وقت موجود نه آهن“. پاڻ‬‫فرمايائون ته ” انهن کي مان باطن ۾ محبت جو پيالو پياريو اٿم“. پوِء اهو مٺو پاڻي فقراه ۾ ورهايو‬‫ويو. فقراه کان اها ثابتي ملي ته انهيَء ٽائيم تي جو فقراه جتي به هيو ته باطن ۾ مٺو پيالو پياريو‬ ‫ويو.‬‫وصال وقت پنهنجي پٽن ۽ اوالد کي وصيعت فرمايائون ته” ننگر قائم رکجو، دئي ۽ اللچ کان پري‬‫ڀڄجو. هڪ ئي نظر سان مخلوق کي ڏسجو. مسڪينن ۽ محتاجن جي سار سنڀار لهجو. ته اهلل سائين‬ ‫۽ حضور پاڪﷺ جن جي ٽولي ۾ اوهان سرخرو رهندوء.‬‫ٻڍل سائين جن ڳالهائيندي سڄي فقراه کان موڪالئي هن فاني دنيا مان سال 12 اڪٽوبر 1912 ع‬‫بمطابق 1392هجري مهيني شعبان جي 21 تاريخ خميس ڏينهن جمع رات برقعو مٽائي دارالبقا طرف‬ ‫روانا ٿي ويا.‬ ‫ٻڍل سائين جن جون ڪجهه ڪرامتون‬‫هڪ ڏيهاڙي سائين فقير عبدالحڪيم جن ڳالهه ڪئي ته ”رات جو پنهنجي بستري تي سمهل هوس ته‬‫اوچتو منهنجيون اکيون کليون. ڇا ڏسان ته ساري جاِء روشن آهي ۽ هو هو جو آواز پيو اچي. بستري‬‫کان اٿي ڏٺم ته ٻڍل سائين جن جنهن جاِء ۾ رهندا هئا اتان نور جي روشني وانگر هڪ ٻئي پٺيان‬‫روشنيَء جا اوال نظر آيا. جڏهن ان ڪوٺيَء جي ڀرسان پهتس ته بادشاه ٻڍل سائين بستري تي آرامي‬ ‫آهن. دم جي کڻڻ سان هر هڪ دم جي پٺيان نوراني روشني جا اوال جاري آهن.“ هي هو سندن آرام.‬ ‫81‬
  19. 19. ‫پهرين روايت‬‫نصير فقير ڳالهه ڪئي ته مان سائين جن کي عرض ڪيو ته ”هي جو هزارين خلق اوهان جي ديدار الِء‬‫منتظر آهي. ان ۾ ڪهڙو راز آهي. اسان ته آڄ ڏينهن تائين ڪجهه به نه ڏٺو آهي.“ سائين ٻڍل جن‬‫فرمايو ته ” ادا، ڪڏهن نه ڪڏهن ڏسندين.“ ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد اسر جي وقت ٻڍل سائين جن نصير‬‫فقير کي حڪم ڪيائون ته ” ادا، ڪونئرو ڀري اچ.“ جڏهن نصير فقير ڪونئرو ڀري واپس موٽيو ته‬‫هادي سائين جن ظاهري صورت بدالئي اصلي صورت ۾ ٿي ويٺا. ٻڍل سائين مان نڪرندڙ روشنيَء‬‫سان ساري جاِء ڀرپور روشن ٿي پئي. جڏهن نصير فقير جي نظر انهيَء نور تي پهتي تڏهن هو بيهوش‬ ‫ٿي ڪري پيو.‬ ‫تجلي ويکهه ڪي موسى رهيا مدهوش مستي سي،‬ ‫شعاع شمع ڪي اوپر پلٽ پروان آيا هي،‬ ‫”سچل سائين“‬‫جڏهن انهيَء نوراني پرتو جو تاب حضرت موسى عليه السالم جهڙي مرد کي بيهوش ڪري ڇڏيو ته‬‫نصير فقير ويچاري کي ڪهڙي طاقت آهي جو هوش ۾ رهندو. صبع جو نصير فقير جڏهن هوش آيو‬‫ته ٻڍل سائين ان فقير کي چيو ته ” اسان وٽ اهائي ملڪيت آهي. جنهن الِء ماڻهو حيران آهن.“ پاڻ‬ ‫سائين جن هڪ شعر ۾ فرمايو اٿن ته.‬ ‫دلبر ساڏي ديري آيا عشق ڪيا آواز اتي،‬ ‫نوري نين حضوري چايس رمزن اليا راز اتي،‬ ‫جن مالئڪ حوران پريون ماڻهو ٿيا مشتاق اتي،‬ ‫شمس قمر تاري ڪتيان ٻهون ڇپاون تاب اتي،‬ ‫مور مرنگهه ٻيا سهسين پکي نوڙي ڪن پيا ناز اتي،‬ ‫رمز لڳي دل راضي پازي تاڙيون کليا طاق اتي،‬ ‫صحيح ٻڍل پڙهه ياد هميشه ڪلمه محمد پاڪ اتي،‬ ‫” ٻڍل سائين“‬ ‫91‬
  20. 20. ‫ٻين روايت‬‫مولوي گل محمد بروهي ويٺل ناڙي بلوچستان ڳالهه ڪيائين ته هڪ دفعي سائين جن جي حضور ۾‬ ‫ڪالم پئي چيائون ته…‬ ‫الف اندر ۾ ڪيو اجارو اڀريو سج حقيقت وارو،‬ ‫ٿيا نسورو نور، عاشق محبت ۾ مخمور‬ ‫” ٻڍل سائين“‬‫جڏهن اهوڪالم ٻڌو ته ٻڍل سائين جن کي عرض ته ” قبال! اهو حقيقت جو سج ڪهڙو آهي. پاڻ‬ ‫فرمايائون ته” مولوي صاحب ڪڏهن نه ڪڏهن ڏسندين.“‬‫هڪ رات ڇا ڏسان ته سج اڀريو بيٺو آهي سارو ملڪ روشن ڏسڻ ۾ پئي آيو. پر اندر جاين ۾ به‬‫اهڙي روشني آهي. وڻن ۽ جاين جو پاڇو به ڪو نه هجي. سوجهرو ئي سوجهروهو. مان سمجهيم ته سج‬‫اڀريو آهي ۽ رات گذري وئي آهي. وضو ڪري قرآن پاڪ جي تالوت ڪرڻ ويٺس. تالوت پوري ڪري‬‫اٿيس. ان کان پوِء ماڪو فقير ٻڍل سائين جن جي مال جي رکوالي ڪندو هو .ان کي وڃي اٿاريم ته ”‬‫سج اڀري ويو آهي. کير ڏهي دروازي تي پهچاِء.“ اهڙي طرح درگاه تي رهندڙ ٻين فقيرن کي به اٿاريم‬‫ته ” ڇا ٿيو آهي. اٿو جو اڃان ننڊ پيا آهيو. سج اڀري ويو آهي. گهڻي گوڙ ۽ شور ڪرڻ کان بعد ڏسان‬‫ته سج ته آهي ئي ڪو نه. رات آهي آسمان ۾ تارا بيٺا آهن. اهو ڏسي ڏاڍو حيران ٿيس. صبع جو جڏهن‬‫هادي سائين جن اچي تخت تي ويٺا ۽ پاڻ فرمايائون ته رات جيڪوڪجهه ڏٺئه اهو اٿي حقيقت وارو‬ ‫سج. جيڪو تو ڏٺو.“ مون عرض ڪيو ته ” برابر قبال ڏٺم.“‬‫پاڻ وڌيڪ فرمايائون ته ” مولوي صاحب جيڪڏهن اهو راز فاش نه ڪريو ها ته اها روشني قيامت تائين‬ ‫ڏسندو رهين ها.‬ ‫ٽين روايت‬‫بچل فقير جيڪو پاڻ درگاه جي فقيرن مان هو. هڪ دفعي چيو ته ”هڪ مائي سوال کڻي آئي. جنهن‬‫اچي هادي سائين جن جي حضور ۾ عرض ڪيو ته” سائين مان رڪن جي ڀر ۾ ويٺل آهيان. منهنجو‬‫ڏهن ٻارهن ورهين جو پٽ گم ٿي ويو آهي. جنهن کي ٻارهن مهينا ٿيندا. اهلل جي نالي تي مونکي‬ ‫02‬
  21. 21. ‫پنهنجو پٽ لهي ڏي. جيسين نه لهي ڏيندوء تيسين نه ويندس.“ ڪيترن ڏينهن کان مائي سوال ڪندي‬ ‫رهي.‬‫هڪ ڏينهن هادي سائين تڙ ڪرڻ الِء ميٽ جسم مبارڪ کي اليون ويٺا هئا ته مائيَء اچي کين ڏاڍو‬‫ستايو. جنهن تي ٻڍل سائين مائي کي فرمايو ته” درگاه کان ٻاهران جهنگل ۾ ڏس. متان ڪاٿهين‬‫تنهنجو پٽ لڀي وڃي.“ سندن فرمان موجب مائي ٻاهر نڪري جهنگ جي طرف کان ڏسي ته سندس پٽ‬‫وائڙن وانگر هيڏي هوڏي بيٺو نهاري. پنهنجي ماُء کي ڏسي ساڻس اچي مليو. ماُء پڇيس ته ” ڪاٿي‬‫هئين.“ سندس پٽ چيو ته ” مان رلندو پنندو وڃي الهور ۾ پهتس اتي اوچتو هڪڙو فقير جنهنجي‬‫جسم تي ميٽ ٿڦيل هو تنهن منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي هت اچي ڇڏيو آهي. هي سندس ميٽ واري‬‫هٿ لڳڻ جو ڏوري تي نشان اٿم.“ مائي چيس ته ” اهو فقير سڃاڻيدين؟“ ڇوڪري وراڻيو ته ” هائو‬ ‫سڃاڻندس.“‬‫ڇوڪري کي وٺي هاديَء سائين جن جي حضور آندائين. پري کان ڏسي ڇوڪري چيو ته ” هي اهو فقير‬ ‫آهي جنهن مونکي هت آندو آهي.“‬ ‫چوٿين روايت‬‫بچل فقير ڳالهه ڪئي ته هڪڙي رات درگاه واري بنگلي ۾ هادي سائين جن سان ڪوٺيَء ۾ ويٺا‬‫هئاسون ته اوچتو ٻڍل سائين جن کٽ تان اٿي دروازه جي چائٺ تي پير رکي، هٿ جو اشارو ڪري ۽‬‫وري اچي کٽ تي ويٺا. ٿوري دير بعد وري به ساڳيَء طرح ڪيائون. جنهن تي بچل فقير عرض ڪيو‬ ‫ته ” سائين هي ڪهڙو راز آهي؟“‬‫ٻڍل سائين جن فرمايو ته” هن وقت ڪوئٽه ۾ زلزلو ٿي رهيو آهي. منهنجو طالب يعقوب فقير بروهي‬‫مچ جو ويٺل هن وقت ڪوئٽه ۾ ترسيل هو. ان کي شهر کان ٻاهر ڪڍي زلزلي کان بچايم.“ ڪجهه‬‫ڏينهن گذرڻ بعد يعقوب فقير درگاه تي آيو. کانئس پڇا ڪئي ويئي. جنهن حقيقت ٻڌائي ته ”ڪوئٽه ۾‬‫ننڊ پيو هوس ته ڪنهن شخص اتان کڻي شهر کان ٻاهر جبل تي پهچايو. مان اتان اٿي وري شهر ڏانهن‬‫هلڻ جي ڪوشش ڪيم. وري هٿ وجهي مونکي فرمايائون ته مان تنهنجو مرشد آهيان ان الِء تو کي‬ ‫بچايان ٿو.“‬ ‫12‬
  22. 22. ‫پنجين روايت‬‫بچل فقير ڳالهه ڪئي ته هڪ فقير ذات جو بڪيجه لڳ ڪوٽ سلطان جي ويٺل سائين جن جو مريد‬‫هو اهو حج مبارڪ تي ويو هو. حج تان موٽي اچڻ بعد درگاهه تي گهمڻ آيو ۽ اچي حضور جن جي‬‫قدم بوسي ڪئي. ۽ سائين جن کي عرض ڪيائين ته قبله رهبر سائين! اوهان گهڻا حج ڪيا آهن.‬‫انهئ تي پاڻ فرمايائون ته مان اتي ويٺو آهيان ۽ ڪڏهن به حج تي ڪونه ويو آهيان. جنهن تي ان‬‫شخص عرض ڪيو ته سائين حج ڪرڻ وقت ڪعبه کي طواف ڪندي مون اوهان کي روبرو ڏٺو ته‬ ‫اوهان به حاجين سان گڏ طواف پئي ڪيو.‬ ‫ڇهين روايت‬‫هڪ مائي نالي جيئندي ذات ڀٽا ويٺل شڪارپور جي فقير سائين جن جي واقف ۽ درگاهه تي ايندڙ‬‫هئي. اها مائي حج تي وئي ۽ ست سال اتي رهي پئي. ست سالن کان بعد هوَء وطن واپس آئي. ۽ هادي‬‫سائين جن وٽ ملڻ الِء آئي. قدم بوسي بعد هن عرض ڪيو ته سائين مون هر هڪ حج تي ڪعبته اهلل‬‫۾ هميشه اوهان کي پئي ڏٺو ۽ روضه پاڪ ۾ هر جمع تي اوهان جو ديدار ٿيندو هيو. جنهن تي تي‬‫رهبر سائين جن فرمايو مان ته حج تي ڪونه ويو آهيان. جنهن تي مائي حاجياڻي کي جوش آيو. ۽ چوڻ‬‫لڳي ته مان ست ورهه اوهان کي بيت اهلل ۾ هر جمع تي روضي اطهر ۾ ڏسندي هيس...ڇا مان ڪوڙ‬‫ٿي هڻان؟ جنهن تي پاڻ فرمايائون ته مائي اهو راز فاش نه ڪر. انهن ڳالهه کي پاڻ وٽ رک. اهڙيون‬ ‫ڪيتريون حج تي ويندڙن حاجين ثابتيون ڏنيون.‬ ‫ستين روايت‬‫يعقوب فقير ڳالهه ڪئي ته جنهن وقت ٻڍل سائين جن جي ڪرامات جي دنيا جي جهان جو ظهور ٿيو.‬‫عام طرح ماڻهن اوهان ڏي وجوع ڪرڻ شروع ڪيو. ان وقت ڪن ماڻهن کي تعصب ٿيو ته انهيَء‬‫فقير کي هلي قتل ڪري اچئون. انهيَء ارادي سان هڪڙي ڏينهن ٻه ماڻهو هادي سائين جن جي‬‫ڪچهريَء ۾ آيا. فقير سائين جن انهن ماڻهن جو آدر ڀاُء ڪيو. ۽ يعقوب فقير کي چيائون ته ڪونئرو‬‫کڻ ته ٻاهر هلئون. ۽ انهيَء ٻنهن ماڻهن کي به چيائون ته ته هلو ته ٻاهر چڪر هڻي اچئون. پوِء جهنگ‬‫ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن جهنگ ۾ پهتا ته يعقوب فقير کان ڪونئرو وٺي پاڻ انهن کان جدا ٿي ڪنهن‬‫وڻ جي اوٽ اولي ۾ وڃي ويٺا. انهن ماڻهن ڏٺو ته هينئر فقير کي قتل ڪرڻ جو نادر موقعو آهي. سو‬‫پاسو وٺي ان جاِء ڏانهن روانا ٿيا. اڃا اچي ڏسن ته فقير صاحب جن جو جسم مبارڪ ست ٽڪر ٿيو‬ ‫پيو آهي. اهو حال ڏسي عبرت ۾ پئجي پوئتي موٽي اچي يعقوب فقير سان بيٺا.‬ ‫22‬
  23. 23. ‫پوِء گهڻي دير بعد پاڻ واپس آيا. انهن ماڻهن کي پاڻ فرمايائون ته اوهان جنهن مقصد الِء هتي آيا آهيو‬ ‫اهو پورو ڪيو. جنهن تي انهن ورندي ڏني ته اسان کي خدا واسطي معافي ڏيو.‬ ‫جنهن تي فقير صاحب جن فرمايو آهي؛‬ ‫رڳ رڳ اندر ڏي ريال لڳڙا بره سا ميال‬ ‫آيا دم دم ڪسڻ دا ويال وڃي گهور ساڻ گهايو‬ ‫”ٻڍل سائين“‬ ‫اٺين روايت‬‫فقير صاحب جن سئو ورهيه جي اندر ٻاهر جا هيا. پيرسن جي ضعيفي جي ڪري تڪليف اچڻ کان‬‫فقراه پيار وچان هادي سائين جن کي درگاه کان حويلي جي دروازي تي ۽ حويليَء جي دروازي کان‬ ‫درگاه تائين کٽ تي آڻيندا ۽ پهچائيندا هئا.‬‫هڪ ڏينهن دستور موجب جيئن جو چار فقير کٽ کي کڻڻ لڳا تي کٽ کڻي نه سگهيا. ان بعد ٻين‬‫فقيرن کي سڏيندا ويا ته جيئن هو کٽ کڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن. تان جو آهستي آهستي جيڪو به‬‫فقراه چاليهه پنجاهه ڄڻا هيا. سي به کٽ کڻي نه سگهيا. تنهن تي فقير صاحب جن کلي فرمايو ته ” ابا‬‫نٿا کڻي سگهو ڇا؟ چڱو ڀال هاڻي کڻو.“ پوِء دستور موجب چار ڄڻا کٽ کڻي حويلي جي دروازي تي‬ ‫پهچائي آيا. جنهن تي فقير صاحب جن پاڻ هڪ ڪالم ۾ فرمايو اٿن ته؛‬ ‫باري بار بره جو آيو بسم اهلل ڪري سر تي چاتم‬ ‫آيا نينهن نواب.....‬ ‫”ٻڍل سائين“‬ ‫32‬
  24. 24. ‫نائين روايت‬‫ميان داد فقير ڳالهه ڪئي ته رهبر سائين جن پنهنجي زبان مبارڪ سان فرمايو ته ”ميان داد، اسان‬‫ڪنهن طالب کي گهر ڪريون ته هزار ڪوهن جي فاصلي تان باطني راز سان گهرائي عشق وحدت جي‬‫عنايت ڪري سگهون ٿا. جنهن کي نه گهرئون ته درگاهه شريف تي آيل ماڻهوَء کي به اهڙا وسوسا دل‬ ‫۾ وجهي عشق وحدت جي راز کان محروم ڪري سگهون ٿا.“‬ ‫منْ يَهد َّللاُ فَال مضل لَهُ ، ومنْ يُضلِل فَال هَادي لَهُ‬ ‫ِ َ‬ ‫ْ ْ‬ ‫َ َ‬ ‫ُ ِ ه‬ ‫ِْ ه‬ ‫َ‬‫جنهن کي اسين گهريو آهي ۽ گهرندا سون اهو هن محبت جي ميدان ۾ اچي عشق االهيَء جو طالب‬ ‫ٿيندو ۽ عشق االهيَء جو ونڊ وٺندو.‬ ‫عشق اول درد دل معشوق پيدا مي شود‬ ‫گرنه سوزد شمع تا پروان شيدا کئي شود‬ ‫”شيخ سعدي“‬‫اهڙي طرح اڄ تائين ڏٺو ويو آهي من ۾ طلب رکي ڪيترا ماڻهو پري اوري کان اچن ٿا ته ڪن سان‬ ‫عشق وحدت جي ڀالئي ٿيندي رهي ٿي ۽ ڪي جهڙا اچن ٿا تهڙا واپس وڃن ٿا.‬‫جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سواِء گهر جي عشق وحدت جي ڀالئي ۽ عنايت ٿي نٿي سگهي بيشڪ ڪي‬‫ڪامل قلندرن ۽ قطبن جي اهي ڪم آهن ٻيو ائين نه ٿو ڪري . باقي عاشقن جو درجو انهن سڀني‬‫کان اڳاهون ۽ اعلي آهي ڇو ته جن پنهنجو سر سڃاتو اهي سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا. جنهن تي هادي‬ ‫ٰ‬ ‫سائين عنايت ڪري اهي هي روحاني منزل ماڻيندا آهن.‬ ‫جي سڃاڻين پاڻ کي ساڳي آهين سلطان تون‬ ‫عبد جو اولو ڪري آئين ٿي انسان تون‬ ‫”ٻڍل سائين“‬ ‫حديث؛ من عرف نفسه فقد عرف ربه‬ ‫حديث؛ من لهل موال فل هل ڪل‬ ‫42‬
  25. 25. ‫ڏهين روايت‬‫هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ميان داد فقير حضور اقدس ۾ عرض ڪيو ته ”مالڪ سائين، طالبن تي‬‫عشق وحدت جي عنايت ڪريو.“ پاڻ فرمايائون ته ” عشق وحدت جي ڀالئي سڀ ڪنهن طالب سان نه‬‫ٿيندي آهي. جيستائين طالب ۾ عادتون ۽ دلي گهر پيدا نه ٿيندي. پر جي ڀالئي ڪريان ته ساري جهان‬‫سان ڀالئي ڪري سگهان ٿو. جنهن وقت اها جزبات پيدا ٿيندي آهي ته هڪدم ڀالئي ڪندو آهيان. ۽‬‫جي ڀالئي ڪندو آهيان ته ان جي عيب ثواب ڏانهن به نه ڏسندو آهيان. راضي به خسيس نقطي تي‬‫ٿيندو آهي ۽ ناراض به معمولي ڳالهه تي ٿيندو آهيان. ڪنهن جي سفارش کي نه ڏسندو آهيان. پر جنهن‬ ‫سان ٻاجهه ڪيان ته پنهنجي وس ۾ آهي.“‬ ‫52‬
  26. 26. ‫(ڪريم بخش خالد)‬ ‫ٻڍل فقير‬ ‫وريو امت جو وارو، آيو نبي سونهارو،‬ ‫ِ‬ ‫سونهن سوڀارو.‬ ‫_ در در خوشيون، خير جو ٿيڙا،‬ ‫گهٽيَء گهٽيَء گلزارو.‬ ‫_ ملڪ ساري ۾ ٿيو مشهوري،‬ ‫نور جنهين جي جو نعرو.‬ ‫_ صدقي صدقي ساهه سڄڻ تؤن،‬ ‫سر گهوري نِيندس سارو.‬ ‫_ روح ’ٻڍل‘ جي کي ٿي روشنائي،‬ ‫ويو اندر جو ته انڌارو.‬‫هيُء روح ريجهائيندڙ ڪالم، جنهن ۾ سرور عالم، نبي آخر زمان رسول رحمت ﷺ جي آمد جو‬‫ذڪر آهي ۽ ان جي نتيجي طور، در در خوشيون ۽ خير، نور جا نرمل نظارا ۽ نينهن جا نعرا ڏسڻ‬‫پسڻ ۾ آيا، ٻڍل فقير جو آهي، جنهن کي عام طور ”ٻڍڙو فقير“ چوندا آهن. جن ماڻهن کيس‬‫زندگيَء ۾ ڏٺو، تن ڀلي ڀت ڄاتو ته هو ويراڳ ۽ تانگهه جي تپش ۾ پڪل، سگهو ۽ سونهارو‬ ‫درويش هو، جنهن ازلي آالپن جي ذريعي انسانن کي الست جو وساريل ورق ياد ٿي ڏياريو.‬‫شڪارپور ۽ سلطان ڪوٽ جي شاهاڻين شهرن جي وچ تي، چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ سان آباد‬‫بخشي انڙ جي ڳوٺ ۾، سال 3812ع ۾ فقير عبدالواسع جي گهر، هڪ نينگر ڄايو. سالن کان اوالد‬‫جي اوساٽ ته ختم ٿيس، پر عبدالواسع کي اها ڄاڻ نه هئي ته سندس نينگر سڄي ڄمار عشق‬‫االهيَء جا جام پيئڻ جي باوجود، اڃيو ۽ اوساٽيل ئي رهندو. خود کان بي خبر، مستانن جيان واٽن‬‫تي رهندڙ، جهنگ جاليندڙ، رنگ ڍنگ ۾ نرالو، ڳالهه ٻولهه ۾ بانولو، ٻڍل پنهنجي اباڻي ڪرت ۾‬ ‫لڳي ويو. ڍورن جو ڌنار، ڪلهي تي يڪتارو رکي، ياد ڪرڻ لڳو پنهنجو يار- چيائين:‬ ‫سگهڙو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون.‬ ‫ِ‬‫”فذڪروني اذڪر ڪم“ جو عملي تفسير ترت سامهون آيو بندو گهري ۽ بنده نواز نه ڏي- اِهواهلل‬‫جي سنت کان گه ڻو بعيد آهي، وهمن وسوسن ۾ ڦاٿل مائٽن ڪنهن آسيب جو واسو سمجهي،‬‫ستين ڦڪين، جهاڙن ۽ تعويذن سان، سندس تن جي تات ۽ من جي الت کي ماٺو ڪرڻ چاهيو؛ پر‬ ‫62‬
  27. 27. ‫اها درد جي دونهين، چت جي چڻنگ، عشق جي الن ۾ تبديل ٿيندي رهي- سندس شروعاتي زندگي‬‫مجذوبيَء ۾ مستيَء جي حالت ۾ گذري، ڪنهن مڻيا واري مرد جي ضرورت هئي جيڪو قلب جي‬‫قوت کي محبت جي ماهيي سان اڪسير بڻائي؛ دکي دلين جي درمان دور ڪري ۽ آتس عشق سان‬ ‫ِ‬‫ڪدورت ۽ نفرت کي ساڙي، سيتل سڪ سان سڀني کي سيراب ڪري. اهو مڻيادار مرد، پير سائين‬ ‫ِ‬‫حزب اهلل شاهه راشدي پير پاڳارو هو. سندس خاندان مان ميان علي سرور شاهه، هڪ لڱا ٻڍڙي‬‫فقير جي ڳوٺ آيو. سندس دردي آالپ ٻڌي، پنهنجي هڪ مريد، فقير فريد کي حڪم ڏنائين ته‬‫درگاهه تي وٺي اچوس. حضرت پير پاڳاري ٻڍڙي سائين کي ڏسي، پريان ئي هڪل ڪئي ته اِهو‬‫روهڙي وارو ’بيدل‘ فقير ته ناهي؟ بهرحال ويجهي اچڻ سان، ٻڍل رنڱجي ويو. پير پاڳاري ميان‬ ‫حزب اهلل شاهه فرمايو ته ”ٿانو سٺو آهي، صرف سنباڻ جي دير اٿس.“‬‫وجود جي ورق ڌوئڻ يعني نفس جي تزڪيه الِء، ذڪر االهيَء جي ضرورت آهي. دل هڪ ظرف آهي،‬‫جنهن جي مير ۽ ڪٽ جي ڪس کي صاف ڪرڻ الزمي آهي، انهيَءڪري صوفياڻيَء شاعريَء ۾‬‫دل يعني قلب جو بيان گهڻو اچي ٿو. دل کي ٿانو سان تشبيهه، بيدل فقير به ڏني آهي. هڪ طالب‬‫وٽس گهڻو وقت رهيو، پر کيس پلئه ڪجهه نه پيو، سو بيدل سائين کان چٺي وٺي، مخدوم محمد‬‫اسماعيلؒ پريالوِء وٽ ويو. فقير لکيو هو ته سالڪ وٽ ڪو ٿانو ئي ڪونهي، جنهن ۾ ڪجهه اوتي.‬‫مخدوم صاحب چٺي پڙهي، طالب تي نظر ڪئي، کيس ٻڌايو ته جيڪي ڪجهه سندس قسمت ۾‬‫هو، سو کيس ملي چڪو آهي. ٻه لفظ بيدل سائين الِء به لکي ڏنائينس. چي: جنهن کي ڪجهه ڏبو‬ ‫آهي، ان الِء ٿانو جو بندوبست به ڪبو آهي.‬‫سائين حزب اهلل شاهه به ٻڍڙي کي ٻلواڻ بنائي ڇڏيو. هڪ ئي نظر ۾ نينهن جو نظارو ٿي ويو.‬‫سندس هنيون حڪمت ۽ معرفت جو ماڻ بڻجي پيو ۽ دل دوئيَء جي دلدل کان وانجهي ٿي ويئي.‬ ‫ڪسبي علم جي ضرورت نه رهي ۽ عشق جا آالپ، جاالري جر جيان جاري ٿي ويا.‬‫ٻڍڙو فقير بنيادي طور ڪافيَء جو شاعر آهي. هن سنڌي اساسي شاعريَء جي روايت کي بحال‬‫ڪيو ۽ نيم ڪالسيڪي داستانن جهڙوڪ سسئي، مارئي ۽ سورٺ ۽ پنجابي قصي هير رانجهي‬‫کي ڳايو. عارفانه موضوعن تي، سندس بيت ۽ ڏوهيڙا، شاهه ڀٽائي ۽ سچل سائين جي رنگ ۾‬ ‫رنگيل آهن.‬ ‫سچل سائين جو هڪ مشهور ڪالم آهي:‬ ‫ڇوڙ گمان گدائي دا، شمال چا ٻڌ شاهي دا.‬ ‫72‬
  28. 28. ‫ٻڍڙي فقير به انهيَء زمين ۾ ڪافي چئي آهي.‬ ‫دنيا ڇوڙ ته دلبر ويکين، آهين نور االهي دا‬ ‫تو ۾ آهي ذات ظهورو، شمال چا ٻڌ شاهي دا‬ ‫_وحدت دي وچ گم ٿيُء ’غازي‘ مکڙا ويکين ماهيي دا‬ ‫_هِت هت عاشقن موجان ماڻين، پي پياال بقائي دا‬ ‫_عشق ’ٻڍل‘ اوکي باري، سودا ڪري صفائي دا‬‫اهڙي طرح سندس ٻين همعصرن جهڙوڪ مولوي عبدالغفور ’مفتون‘، همايوني ۽ فقير رکيل شاهه‬‫جي ڪالمن جون ڪڙيون ٻڍي فقير جي رسالي ۾ سندس پنهنجي رٿا ۽ ليِء سان روشن اچن ٿيون-‬ ‫ا‬ ‫مثال‬ ‫جن انسان ملڪ حوران ديو پريون‬ ‫تجلي تاب تنهنجي چوري ڪيون سي چريون‬ ‫ڪٺيون قرب تنهنجي، ڪيون ذوق ذريون‬ ‫موهي ملڪ سارو، تو مستان ڪيو...‬ ‫... تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيو.‬ ‫جوڳي جي تمثيل سان، هن ’حقيقت محمدي‘ جو اظهار ڪندي چيو آهي:‬ ‫جوڳي آدم ڪنون اڳي جو هيڙا‬ ‫سج چنڊا تارا پوِء پيدا ٿيڙا‬ ‫آدم پوِء بنايا ڙي-‬ ‫هِت مسافر آيا ڙي!‬ ‫معراج جي واقعي کي جانب جو جمال ۽ رب جو راز چيو اٿس:‬ ‫سيد تي راز ٿيو رب جو، ويو معراج تي جاني،‬ ‫نڪو سج هو، نڪو چنڊ هو، نڪي ڪتيون نڪي تارا،‬ ‫ِ‬ ‫هيو آدم کون به اڳهين، نبيَء جو نور نوراني.‬ ‫82‬
  29. 29. ‫فقير صاحب جو رسالو ٻه دفعا ڇپيو آهي. ان ۾ ڏوهيڙا، بيت، سسئي جي ڏاکڙي جا ٽيهه ڏينهن ۽‬‫122 ڪافيون آهن، جيڪي سادي سلوڻي زبان ۽ ليِء جي ڪري، گهڻي تاثر ۽ درد وارو صوفياڻو‬‫ڪالم آهي. مختصر ٻول، پنهنجي سادگيَء سببان، فقير صاحب جي خلوص، محبت ۽ ڀالئيَء جي‬‫ڀنڊار جي گواهي ڏين ٿا. 12 ڪافين ۾ نبي سڳوري جي نعت آيل آهي، جيتوڻيڪ سندس سمورو‬‫ڪالم گهڻو ڪري، آنحضرت ﷺ جن جي محبت سان ڀريل آهي ۽ هنڌين ماڳين رسول ڪريم‬‫ﷺ جي ذات اقدس ڏانهن قربائتا ۽ سڪ ڀريا اشارا ٿيل آهن. غزل ۽ ڪافي جي گهاڙيٽي ۾ نعت‬‫چوڻ ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه ناهي، البت بعض اوقات نعت جو تقدس مجروح ٿئي ٿو، ڇو ته نعت‬‫جو ’محبوب‘ پنهنجي شان ۽ صفتن ۾ گهڻو اعلي ۽ ارفع آهي، غزل ۽ ڪافي جي محبت جي ڀيٽ‬ ‫ٰ‬‫۾، ۽ ٻڍڙي فقير جو ڪالم انهيَء عيب کان آجو ناهي. بهرحال، ٻڍل فقير جي رسالي ۾، نبي‬‫اڪرم ﷺ جي آمد سببان بي پايان خوشي ۽ اٿاهه آس جو اظهار ملي ٿو ۽ وڇوڙي ۽ فرقت سببان‬‫فراق جا عاشقي آالپ، پاڻ ڪريم ﷺ جن کي ’ڪارڻي‘ بدران ’ضامن‘ چئي، ٻڍل فقير پنهنجي دل‬ ‫اطمينان ۽ موچاري آخرت جي يقين جو هن طرح بيان ڪيو آهي:‬ ‫سيد آڻي پار پهچايو‬ ‫جيڏيون جانب ڀلي ڪري آيو.‬ ‫آهي اسان نون خوف نه ڪوئي‬ ‫پڙهيو ڪلمو، ويو ڪفر سڀوئي‬ ‫محمد ﷺ ضامن آهي سيد سوئي‬ ‫سرتاج ٿي سمايو- سيد آڻي پار پهچايو.‬ ‫رڳان ’ٻڍل‘ جون تن جون تاران‬ ‫الف ميم پڙهن اختياران‬ ‫وچ سيني دي، ٿيا باغ بهاران‬ ‫گلن جوڙ بنايو- جيڏون جانب ڀلي ڪري آيو.‬‫ٻڍل فقير 81 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي. ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيس. آخري عمر ۾ سچي سالڪ‬‫جيان گوشه نشيني ۾ وقت گذاريائين. جيئن عمر وڌيس، تيئن قادر ڏانهن وڌيڪ لڙيو، سرير ڍلو‬‫ٿيندو ويس ۽ اکين جي ظاهري روشني به موڪالئي ويس- وچون پٽ مست مقيم، جيڪو سندس‬‫راز محرم دوست به هو، تنهن جي ناگهاني وفات، ويتر جند جهوري وڌس. سانت ۽ سڪون، تنهائي‬‫۽ ذڪر االهي جي عالم ۾، 21 شعبان 1392هه مطابق 12 آڪٽوبر 1912ع ۾ خميس جي ڏينهن وفات‬ ‫ڪيائين. ’طالب المولي فقير صاحب تارڪ الدنيا‘ مان اهائي تاريخ نڪري ٿي.‬ ‫ٰ‬ ‫92‬
  30. 30. ‫(پير علي محمد راشدي)‬ ‫سنڌ جو تصوف ۽ ٻڍل فقير‬‫سنڌ جي حق ۾ تصوف يا صوفي سلسلو باعث رحمت هو يا باعث زحمت، ان جو فيصلو هن وقت‬‫ڪرڻ مشڪل آهي. ڪن جو خيال آهي ته تصوف جي سيالب ۾ وهي وڃڻ سبب، سنڌين کي‬‫پنهنجي ديس جي سياسي آزادي ۽ اقتصادي ترقيَء جو ڪو اونو ڪونه رهيو. جنهن ۾ رهزن سنڌ‬‫تي ڪاهيو، ڪامياب ٿيو. درگاهون ۽ آستانا آباد، مگر سنڌ باقي هر معاملي ۾ بربادي ٿيندي ويئي.‬‫ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته تصوف جو ڪيف انسان کي دنيا کان ڇني هڪ اهڙي رستي تي‬‫وجهي ٿو، جنهن جي انتها وڃيو عالم باال ۾ ٿئي. ان کانسواِء، ان جي وسيلي انفراديت کي تقويت‬‫پهچي ٿي ۽ اجتماعي زندگيَء ۾ ڪمزوري واقع ٿئي ٿي. هر شخص پيو پنهنجي آخرت ۽ اڳئين‬‫جهان کي موچاري بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو. روحاني پڪ جو پيالو وڌيڪ پي ويٺو، ته مورڳو‬ ‫ِ‬ ‫تارڪ الدنيا ٿي وڃي جهنگ وسائيندو.‬ ‫ڪلهين ڦاٽو ڪنجرو، ۽ پيرن اگهاڙو‬ ‫منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾؟‬‫جنهن ”ڀنڀور“ جا بهترين ماڻهو دنيا کان تارڪ ٿي ويندا، ان ڀنڀور جو دنيوي ڪاروبار ڪير‬‫هالئيندو ۽ اهو خود ڪنهن جي حوالي ٿيندو؟ تصوف جي راهه تي قدم رکڻ کان پوِء دنيا ۽ آخرت‬‫جي معاملن ۾ پورو تناسب قائم رکيو اچڻ، هر ڪنهن ماڻهوَء جو ڪم نه آهي. اهو تناسب ۽ توازن‬‫فقط اهي چند بزرگ رکي سگهن ٿا، جن جو مقام عام سطح کان باال آهي ۽ اهڙا گهڻا ماڻهو هر‬ ‫سمي ۾ پيدا ٿين ٿا؟‬‫تنهنڪري، گهڻن مفڪرن جو اهو خيال آهي ته سنڌ جي اجتماعي ۽ خاص طرح سان سياسي‬ ‫زندگيَء کي غير متوازن ۽ عوامي قسم جي تصوف وگهي گهڻو نقصان پئي پهتو آهي.‬‫پر ان جي اها معني نه آهي ته اهو نقصان فائدي کان قطعاا خالي پئي رهيو آهي. مثال تصوف جي‬ ‫ا‬ ‫ٰ‬‫طفيل، سنڌ اندر، اوائلي زماني ۾، هندن ۽ مسلمانن جي زندگي ۾ ڪنهن حد تائين يڪرنگي پيدا‬‫ٿي وئي هئي. مسلمان بزرگن جا هندو مريد ٿيا، ۽ ڪيترن هندو سنتن جا معتقد مسلمان هوندا هئا.‬‫ان سلسلي اهڙي حد تائين ترقي ڪئي جو بيشمار هندو گهرن ۾ قرآن پاڪ جي تالوت ٿيندي رهي‬ ‫03‬
  31. 31. ‫۽ ڪيترن مسلمانن شوق سان گيتا جو اڀياس ڪيو. پوئين زماني ۾، جيڪڏهن سياسي حالتون‬‫غلط پلٽو نه کائين ها، ۽ هندن ۾ ملڪ گيريَء جي هوس پيدا نه ٿئي ها، ته شايد صوفي بزرگن جي‬‫ان پوکيل ٻج مان سنڌي قوميت جو ڪو شاندار وڻ نمودار ٿئي ها. اهو ته مون پاڻ به ڏٺو ته‬‫راڄوڻي فيصلن ۾ هندو قرآن مجيد جي قسم کڻڻ کان پوِء هرگز ڪوڙ نه ڳالهائيندا هئا ۽ نه وري‬ ‫مسلمان ئي ڪوڙ تي ”گيتا“ کي مٿي ڏيڻ الِء تيار ٿيندا هئا.‬‫ان طرح جي خيال مان ٻيو اهو فائدو حاصل ٿيو ته، سنڌ جي لٽريچر کي گهڻي هٿي ملي ويئي.‬‫جنهن به بزرگ تي اها روحاني ڪيفيت طاري ٿي، سندس دماغ ۽ زبان هڪدم کلي پيا. درد ڀريا‬‫ڏوهيڙا چوندو، سوز ڀريل ڪافيون ٺاهيندو، ۽ جيڪڏهن اظهار جي انهن طريقن مان به تسڪين‬‫حاصل نه ٿيس ته يڪتارو هٿ ۾ کڻي ميدان ۾ نڪري پوندو- پاڻ به بيتاب رهندو، دنيا کي به‬‫بيتاب ڪندو ويندو. گهڻن درويشن ته اڪتفا فقط ان يڪتاري تي به نه ڪئي، پيرن ۾ ڇيريون ۽‬ ‫هٿن ۾ گهنگهرو ٻڌائون- جنهن محفل ۾ داخل ٿيا، محشر مچائي ڇڏيائون!‬‫سچل سرمست، مصري شاهه، خير محمد فقير هيسباڻي ۽ ٻيا بزرگ اسان جي سانڀر کان اڳ ٿي‬‫گذري هئا. منهنجي ڏينهن ۾ اڃا ٻه درويش زندهه ۽ خاص طرح مشهور هوندا هئا: محمد فقير‬ ‫کٽياڻ حيدرآباد پاسي، ۽ ٻڍڙو فقير شڪارپور طرف.‬‫ٻڍڙو فقير، جنهن کي ”ٻڍل سائين“ به چوندا هئا، شڪارپور کان پنجن ميلن جي فاصلي تي، بخشي‬‫انڙ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. وڏي عمر کي رسي، 12 آڪٽوبر، 1912ع ۾ وفات ڪيائين. سندس والد‬ ‫جو نالو ميان عبدالواسع صاحب هو.‬‫ٻڍڙي فقير کي ننڍڙي کان ئي ”لنو“ ۾ ڪا ”لغار“ لڳل هئي. ڍورن چاريندي، پسڻ ٿي ويو هوس.‬‫هڪ ڏينهن، ذوق جي انتهائي غلبي ۾، سندس واتان هيَء ڪافي نڪتي (جا سندس پهرين ڪافي‬ ‫چوڻ ۾ اچي ٿي):‬ ‫سگهو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون!‬ ‫پويون بند هوس:‬ ‫عشق ”ٻڍل“ کي هو ٻنڌڻن الڪون،‬ ‫منهڙو ڍڪين ٿو ڇو محب اسان کؤن،‬ ‫روح رتو آ تن هي توهان کؤن،‬ ‫دم نه ٿجانِء تون ڌار، توڏي ٿا نهاريون!‬ ‫13‬
  32. 32. ‫چون ٿا ته ڪافي چوندي، غش کائي ڪري پيو. گهر- ڀاتين سمجهيو ته ڪنهن جن ڀوت جو پاڇو‬ ‫ِ‬‫پيو اٿس. دعائون ۽ ساٺ سوڻ شروع ڪيائون، پر بزرگ اڳ ۾ ئي ان مقام معلي تي پهچي چڪو‬ ‫ٰ‬‫هو، جت انهن شين جو ڪو چارو ڪونه ٿي چليو. پاڻ نتيجو هيُء نڪتو جو رهيل کهيل حجاب جو‬‫پردو ڦاڙي، پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي، هٿ ۾ يڪتارو کڻي، نچڻ ۽ڳائڻ نڪري پيو. خويشن عزيزن‬‫سمجهيو ته ”ڪل ٿڙي ويئي اٿس“ ۽ چريو ٿي پيو آهي. تنهنڪري ٻين عالجن سان گڏ، جسم تي‬‫ڏنڀ به ڏياريائونس. مگر فرق ڪو ڪونه پيو. پڇاڙيَء تائين پنهنجي حال ۽ درويشي خيال تي قائم‬ ‫۽ مستحڪم رهيو.‬‫منهنجيَء سانڀر ۾، سندس ڪالم ننڍي وڏي جي وات تي هوندو هو. ڪوبه ڳائيندڙ اهڙو ڪونه‬‫هوندو، جو شروعات ٻڍڙي فقير جي ڪالم سان نه ڪندو. ڪالم جي نموني طور، ٽي ڪافيون‬ ‫ڏجن ٿيون.‬ ‫ڪافي 2‬ ‫(طرز بيدل: سک رمز وجود وڃاوڻ دي، ناهي حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي.)‬ ‫سک رمز جيتي مرجاوڻ دي،‬ ‫ناهي حاجت هنر هالوڻ دي.‬ ‫شاهه منصور سر سولي ٻولي، رمز انهيَء سان اها ڳالهه چولي،‬ ‫لنو لنو دي وچ ڏتڙي لولي، اناالحق آالوڻ دي.‬ ‫علم عقل نون عشق نه مندا، جان جان هستي حال نه ڀندا،‬ ‫ڇوڙ تڪيا اِنهيَء خاڪي تن دا، نيت نه رک ول آوڻ دي.‬ ‫ڇوڙ دعوا هڪ درد ڪون گهن تون، بد هوائي دا بوتا ڀن تون،‬ ‫مرشد واري مام چا گهن تون، ڪر نه ڪسب ڪماوڻ دي.‬ ‫پڙهه پڙهه علم ڪيا فاضل هووين، مرڻ ڪنول اڳي مول نه مووين،‬ ‫جهڙا هووين تهڙا هووين، پڙهه آيت آپ وڃاوڻ دي.‬ ‫23‬
  33. 33. ‫”ٻڍل“ نفي اثبات ڪر ڄاڻين، وچ اپڻا دي آپ نه آڻين،‬ ‫ساري ذات صفات سڃاڻين، احدؤن عبد ڇپاوڻ دي.‬ ‫ڪافي 1‬ ‫(طرز فريد: بن دلبر شڪل جهان آيا.)‬ ‫وه دلبر ڪر سينگار آيا، هر صورت دي وچ يار آيا!‬‫ڪاٿي ميخاني تي مخمور ڏٺم، ڪاٿي شريعت ذوق ظهور ڏٺم.‬ ‫ڪاٿي سوري تي منصور ڏٺم، چئي اناالحق اظهار آيا.‬ ‫ڪاٿي تخت مٿي تيار ڏٺم، ڪاٿي چٽو چوڪيدار ڏٺم،‬ ‫ِ‬ ‫ڪاٿي ڪارائو تي ڪمدار ڏٺم، ڪاٿي ناچو ٿي نروار آيا.‬ ‫ڪاٿي عيسي روح اهلل ڏٺم، ڪاٿي ابراهيم خليل اهلل ڏٺم،‬ ‫ٰ‬ ‫ڪاٿي موسي ڪليم اهلل ڏٺم، ڪاٿي احد، علي اظهار آيا.‬ ‫ٰ‬‫ڪاٿي صحيح ” ٻڍل “ سلطان ڏٺم، ڪاٿي پڙهندا ياد قرآن ڏٺم،‬ ‫ڪاٿي ڳل جڻيا صنعان ڏٺم، ڪاٿي يوسف مصر بازار آيا.‬ ‫(9)‬ ‫تن مارن جا، ميان عمر، سور وڃن ٿا ساڙيون،‬ ‫پسان پيڪن جون پٽ تي، ويڙهيچن جون واڙيون.‬ ‫آُء ڪانگا ڪا تن جي، لنؤ هاڻي الت وري‬ ‫سانگيئڙن جي سڪ ۾، رئندي ڳچ پيا ڳري‬ ‫دم دم ڪريان ٿي دانهون، ڳوڙها ڳلن تي ڳاڙيون.‬ ‫رنجايل جي روح ۾، پلپل پور پون‬ ‫سانگيئڙن کي ساريو، نت نت نيڻ وهن‬ ‫بيوس ٿي هان بند ۾، روز ڪريان ٿي راڙيون.‬ ‫33‬

×